سکر( ن س ) سنڌ ۾ 6 مهينن دوران غيرت جي نالي تي 123 ڄڻا قتل، 9 عورتن کي گهريلو تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڪاروباري ڪيسن ۾ جيڪب آباد پهرين نمبر تي آهي، سماجي تنظيم پنهنجي 6ماهي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.سنڌ ۾ عورتن جي حقن ۽ ادارن سان زيادتي جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سنڌ سهائي آرگنائيزيشن چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو. ۔ شڪيل ميمڻ سان گڏ سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هلندڙسال 2023 ۾ جنوري کان جون جي 6 مهينن دوران 123 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جن ۾ 91 عورتون ۽ 32 مرد مارجي ويا، جيڪب آباد ضلعو پهرين نمبر تي رهيو، جنهن ۾ 12 عورتن سميت 19 ڄڻا قتل ڪيا ويا. 7 مردن کي قتل ڪيو ويو، ٻئي نمبر تي ڪشمور ضلعو آھي جتي 11 عورتن سميت 16 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته شڪارپور ضلعو ٽئين نمبر تي آهي، جتي غيرت جي نالي تي 12 مردن ۽ عورتن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته سکر ضلعي ۾ 10 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو 9 عورتون ۽ هڪ مرد قتل ٿيو . خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 5، 5 ۔گهوٽڪي ضلعي ۾ 7، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 32 عورتن ۽ 14 مردن کي ان پراڻي رسم تحت قتل ڪيو ويو، ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهرن ۾ 9 عورتن کي قتل ڪيو ويو. هن چيو ته 6 مهينن جي عرصي ۾ عورتن کي رڍن ۽ ٻڪرين جيان قتل ڪيو پيو وڃي، اها صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ڳوٺن کان پوءِ شهرن ۾ به قبائلي سوچ پکڙجي رهي آهي، عورتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ان سوچ جو سبب نظام ئي آهي، قتل کان علاوه عورتن کي حراسان ڪرڻ جا واقعا به وڌي رهيا آهن، سنڌ ۾ عورت پوليس اسٽيشنن ۽ عورت آفيسرن جي تعداد ۾ گهٽتائي سبب عورتون پنهنجن مسئلن جو اظهار ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته قبائلي جهيڙا به سنڌ لاءِ هڪ مسئلو آهن، پوليس اڃا تائين انهن تڪرارن جي اصل جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن ۾ مردن ۽ عورتن کي قتل ڪيو پيو وڃي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وڏيون دعوائون ڪرڻ بجاءِ قانون تي عمل ڪرايو وڃي ته قتل واقعا رڪجي سگهندا۔










