ليکڪ: اوشاق علي بليدي
سنڌ جي اترين ضلعن ۾ جاري قبيلائي جهيڙا اڄ ان خطرناڪ موڙ تي اچي بيٺا آهن، جتي انساني رت جي قيمت پاڻيءَ کان به سستي ٿي وئي آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جديد دور جي هن صديءَ ۾، جتي دنيا مريخ تي گهر اڏڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، اتي اسان جو سماج پٿر جي دور واري وحشت ۽ جهالت جي اونهي کاهيءَ ۾ ڇو ڦاٿل آهي؟ هيءَ رڳو ٻن ڌرين جي جنگ ناهي، پر اسان جي مجموعي شعور جي شڪست آهي.
قبيلائي تڪرارن جي اها باهه هاڻي رڳو پرائي دشمن تائين محدود ناهي رهي، پر هن ناسور اسان جي گهرن ۽ رت جي رشتن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ان جو تازو ۽ روح ڏڪائيندڙ مثال ڳيريلي ويجهو ڳوٺ غلام محمد بليدي جو واقعو آهي. جتي زرعي زمين جي معمولي تڪرار تان اهي هٿ، جيڪي هڪ ٻئي جي طاقت هئڻ گهربا هئا، سي هڪ ٻئي جي رت جا پياسا بڻجي ويا. هن خوني جهيڙي ۾ ٻه قيمتي جانيون ته ضايع ٿيون، پر ان کان به وڌيڪ هانءُ ڏاريندڙ منظر تڏهن سامهون آيو جڏهن رياست جا مبينا ”محافظ“ ان باهه ۾ تيل هاريندي نظر آيا.
ڳوٺ غلام محمد بليديءَ جي هن واقعي ۾ انسانيت جي تذليل جي هڪ نئين ۽ ڪاري تاريخ لکي وئي آهي. جتي هڪ پاسي قبيلائي انا هئي، اتي ٻئي پاسي قانون جا رکوالا چادر ۽ چارديواريءَ جو تقدس پامال ڪندي گهرن ۾ گهڙي ويا. اهي نياڻيون، جن جا پيءُ ۽ ڀائر جهيڙي جي خوف کان روپوش هئا، تن جي اکين اڳيان پوليس اهلڪارن سندن سڄي عمر جي ڪمائي لٽي ورتي.
افسوس جو مقام آهي ته پوليس پاران گهرن مان اناج جو هڪ هڪ داڻو کڻڻ سان گڏ، انهن معصوم نياڻين جي ڏاج جو سامان به لٽيو ويو، جيڪو سندن مائٽن پنهنجي رت پگهر جي ڪمائيءَ مان هڪ هڪ پائي گڏ ڪري جوڙيو هو. گهرن ۾ ٻڌل بي زبان جانور به نه بخشيا ويا؛ پوليس اهلڪار اهي جانور ڪاهي ويا، ڄڻ ته اهي ڪنهن ڏوهاريءَ جي ملڪيت نه پر مالِ غنيمت هجن. هي واقعو ثابت ڪري ٿو ته جتي سرداري نظام جابر آهي، اتي اسان جي انتظامي ڍانچي جو به اخلاقي طور ڏيوالو نڪري چڪو آهي.
انهن تڪرارن جي پاڙ اڪثر ڪري معمولي ڳالهين ۾ هوندي آهي، پر ان کي وڏي خوني جنگ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم اهي بااثر ماڻهو ڪندا آهن، جن جي سياست ۽ سرداري انهن لاشن تي پلي ٿي. جڏهن به ٻن ڌرين ۾ ٺاهه جي ڪوشش ٿئي ٿي، تڏهن اهي قوتون سرگرم ٿي وڃن ٿيون جيڪي چاهين ٿيون ته عوام تعليم ۽ ترقيءَ بدران مورچن ۾ ويٺل هجي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن علائقن ۾ قبيلن وٽ اهي جديد هٿيار ڪٿان ٿا اچن، جيڪي شايد اسان جي پوليس وٽ به ناهن؟ رياست جي رٽ تڏهن ختم ٿي ويندي آهي جڏهن ڏوهاري پوليس کي اغوا ڪن ٿا ۽ بدلي ۾ پنهنجا ماڻهو ڇڏائين ٿا.
انهن جهيڙن جي ڪري سنڌ جو سماجي توازن بگڙجي ويو آهي. تعليمي ادارا ”اوطاقون“ بڻجي ويا آهن، اسپتالن ۾ عملو وڃڻ کان ڊڄي ٿو، ۽ امن امان جي خراب صورتحال سبب واپار ختم ٿي چڪو آهي. هاري، جيڪو سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، سو اڄ ٻنيءَ ۾ وڃڻ بدران هٿ ۾ ڪلاشنڪوف کڻي پنهنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ آهي.
سنڌ اڄ پنهنجي شعوري بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي. جيڪڏهن هن ناسور کي ختم ڪرڻو آهي ته: بي لاڳ آپريشن: رياست کي گهرجي ته بغير ڪنهن سياسي فرق جي هٿيارن کان پاڪ ڪري.
پوليس جو احتساب: ڳوٺ غلام محمد بليديءَ جي واقعي ۾ ملوث انهن اهلڪارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جن نياڻين جو ڏاج لٽيو.
سردارن جي مصلحتن تي بندش: جيڪو به بااثر شخص جهيڙي جي پشت پناهي ڪري، ان کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.
جيڪڏهن اڄ اسان جي دانشورن، حڪمرانن ۽ رياستي ادارن گڏجي هن باهه کي نه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته پوءِ تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ پرامن ۽ قلم دوست سنڌ ڏيڻي پوندي، نه ڪي خوني تڪرارن ۽ لٽيل گهرن جو ورثو.










