سنڌ ۾ سرڪاري اسڪول هفتي ۾ 6 ڏينهن کلندا، نجي اسڪولن تي لاڳو نه ٿيندو

سنڌ ۾ سرڪاري اسڪول هفتي ۾ 6 ڏينهن کلندا، نجي اسڪولن تي لاڳو نه ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار علي شاهه چيو آهي ته صوبي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ هفتي ۾ 6 ڏينهن تعليمي سرگرميون جاري رهنديون. تعليم کاتي سنڌ پاران ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنهن موجب سنڌ جا سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول پهرين آگسٽ کان کلي ويندا ۽ تعليمي عمل هفتي ۾ 6 ڏينهن تائين جاري رهندو. پر هاڻي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سوشل ميڊيا تي تعليم کاتي جي ان نوٽيفڪيشن جي وضاحت ڪئي آهي.سيد سردار علي شاهه موجب، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ تحت سمورا سرڪاري اسڪول پهرين آگسٽ 2026ع کان هفتي ۾ 6 ڏينهن تعليمي سرگرميون جاري رکندا. هن وڌيڪ لکيو ته نجي (پرائيويٽ) تعليمي ادارن تي سرڪاري اسڪولن جي هفتي وار ڪم جي ڏينهن واري پاليسيءَ جو لاڳو ٿيڻ لازمي ناهي، اهي پنهنجي پاليسيءَ موجب ڪم جا ڏينهن ۽ وقت طئي ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو