سهيل آفريدي کي دهشتگردن جي سهولت لاءِ آندو ويو آهي: تارڙ

سهيل آفريدي کي دهشتگردن جي سهولت لاءِ آندو ويو آهي: تارڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جو هڪ گروهه آهي، جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو ويو ۽ هاڻي سهيل آفريدي کي نامزد ڪيو ويو آهي ته جيئن هو کليل طور تي دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪري سگهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير چيو ته اسان جي شهيدن جا خاندان پنهنجي عظيم حيثيت تي فخر محسوس ڪن ٿا، قوم ملڪ جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستاني ڌرتي جي بهادر پٽن جي عزم ۽ جذبي کي سلام پيش ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ انتشار پسند گروهه آهي جيڪو ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان کي ختم ڪيو ويو ۽ دهشتگردن کي واپس آندو ويو، هن چيو ته آپريشن ردالفساد ۽ ضرب عضب دوران سڄي قوم شاهدي ڏني ته اسان ڪاميابيون حاصل ڪيون، دهشتگردن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ويو، انهن کي جهنم ۾ موڪليو ويو ۽ ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، پر انهن دهشتگردن کي واپس آندو ويو ۽ سهولتڪاري اڄ به جاري آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو پورو انتشار پسند ٽولو دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، عمران خان جي ماضي جي بيانن ۾ چيو ويو هو ته اهي سٺا ماڻهو آهن، انهن سان ڳالهيون ڪري واپس آندو وڃي، پر اهي بيگناهه ماڻهن کي نه ٿا بخشين، اهي اسڪولن ۽ مسجدن تي حملو ڪن ٿا، هن چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص دهشتگردن جو مکيه سهولتڪار آهي ۽ دهشتگردن کي ان کان سهولت ملندي آهي پر اهي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته سهيل آفريدي کي وزير اعليٰ نامزد ڪيو ويو آهي، علي امين گنڊاپور سان شڪايت اها هئي ته هو دهشتگردن کي صحيح طريقي سان سهولت نه ڏئي رهيو هو ۽ انهن خلاف ڪارروائي کي روڪي نه سگهيو ۽ هو باني پي ٽي آءِ جي اميدن تي پورو نه لهي رهيو هو، تنهن ڪري کيس عهدي تان هٽايو ويو، عطا تارڙ دعويٰ ڪئي ته عمران خان چيو ته هڪ اهڙي شخص کي آڻيو جيڪو اعلانيل مراد سعيد جو ويجهو ساٿي آهي ۽ دهشتگردن جي حوالي سان نرم گوشو رکي ٿو، سهيل آفريدي کي آندو ويو ته جيئن هو دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي مڪمل حمايت ۽ فروغ ڪري سگهي، هن چيو ته مان تحريڪ انصاف ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت تي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي پاليسي اسلام آباد ۾ ٺهندي آهي ۽ ٺهندي رهندي، ملڪ جي سيڪيورٽي پاليسي ڪابل ۾ نه ٺاهي ويندي، هن چيو ته هو ڪڏهن به ڪابل ۾ سيڪيورٽي پاليسي ٺاهڻ ۽ دهشتگردن کي خيبرپختونخواهه تي حاوي ٿيڻ نه ڏيندو، گذريل 12 سالن کان توهان جي حڪومت جي باوجود، صوبي ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته لنڊن جي عدالت جي فيصلي پي ٽي آءِ جي بيانيي کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، دنيا جي مختلف ڪنڊن ۾ ويٺل اهي انارڪسٽ هاڻي ڪهڙي وات سان پاڪستان جي رياست يا فوج خلاف ڳالهائي سگهن ٿا، هن فيصلي کان پوءِ انهن وٽ ڪو به جواز ناهي بچيو، اهي پاڪستان ۽ لنڊن جي عدالتن ۾ به شڪست کائي ويا، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان ان موقعي تي چيو ته علي امين گنڊاپور کي 2 عورتن جي ڪري هٽايو ويو، کيس بشريٰ بي بي ۽ عليمه خان جي ڪري هٽايو ويو، هن چيو ته لڳي ٿو ته علي امين کان پوءِ هاڻي بئريسٽر گوهر جو وارو آهي، پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه کان شروع ٿيندي ۽ اتي ختم ٿيندي، عمران خان صرف هڪ ڳالهه چئي آهي، مون کي رياست سان ٽڪراءُ ڪرڻو آهي، مان پاڪستان ۽ فوج کي بدنام ڪرڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو