سنڌ ۾ هندو برادري سان ٿيندڙ زيادتين جو اڻ کُٽندڙ داستان!

سنڌ ۾ هندو برادري سان ٿيندڙ زيادتين جو اڻ کُٽندڙ داستان!

ليکڪ ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
سنڌ جي اُتر لاڙ ٿر توڙي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ هندو برادري طويل عرصي کان آباد آهي، اڳ ورهاڱي کان پهريان ته هن صوبي جا وڏا وڏا زميندار ۽ ڪامورا آفيسر به هندو هوندا هئا پر ورهاڱي کانپوءِ جڏهن ملڪ پاڪستان خاص ڪري سنڌ مان هندو برادري جي لڏ پلاڻ ٿي ته انهيءَ دور ۾ هڪ نئون سسٽم جڙيو، گهڻي ڀاڱي سنڌ ڌرتي تي پيدا ٿيندڙ ۽ سندن موج ۽ مستين ۾ زندگيون گذاريندڙ اُهي هندو هندستان طرفان لڏپلاڻ ڪري ويا، جن لڏپلاڻ ۽ انهيءَ ڏکين گهڙين بابت انڊيا جي مشهور ليکڪ لڇمڻ ڪومل پنهنجي ڪتاب ’وَهي کاتي جا پنا‘ ۾ جيڪو ڪجهه ماضي تي لکيو آهي، سو ته يقينن پڙهڻ وٽان به آهي، مون وٽ اُهو ڪتاب وهي کاتي جا پنا سندن منهنجي مرحوم استاد پروفيسر احمد علي شيخ پڙهڻ لاءِ ڏنو هو ۽ آئون دستور موجب انهي ڪتاب جا 40 کان مٿي موضوع پڙهيا ۽ انهي ڏينهن دوران مون کي سائين مظفر صادق ڀٽي (مرحوم) فون ڪري چيو ته اهو ڪتاب ڪجهه وقت مون کي پڙهڻ لاءِ پهچائي وڃ، پوءِ توکي واپس ڪندس، اتفاق سان اڄ سائين مظفر صادق ڀٽي، اسان جي صفن ۾ نه آهي. هاڻ اها خبر ناهي ته اُهو لڇمڻ ڪومل جو لکيل ڪتاب وَهي کاتي جا پنا سندن ڪهڙي ڪنڊ ۾ سمايل هوندو ۽ گڏوگڏ اڄ حيدرآباد جي تمام گهڻن ڪتاب گهرن ۾ به اهڙو ڪتاب ملڻ ئي مشڪل آهي.
ورهاڱي وقت جتي گهڻي ڀاڱي هندو برادري انڊيا طرف رُخ ڪيو ته ڪجهه تعداد ۾ اتر ۽ ڪاڇي ڪوهستان اندر هندو برادري رهجي وئي، حالانڪه جيڪي هندو هتي رهجي ويا سي گهڻي ڀاڱي ڪي وڏا وڏا زميندار ته ڪونه هُئا پر چيو پيو وڃي ته اتر جي انهي هندو برادري جيڪي هتي ورهاڱي دوران رهجي ويا ته انهن کي تنهن دور جي مسلمانن سندن پنهنجن گهرن ۾ ترسايو ۽ جڏهن حالتون معمول تي اچي ويون ته انهن هندو برادري عقلمندي جو مظاهرو ڪندي هڪ شهر ۽ ڳوٺ ڇڏي سندن پسگردائي ۾ نوان شهر ۽ ڳوٺ اڏيا ۽ جيڪڏهن ڪي اڏيل شهر ۽ ڳوٺ به هئا ته انهن وڃي آباد ڪيا. پاڻ کي اڄ تائين اتر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ راڌڻ، اڏيرو لال ۽ ٺارومل مان ٺارو شاهه جهڙا شهرن جا نالا ملندا، جيڪي پراڻي دور ۾ انهي هندو برادري آباد ڪيا هئا، مون کي ته حيدرآباد جي لجپت روڊ، تلسي داس روڊ ۽ هيرآباد سميت جڏهن مختلف علائقن گاڏي کاتي وارن علائقن تي انهن پراڻي طرز تي ڪاٺ سان جڙيل ٺهيل خوبصورت گهرن تي نظر پوندي آهي ته يقينن اهو گهر جيڪو لجپت روڊ جي مصروف ترين بازار ۾ تارا چند ۽ مولچند جي نالي سان جڙيل گهر جيڪو سن 1940ع ۾ ٺهيل نظر ايندي ۽ ساڳئي وقت سن 1947ع جي ورهاڱي تي به نظر پوندي آهي ته يقينن اکين مان لڙڪ لڙي ٿا اچن ته ڪيئن تارا چند ۽ ڀاءُ مولچند ڪيتري، محنت ڪري اِها حويلي ٺهرائي هوندي ۽ ٺيڪ 7 سالن کانپوءِ جڏهن اُها حويلي انهن ڀائرن کان کسي وئي ته سندن دلين مان ڇا گذريو هوندو.
حيدرآباد جا پراڻا رهواسي ٻڌائين ٿا ته شهر جي عاليشان ۽ پوش علائقي هيرآباد جيڪو به هيرا ۽ نند نالي هندو ڀائرن آباد ڪيو، تنهن هيرآباد جي روڊن کي شام جي وقت نه صرف پاڻي سان ڌوئي صاف ڪيو ويندو هو پر گڏوگڏ طرح طرح خوشبودار پاڻي سان ڌوتو به ويندو هو، حيدرآباد کان علاوه مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون ته اسان جي علائقن جا هندو برادري خاص طور اونهاري جي موسم ۾ جڏهن شام جي وقت اُهي پنهنجن گهوڙن کي وهنجاريندا هئا ته گڏوگڏ انهي سڄي گهٽي کي نوڪرن هٿان پاڻي سان صاف ڪرايو ويندو هو يعني هندو برادري نه رڳو اڄ پر ورهين کان هڪ شانائتي ۽ مانائتي زندگي گذاريندڙ هئي.
انهيءَ ڳالهه ۾ ته شڪ نه آهي ته لاڙ ڪاڇي ڪوهستان توڙي جو اڪثريت ۾ رهندڙ ٿر جي هندن ۽ اُتر ۾ رهندڙ هندن جن کي واڻيو چيو ويندو آهي تن جي شاهوڪاري ۽ معاشي طور پوزيشن ۾ يقينن فرق آهي، اتر جي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ جتي واڻيو رهي ٿو ان سان گڏ ٿوري تعداد ۾ باگڙي، ڪولهي، ميگهواڙ ۽ اوڏ به رهائش پذير آهن پر مجموعي طور انهن ٻنهي ڊويزنن جي مڙني ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ جيڪو عام ۽ خاص ڪاروبار آهي. سو هندو برادري يعني واڻيو ڪري ٿو ۽ يقينن انهيءَ علائقن ۾ هندو برادري ڪاروبار جي ذهنيت بڻيل آهن. مون مختلف وقتن تي اِها ڳالهه به واضح ڪئي آهي ته انهي ڊويزنن جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ هندو برادري جي رهڻي ڪهڻي جو مثال ملڻ به مشڪل آهي. نه رڳو ڪاروباري، آفيسر شاهي، خاص طور تي ميڊيڪل فيلڊ ۾ نوجوان هندو ۽ سندن نياڻيون مسلمانن کان چار قدم قابليت ۾ اڳتي آهن، پاڻ نهايت هڪ مثالي زندگي گذاريندڙ آهن ۽ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر گهٽ ۾ گهٽ طاقت به رکن ٿا، گڏوگڏ انهي هندو برادري جي وفاداري جو ته ڪو مثال به نٿو ڏئي سگهجي، مقامي سطح تي اُهي هندو برادري مسلمان ڀائرن کي هر ڏک ۽ سک ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ٿا ڇڏين پر افسوس ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن پاڻ ڊاڪٽر نمرتا جي موت جو پردو يا رنڪل ڪماري جو واقعو گڏوگڏ انهن هندو برادري جي نياڻين جا مذهب مٽرائي سندن والدين کان ڳوڙها ڳاڙايون ٿا، ڪٿي سندن مندرن مٿان حملو ڪيو ٿو وڃي، ته ڪٿي انهن جي رستا روڪ ڪري زبردستي ڦرون ڪيون ٿو وڃن ته ساڳئي وقت 5 سالن جي معصوم پريا ڪماري کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي وري پوجا اوڏ جو رت سان ريٽو لاش ڏنو ٿو وڃي، هي سڄي اڄ جي مجموعي صورتحال کانپوءِ اتر سنڌ جي مڙني علائقن خاص طور تازو جيڪو سکر ۾ انهي مسڪين، بي پهچ ۽ بي سهارا صاحب اوڏ جي گهر ۾ ان وقت انهي بدمست واحد لاشاري پاران پنهنجن ساٿين سان گڏ سڀ حياءُ جا ليڪا لتاڙي هڪ نوجوان نياڻي کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن يقينن نياڻي جا مائٽ سندن گهر ۾ موجود نه هئا ته جوابدارن پاران نارا ڪئنال تي قائم ڳوٺ فقير محمد جتوئي جي هڪ گهر ۾ داخل ٿي نياڻي پوجا اوڏ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهي نياڻي سخت مزاحمت ڪئي، تنهن دوران جوابدارن پاران نياڻي پوڄا کي مٿي ۾ گولي هنئي، جنهن سبب هن موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پاڻ هونئن جيڪڏهن مجموعي طور اتر سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري سان مختلف وقتن تي ٿيندڙ انهن افسوسناڪ واقعن تي نظر وجهنداسون ته پاڻ کي اڻ ڳڻيا واقعا نظر ايندا، عام ماڻهو اِهو سوال به ڪن ٿا ته آخر انهي هندو ڪميونٽي سان ڪڏهن اغوا، قتل، ڦرلٽ جهڙن واقعن ۾ گهٽتائي بدران اضافو ڇو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب اڄ اُتان جا پُرامن هندو ڀائر انتهائي مايوسي ۾ ورتل آهن. تازو سکر واري واقعي کانپوءِ يا ان کان اڳ پيش ايندڙ پريا ڪماري جي اغوا بعد مقامي سطح جي مختلف سياسي مذهبي توڙي سماجي تنظيمن پاران هندو برادري سان يڪجهتي طور سخت احتجاج جو رد عمل ته ڏيکاريو ويو آهي پر اڄ سوڌو هاڪاري موٽ نه ملڻ ڪري اتر سنڌ جي مختلف ضلعن شهرن ۾ ورهين کان رهندڙ اڄ هندو برادري لڳي ائين رهيو آهي ته هو ڪٿي مايوسي ۽ پنهنجن عزتن خاطر ورهاڱي وارين گهڙين کي تازو نه ڪري وجهن ته پوءِ اڄ جا اُهي سينگاريل ۽ آباد شهر آئنده وقت ۾ ڪٿي انهن غير آباد کاهي، گيهل پور ۽ اڏيرو لال اسٽيشن شهرن جهڙا منظر نه پيش ڪن، پوءِ اسان جي هندو برادري جي غير موجودگي ۾ مسلمان ڀائرن کي وڌيڪ پڇتائڻو نه پوي.
advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو