پشاور (ويب ڊيسڪ)سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول هڪ هفتي لاءِ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.انتظاميا سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب اسڪولن کي بند رکڻ جو فيصلو برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول 25 آگسٽ تائين بند رهندا.










