اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ معياري صحت جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن. ڪنهن به صوبي ۾ سنڌ جهڙيون سهولتون موجود نه آهن. سنڌ ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار هن صدر هائوس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ميزباني ۾ منعقد ڪيل خصوصي بريفنگ دوران ڪيو.
بريفنگ ۾ مختلف ملڪن جا سفير ۽ سفارتي عملي جا ميمبر، پاڪستان ڀر مان ڪاروباري برادري جا نمائندا، ۽ اسلام آباد جي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جا نالي وارن صحافين شرڪت ڪئي.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت ڪندڙن کي “سنڌ جي تبديليءَ جي ڪهاڻي” بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو. هن صحت، تعليم، آبهوا ۽ پاڻي، امن امان، سماجي تحفظ، معيشت، توانائي ۽ آمد و رفت سميت مختلف شعبن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي تفصيل سان پيش ڪيو. بريفنگ ۾ 2008 کان 2025 تائين جو عرصو شامل هو، جنهن دوران سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي آهي. ان ۾ انهن شعبن جي شروعاتي حالتن، هن عرصي دوران ٿيندڙ ترقي، ۽ مستقبل جي رخ بابت به وضاحت ڪئي وئي.
صحت جي شعبي جون خدمتون
چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته صحت لاءِ بجيٽ 2.9 سيڪڙو مان وڌائي 10 سيڪڙو ڪئي وئي، ڇو ته پيپلز پارٽي صحت کي ڪا سهولت نه پر عوام جو بنيادي حق سمجهي ٿي. 2008 ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ۾ 1,100 بسترا هئا، جيڪي پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران وڌي 2,028 ٿي ويا. هن وقت JPMC ۾ ٽي سائبر نائيف سهولتون موجود آهن، جتي مفت طبي علاج مهيا ڪيو وڃي ٿو. هتي 178 شهرن ۽ 24 ملڪن جي مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي، جن مان 50 سيڪڙو کان گهٽ سنڌ جا آهن، جڏهن ته 31 سيڪڙو پنجاب، 11 سيڪڙو خيبر پختونخواهه، 7 سيڪڙو بلوچستان ۽ 5 سيڪڙو ٻيا ملڪ شامل آهن. 600 بسترن تي ٻڌل 12 ماڙ نئين عمارت تعمير هيٺ آهي، ۽ 2028 تائين JPMC جي مجموعي گنجائش 3,200 بسترن تائين پهچي ويندي.
NICVD ۽ SICVD پنهنجي قيام کان وٺي 29 لک مريضن جو علاج ڪري چڪا آهن، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو پرائمري ڪارڊيولاجي پروگرام بڻجي چڪو آهي. هن وقت سنڌ ۾ 11 اسپتالون ۽ 30 چيسٽ پين يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن.
سنڌ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسپتال
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH) ۾ بسترن جو انگ 3,400 مان وڌائي 5,750 ڪيو ويو آهي، جيڪو دنيا ۾ هڪ ئي اسپتال ۾ سڀ کان وڌيڪ بسترن جو انگ آهي.
SIUT ۾ 7,700 گردن جا ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا آهن ۽ 45 لک مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي، جنهن سان مجموعي طور 3 ڪروڙ 50 لک ماڻهن کي مفت فائدو مليو آهي. GIMS ۾ 2016 کان جگر جا ٽرانسپلانٽ ٿي رهيا آهن، ۽ هينئر تائين 1,362 ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا آهن. انهن مريضن مان رڳو 47 سيڪڙو سنڌ جا هئا، جڏهن ته 35 سيڪڙو پنجاب، 15 سيڪڙو بلوچستان ۽ 4 سيڪڙو خيبر پختونخواهه جا هئا.
بنيادي صحت جي شعبي ۾ چائلڊ لائيف فائونڊيشن سان سهڪار تحت 1 لک 75 هزار مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ موت جي شرح 2.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا پاڪستان ۾ سڀ کان گهٽ ۽ قومي اوسط کان به هيٺ آهي، ۽ مجموعي طور 16 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
تعليم جي شعبي ۾ ڪيل خدمتون
تعليم بابت بريفنگ ڏيندي چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته 1947 کان 2008 تائين سنڌ ۾ رڳو ڏهه يونيورسٽيون ۽ ٻه ڪيمپس هئا، جڏهن ته 2025 تائين اهو انگ وڌي 30 يونيورسٽيون ۽ 18 ڪيمپس ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته شاگرد ۽ استاد جو تناسب، جيڪو 2008 ۾ 50:1 هو، هاڻي گهٽجي 35:1 ٿي ويو آهي۔ ان کان علاوه 129 نوان ڪاليج قائم ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت هر سال 4,000 ميرٽ اسڪالرشپ ڏئي ٿي ۽ 10 آٽزم سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن.
عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ جا ڪم
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO) تحت 14 لک عورتن کي غربت مان ڪڍيو ويو آهي. عورتن کي بغير وياج قرض ڏنا ويا، جن جي واپسي جي شرح 98 سيڪڙو رهي آهي.
2022 جي ٻوڏ دوران سنڌ جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو هو، جنهن سبب 21 لک گهر تباهه ٿيا. سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) منصوبي تحت سنڌ حڪومت 21 لک گهر تعمير ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو آهي. اهي گهر آبهوا جي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي قابل آهن، جن مان 75 هزار گهر مڪمل ٿي چڪا آهن. هن منصوبي ذريعي 10 لک ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ٿيو آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته انهن گهرن جي ملڪيت عورتن جي نالي ڪئي وڃي ٿي، جيڪو عورتن لاءِ اثاثن جي مالڪي جو دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ بسون ۽ پنڪ بسون شروع ڪيون ويون، جڏهن ته عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ پنڪ اسڪوٽي منصوبو پڻ متعارف ڪرايو ويو.
زراعت جي شعبي لاءِ خدمتون
بلاول ڀٽو ٻڌايو ته زراعت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي 1 لک 98 هزار هارين ۾ 21 ارب رپيا ورهايا آهن. ان کان علاوه 4,110 ڪلوميٽر واهن جي لائيننگ ڪئي وئي ۽ 57 هزار ڪلوميٽر روڊ تعمير ڪيا ويا. سنڌ حڪومت درياهه سنڌ تي سڀ کان وڏو پل پڻ تعمير ڪيو آهي.
توانائي جي شعبي جا ڪم
چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته توانائي ملڪ لاءِ هڪ وڏو چئلينج هئي، ۽ هاڻي سنڌ حڪومت پنهنجي ونڊ انرجي پروگرام تحت 1,845 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. 2 لک خاندانن کي سولر انرجي يونٽ فراهم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ وڌيڪ 2 لک 75 هزار يونٽ ڏيڻ جو منصوبو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪراچي لاءِ ٽي وڌيڪ سولر منصوبا جاري آهن. خاص اقتصادي زون قائم ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترائي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور پهريون ڀيرو 1993 جي چونڊ منشور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پيش ڪيو هو. سنڌ اينگرو ڪول ڪمپني ان ماڊل جو بهترين مثال آهي. ٿر ڪوئلي منصوبي سان 3 هزار نوڪريون پيدا ٿيون، جن مان 71 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي مليون، ۽ پهريون ڀيرو ٿرپارڪر ۾ عورت ٽرڪ ۽ ڊمپر ڊرائيور به ڪم ڪندي نظر آيون.
ٽيڪس وصولي جي بيس وڌائڻ
چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته جڏهن وفاقي حڪومت پهريون ڀيرو سنڌ کي سروسز تي سيلز ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو چيو ته اها رقم 16.6 ارب رپيا هئي، پر صرف هڪ سال ۾ سنڌ حڪومت ان کي وڌائي 28 ارب رپيا ڪري ڇڏيو. اڄ سنڌ 316 ارب رپيا سيلز ٽيڪس گڏ ڪري رهي آهي. هن زور ڏنو ته اين ايف سي تحت صوبن جو حصو گهٽائڻ سان مالي مسئلا حل نه ٿيندا، بلڪه ٽيڪس گڏ ڪرڻ جا اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن. رڪارڊ تي سنڌ سيلز ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ سڀ کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. ٻين صوبن به وفاق جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته صوبا ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ وڌيڪ اثرائتا آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبن کي ترغيب ڏيڻ گهرجي ته مقرر هدف کان وڌيڪ گڏ ڪيل ٽيڪس آمدني کين پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي.










