اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن اعظم خان سواتي جي گرفتاري تي احتجاج ڪيو.ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ميمبرن هٿن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو.پي ٽي آءِ سينيٽرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس آڏو احتجاج ڪيو ۽ اعظم سواتي کي آزاد ڪريو جا نعرا هنيا.ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله ڪورم پورو نه ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي، جنهن بعد سينيٽ ۾ گھنٽيون وڄايون ويون.سينيٽ ۾ ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو، جنهن تي پي ٽي آءِ سينيٽرن ڀڄڻ ڀڄڻ جا نعرا هنيا.










