ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ فوت ٿيل ملازمن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا ختم ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ڪابينا فوتي ڪوٽا ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.فوتي جي ڪوٽا ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ فوتي ڪوٽا تحت وڌيڪ ڀرتيون نه ٿينديون.










