حسن ناز سومرو
سنڌ ۾ ٿيل تازي برساتن کان پوءِ پوري سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي ڪشمور کان وٺي ڪراچي تائين سموري سنڌ ۾ برساتن رانڱا ڪري ڇڏيا آھن اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جا ماڻھو پريشاني واري حالت ۾ آھن جڏھن تہ غريب مڻھو جن کي رھڻ لاءِ اجھو بہ نہ آھي اھي بي يار و مددگار رستن ۽ روڊن تي بي وسي واري زندگي گهاري رھيا آھن، برساتي پاڻي بيھڻ ڪري سنڌ جي ھر شھر ۾ گيسٽرو بيماري ھڪ وباءَ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي ضلعي خيرپور ۾ تہ معصوم ٻارڙا ايتري حد تائين بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا آھن جو اسپتالن ۾ بيڊن جي ڪمي پيدا ٿي پيئي آھي جڏھن تہ اتان جي عوام سنڌ سرڪار کي گشتي ٽيمون موڪلڻ ۽ معصوم ٻارڙن جون زندگيون بچائڻ جي اپيل پڻ ڪئي آھي پر افسوس جو سنڌ سرڪار اڃان تائين گھري ننڊ ۾ ستل آھي، پوري سنڌ جنھن ۾ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٺل، جيڪب آباد، ڳڙھي خيرو، گڙھي ياسين، رتو ديرو، لاڙڪاڻو، شڪارپور، سکر، گهوٽڪي، پنوعاقل، ميرپور ماٿيلو، ڏھرڪي، اوٻاڙو، خيرپور، محرابپور، پڊعيدن، دوڙ، نوابشاھ، سڪرنڊ، نيو سعيد آباد، ڀان سعيدآباد، ھالا، ڀٽ شاھ، ميھڙ، دادو، سيوھڻ، سن، ڄام شورو، ڪوٽڙي حيدرآباد ۽ ڪراچي پڻ شامل آھي جتي ڪيترن ئي ڏينھن کان مينھن جو پاڻي بيھڻ ڪري نہ فقط مڇرن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آھي پر ان سان گڏ مکين بہ انتھا ڪري ڇڏي آھي، ھن وقت سنڌ ۾ مليريا جي وبا سان گڏو گڏ مکين جي ڪري گيسٽرو جي وباءَ عروج تي پھتل آھي پر ھن مھل تائين سنڌ جي ڪنھن بہ يونين ڪائونسل، ڪنھن بہ ٽائون ڪميٽي، ڪنھن بہ ميونسپل ڪميٽي ۽ ڪنھن بہ بلديا پاران ڪنھن بہ قسم جو ڪوبہ نوٽيس نہ ورتو ويو آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ مليريا ۽ گيسٽرو ھڪ وباءَ جي شڪل اختيار ڪري رھي آھي، سنڌ جي ٽائون ڪميٽين، ميونسپل ڪاميٽين ۾ ھر مھيني لکن ۽ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ايندي آھي پر خبر نہ آھي تہ اھا بجيٽ الائي جي ڪيڏانھن ھلي وڃي ٿي جڏھن تہ ٽائون ڪاميٽيون ۽ ميونسپل انتظاميہ فقط مينھن جي پاڻي کي بہ نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آھن.
ھن وقت سنڌ ۾ برساتون پوڻ کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آھي سا انتھائي ڳڻتي جوڳي آھي پر افسوس جو سنڌ سرڪار بہ ان پاسي کان ڪن لاٽار ڪيون ويٺي آھي، پوري سنڌ سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد جي اھا حالت آھي، جتي ھيٺاھان علائقا آھن اتي پاڻي گندي حالت ۾ اڃان تائين بيٺل آھي ۽ پوري حيدرآباد شھر کي مکين ۽ مچرن ولو ڏيئي ورتو آھي ھن وقت جيڪڏھن توھان مارڪيٽ ۾ ڪھڙي بہ شيءِ خريد ڪرڻ ويندو اھا شيءِ توھان کي مکين جي جهرمٽ سان ڍڪيل نظر ايندي ۽ گراھڪ مکين کي اڏاري بعد ۾ ان شيءِ جو معائنو ڪندو آھي ۽ جڏھن گراھڪ اھائي مکين جي استعمال ٿيل شيون گهر کڻي وڃي ٿو تہ اھا شيءِ جڏھن ننڍڙا ٻار بغير ڌوئڻ جي کائن ٿا تہ يڪدم معصوم ٻارڙن کي گيسٽرو ٿي وڃي ٿي پر انتظاميہ پاران مکين توڙي مچرن کي مارڻ لاءِ ڪنھن بہ قسم جو اسپري نہ ڪرايو ويو آھي جنھن جي نتيجي ۾ مليريا ۽ گيسٽرو وبائي شڪل اختيار ڪري رھي آھي.
ھن وقت پوري سنڌ سان گڏ حيدرآباد جي علائقن جي او آر ڪالوني، بنگالي ڪالوني، بابن شاھ ڪالوني ۽ لطيف آباد نمبر 2، 4، ۽ 6 مکين ۽ مڇرن سان ڀريا پيا آھن پر ميونسپل انتظاميہ ڪنھن بہ قسم جو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناھين.
حيدرآباد جي وڌندڙ آبادي جي ڪري ھتي صفائي جو بہ ڪافي فقدان آھي صفائي جو عملو ھڪ مھيني ۾ ھڪ ڀيرو مشڪل سان ايندو آھي ۽ ائين ئي نوساڙا ماري واپس ھليا ويندا آھن پر ميونسپل انتظاميہ سندن خلاف ڪنھن بہ قسم جو ايڪشن ناھين کڻڻدي جنھن جي نتيجي ۾ اڄ حيدرآباد جا ڪيترائي علائقا کنڊرات جو ڏيک ڏين ٿا.
ھن وقت برسات جو پاڻي بيھڻ ڪري جڳہ جڳہ تي کڏا کٻا پاڻي سان ڀريا پيا آھن جتي مڇرن ۽ مکين جي افزائش ٿي رھي آھي ۽ اھي مکيون ۽ مڇر نہ فقط رات جو پر ڏينھن جو بہ ماڻھن جو سک ۽ چين ڦٽائي ڇڏيو آھي سو ان باري پوري سنڌ جي يونين ڪائونسلز، ٽائون ڪاميٽين، ميونسپل ڪميٽي ۽ بلديہ سان گڏ خاص ڪري حيدرآباد شھر جي ميونسپل ڪاميٽي ۽ بلديہ وارن کي گذارش ڪجي ٿي تہ ھو پوري سنڌ سان گڏ حيدرآباد ڏانھن بہ ڪجھ توجھہ ڏين، مکين ۽ مچرن جو خاتمو آڻي عوام کي مليريا ۽ گيسٽرو جھڙي موذي مرض کان بچايو وڃي تہ جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگهي.










