سياحتي ماڳن جا ريسورٽ نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو

سياحتي ماڳن جا ريسورٽ نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران صوبي جي چئن سياحتي ماڳن جا ريسورٽ نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هاڪس بي ريسورٽ ۽ رني ڪوٽ جو گيسٽ هائوس آئوٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته تفريحي ماڳن کي آئوٽ سورس ڪرڻ سان حڪومت تي بار نه رهندو،وڏي وزير پاران گهوٽڪي- ڪنڌڪوٽ پل جي اڏاوت جو ڪم رڪجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي،نگران وڏي وزير چيو ته رينجرز ۽ پوليس پاران سيڪيورٽي ڏيڻ باوجود ٺيڪيدار پل جي اڏاوت جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي،نگران وڏي وزير پاران ڪانٽريڪٽر کي نوٽيس جاري ڪري پل جي اڏاوت جو ڪم ٻيهر شروع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو