ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباهي ٿي آهي. هن اھا ڳالھھ اڄ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ ترڪيءَ جي جنرل قونصل ڪيمل سانگو سان ملاقات دوران ڪئي. ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪمن بابت ملاقات ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو تھ اسان ترڪ حڪومت جا ٿورائتا آھيون جن ٻوڏ متاثرن لاءِ شروع کان ئي امداد موڪلي. وڏي وزير چيو ته اسان وٽ خيمن ۽ مڇردانين جي کوٽ آھي. ترڪي جي قونصل جنرل ڪيمل سانگو چيو ته ترڪ حڪومت سنڌ جي عوام سان گڏ آھي ۽ امدادي ڪمن ۾ وڌيڪ هٿ ونڊائيندي.










