ليکڪ ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
ڪافي وقت پهريان سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن اندر جڏهن ڌاڙا، ڦرون، چوريون، ڦرلٽ عروج تي وڌندي وئي ته ان وقت مقامي سطح جي پوليس ڪمانڊرن توڙي جو لاڳاپيل ڊي آءِ جيز جي ڇوٽ ملڻ کانپوءِ حد جي ٿاڻي جي پوليس عملدارن پاران هاف فراءِ، فل فراءِ يعني جيئن ويئو پئي تيئن ئي مذڪوره ڊيوزنن جي مختلف ضلعن اندر مارا ماري ٽنگون ٻانهون ڀڄڻ جو سلسلو عام ٿي ويو هو، مطلب ته شل نه ڪٿي پوليس کي ڪنهن ڏوهي توڙي بي ڏوهي بابت ڪا ڄاڻ ملي، پوءِ مقامي پوليس سُڪن سان گڏ ساوا به ساڙي تباهه ڪري ڇڏيا، اهڙي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جو ڪو به لفظ شروعاتي وقت ۾ ته عام ماڻهن کي سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيو پر بعد ۾ اهو ڪوڊ لفظ عام ٿي ويو ۽ هڪ چوڻي جيان مشهور به ٿي ويو.
وقت جي رفتار سان جيئن جيئن انهن پوليس عملدارن يعني حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز پاران ناحق ماڻهن کي معذور ڪرڻ توڙي جو لاتعداد ناحق ماڻهن کي مارڻ جا واقعا ميڊيا جي زينت بڻجڻ کانپوءِ انڪوائرين کانپوءِ ڪوڙا به ثابت ٿيا ۽ اعليٰ آفيسرن کانپوءِ عدالتن ۾ به پيروي هيٺ اچڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي ڪيس داخل به ڪيا ويا، عدالتن پاران اهڙن واقعن جي جاچ ڪرائڻ بعد انهن پوليس عملدارن ۽ ڇوٽ ڏيندڙ آفيسرن پاران اِهو ڪوڊ لفظ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ وقتي طور ختم ڪيو ويو هو، ان ڏينهن دوران اڳتي هلي اهو ڪوڊ لفظ ۽ پوليس جي مليل ڇوٽ نه رڳو سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن تائين محدود رهي پر سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ خاص ڪري صوبي جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد تائين ته اهڙو ڪوڊ لفظ استعمال ڪندي هتان جي پرامن شهرين مان اڻ ڳڻين نوجوانن کي معذور ته ڪٿي وري موت جي ننڊ سمهاريو ويو، حالانڪه جيڪڏهن قانون جي نظر سان ڏٺو وڃي ته جهڙي ريت پوليس پاران اهڙا واقعا بدامني جي نالي پٺيان ڪيا پئي ويا، سي سراسر مڪمل قانون جي خلاف ورزي ئي چئي سگهجي ٿي، ڇو ته شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي سزا به نٿي ڏني وڃي پر قانون چئي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو خلاف اوهان کي تِر جي داڻي برابر شڪ نظر اچي ته اوهان ان جو فائدو به جوابدارن کي ڏيو، هتي پوليس پاران رڳو ڪنهن مخبر پاران ڪوڙي مخبري ڪري پنهنجا پلاند وٺڻ لاءِ پوليس کي اطلاع مليو ئي نه هجي ته ٻئي ڏينهن ماڻهو کي گهران پڪڙي ڪوڙا پوليس مقابلا ڏيکاري ناحق ۽ سرعام گولين جي منهن چاڙهيو پئي ويو، پر خير جڏهن اهڙا واقعا جڙتو ثابت ٿيا ته اهڙي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪوڊ لفظ ۾ گهٽتائي به اچي وئي هئي ۽ ڪجهه سالن تائين پوليس پنهنجا پير سنڀاريا.
تازو هڪ دفعو ٻيهر سڄي سنڌ سميت صوبي جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ روزانو جي بنياد تي اهڙا هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن، گذريل ڪجهه مهينن کان مقامي سطح جي پوليس شهر جي مختلف ٿاڻن اندر پوليس مقابلا ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي معذور ڪيو آهي، ڪڏهن لطيف آباد ته ڪڏهن وري حسين آباد ٿاڻن جي حد اندر نوجوانن کي هڪ دفعو ٻيهر پوليس خوب ڪوڙا داد حاصل ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن پهريان آئون سب ڊويزن قاسم آباد جي علائقي ۾ ٿاڻي تي ذاتي ڪم سبب ويو هئس ته اُتي مقرر ايس ايڇ او نهايت فرض شناس ته ضرور آهي پر هن مختصر ٽائيم ۾ ملڻ دوران ٻڌايو ته سائين وڪيل صاحب معاف ڪجو هڪ وڏي ڏوهاري کي سندن گهران پڪڙي کڻي آيو آهيان، وڃان پيو ايس پي صاحب وٽ ۽ بعد ۾ کڻي وڃي مقابلو ڏيکاري هاف فراءِ ڪريانس ٿو، يعني هن صوبيدار صاحب ڏاڍو ديده دليري ۽ انتهائي آزاداڻي لفظن ۾ ڳالهه شيئر ڪئي ۽ لفظن جي بلڪل پرواهه به نه ڪئي ته ڪٿي اِهي منهنجا لفظ غلط نه سمجهيا وڃن، هي آهي اڄ اسان جي هيڏي وڏي صوبي جي ٻئي نمبر وڏي ٿاڻن جي حالت، جتي ڪنهن عام ماڻهن کان وٺي قانون جي رکوالن تائين ڪا پرواهه به نه ٿي ڪئي وڃي، ماڻهن کي سرعام گهرن مان گهلي کڻي مقابلا ڏيکاري هميشه لاءِ معذور ڪيو ٿو وڃي. خبر ناهي ته اِهو ڪهڙو قانون اجازت ڏئي رهيو آهي، مجموعي طور انهن معذور جوابدارن جا ڪيس ايف آءِ آرون داخل ٿيڻ کانپوءِ عدالتن اندر اچن ٿا ۽ سراسر ڪوڙ تي مبني هجڻ کانپوءِ سئو سيڪڙو ملزم عدالتن مان بري ٿي وڃن ٿا، تازو مون وٽ ٽي اهڙي قسم جا ڪيس ضمانت کانپوءِ ٽرائيل لاءِ به مليا، اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ منهنجي طبيعت بهتر نه هجڻ ڪري ساٿي دوست ايڊووڪيٽ امتياز علي عباسي صاحب ۽ گڏوگڏ منهنجي شاگرد وڪيل ياسر خان کوسو ڪيس هلايا ۽ ٽن چئن حاضرين کانپوءِ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت انهي هاف فراءِ ڪيل جوابدارن قاسم پٺاڻ ۽ ٻين سڀني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، حيرت سان چوڻو ٿو پوي ته جيڪڏهن پوليس انهن جوابدارن کي ڪنهن سڳ سوڌو گرفتاري ڪري مقابلي دوران انهن کي معذور ڪري ٿي ته پوءِ سندن خلاف ڪيس ثابت ڇو نٿو ٿي سگهي، اِن مان صاف ظاهر آهي ته پوليس هٿرادو ڪيس ٺاهي ماڻهن کي ڪٿي ماري ته ڪٿي وري همشه لاءِ معذور ڪري سندن ٻچن جو گذر سفر ڪرڻ کان لاچار ڪري ٿي ڇڏي، اهڙو ريشو اڄڪالهه هن پُرامن شهر جي رهواسين جو مقدر بڻجي چُڪو آهي، نتيجي ۾ جڏهن اُهي هاف فراءِ ٿيل ملزم عدالتن مان آزاد ٿي واپس اچن ٿا ته يقينن هڪ بدامني جي باهه ڀڙڪي ٿي اُٿي، جيئن اڄڪلهه سڄي حيدرآباد سميت خاص طور قاسم آباد سب ڊويزن جي مختلف ٿاڻن اندر روزانو ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان ڦرلٽ عام ٿي چُڪي آهي، ڏوهاري ماڻهو سرعام ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي ڪٿي دوڪانن ۾ اندر داخل ٿي لکين روپيا ڦرلٽ ڪري رهيا آهن ته ڪٿي وري گهرن ۾ داخل ٿي ڦرون ڪرڻ ۾ رُڌل آهن. هر روز قاسم آباد سميت پوري شهر حيدرآباد جي ڪنهن به علائقي مان ٻه چار ڦرلٽ چوري جون وارداتون معمول بڻيل آهن. حيدرآباد جي پُرامن شهرين کي مسلسل اهڙين وارداتن سخت مايوسي ۾ وُڪوڙي ڇڏيو آهي، خاص طور ڪاروباري ماڻهو هن وقت اڄ کان ڪجهه سال پهريان جيان سخت خوف واري زندگي گهارڻ ۾ پورا آهن، ٻئي طرف مسلسل ڦرلٽ جي واقعن سان گڏوگڏ اغوا جون خبرون به اڄ ميڊيا تي زينت بڻيل آهن، مارڪيٽ ايريا جي واڍن جو پڙ مان هڪ معصوم ٻار ماهر سومرو جي اغوا سميت سبزي منڊي جي رهواسي پيرسن سميت هن وقت مجموعي طور ٽن ڄڻن جي اغوا جون خبرون اچي چُڪيون آهن، جنهن ڪري مغوين جي وارثن ۾ سخت مايوسي واري لهر ڇانيل آهي. پرامن شهر سمجهيو ويندڙ حيدرآباد ۾ تازي ڏکي صورتحال کانپوءِ شهري ڏينهن هجي توڙي جو راتا، انهن لاءِ پنهنجي ٻارن ٻچن سميت آزاد تفريح لاءِ نڪرڻ معمول هوندو هو پر اڄ ڪالهه سندن روزانو پيش ايندڙ واقعن ۽ گڏوگڏ مقامي سطح جي پوليس جي غير سنجيدگي کانپوءِ شهرين عيد ويجهو اچڻ کانپوءِ به ماضي جيان کليل نموني ٻاهر نڪري خريداري توڙي جو گهمڻ ڦرڻ کان قاصر ٿيندا پيا وڃن. ساڳئي وقت حيدرآباد سميت مُک علائقي قاسم آباد جتي بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي، اُتي اهڙن ڏکوئيندڙ واقعن کانپوءِ رڳو مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز جون روايتي بدليون ٿينديون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون باقي صورتحال بدستور ساڳي ئي هجڻ کانپوءِ ڪنهن به اقتدار ڌڻي يا ڪنهن سياسي توڙي سماجي ڌرين طرفان اڄ سوڌو اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪنهن به قسم جي پيش رفت نظر نه پئي اچي، هن وقت پوري شهر حيدرآباد توڙي جي ٻهراڙي خاص طور قاسم آباد ۾ بدامني واري صورتحال کانپوءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد کي واقعن جو سختي سان نوٽيس وٺي ڪي فرض شناس ۽ ذميوار پوليس آفيسر مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪري، پُرامن شهرين ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪرائي.










