سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ صورتحال جو ذميوار ڪير ؟

ليکڪ خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ جي تعليمي صورتحال گذريل ڪافي سالن کان خراب حالتن ۾ آھي ۔انھي ڏس ۾ ڪافي ڪوششون ورتيون ويون آھن پر اڃان به بھتر حا لت نه ٿي سگھي آھي ۔تمام گھڻا بند پيل سرڪاري اسڪول اين جي او وارن پنھنجي حوالي ڪري انھن کي نئين سري سان ھلائڻ جي به ڪوشش ڪئي آھي ۔پر اڃان به تمام گھڻا اسڪول بند پيا آھن جن جي ڪابه سار سنڀال ڪونه ٿي ڪئي وڃي ۔اسان وٽ صرف ڪلچر کي ھٿي ڏيارڻ لاء ثقافتي پروگرام ۽ اوطاقون ٺھرايون وينديون آھن ۽ انھن جي سوشل ميڊيا تي پبلسٽي پڻ ڪئي ويندي آھي ۔لکين روپيا خرچ ڪري صرف پنھنجي ذاتي انا ۽ شخصيت کي چمڪائڻ خاطر وڏيون وڏيون اوطاقون ٺھرائي ان ۾ قيمتي فرنيچر غلم غاليچا سجايا ويندا آھن ۔ان کان علاوه درگاھن جا اوتارا به شاندار نموني ٺھرايا ويندا آھن جتي درگاه جا گدي نشين ۽ پير مريد ۽ مجاور پنھنجو آستانو ٺاھي عام ماڻھن تي ھڪ اثر ڇڏيندا آھن ته اسين به ڪي آھيون ميدان ۾ اھا سموري صورتحال پوري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آھي جتي دگاھن تي وڏا ميڙا ملاکڙا به لڳن ٿا۔پر اڄ ڏينھن تائين ڪنھن به رئيس وڏيري يا ماني مڇي واري پنھنجي علائقي جي اسڪول ڏانھن ڪوبه ڌيان نه ڏنو آھي ته ڪجھ پئسا خرچ ڪري ڳوٺ جي اسڪول کي پڪو ڪيو وڃي يا وري اتي فرنيچر ۽ ٻي ڪا ضرورت پوري ڪئي وڃي ۔اھو ان ڪري ته ھو اسڪول کي پنھنجو اسڪول ڪونه ٿا سمجھن ڪافي سال اڳ ۾ حڪومت اسڪولن جي لاء ساليانو فنڊ رکيو ھو ته انھي فنڊ مان اسڪول جي مرمت ۽ ٻيون گھرجون پوريون ڪيون وڃن ۔انھي ڏس ۾ حڪومت سڳوري اسڪول جي ھيڊ ماسٽر ۽ ڳوٺ جي چڳي مڙس تي مشتمل ھڪ ڪميٽي پيرنٽس ٽيچر ايسوسي ايشن پي ٽي اي جو قيام عمل ۾ آندو ھو ته جئين ڳوٺ وارا ۽ اسڪول انتظاميه پاڻ ۾ گڏجي مسئلا حل ڪن پر اھو عمل چند اسڪولن ۾ ٿيو۔تمام گھڻن اسڪولن ۾ اھي ٻئي اڳواڻ سڀ پئسا ھضم ڪري ويا ۔اسڪولن جي حالت جئين جو تئين رھي ۔اھي ڪميٽيون به ختم ٿي ويون ۽ فنڊ به لڙھي ويا جئين ٻوڏ جي دوران ٿيندو آھي ۔سنڌ جي باشعور عوام سدائين اخبارن ۽ سوشل ميڊيا وسيلي آواز اٿاريندو رھندو آھي ته تعليم کپي تالا نه کپن انھن جي اھا جدوجھد جاري آھي ۔انھي ڏس ۾ سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو به تعليم کي عام ڪرڻ لاء اھم رول رھيو آھي ان کان علاوه سنڌ جون مختلف سماجي سياسي تنظيمون ۽ ادارا به تعليمي ڏينھن ملھائي ڪري تعليم کي عام ڪرڻ جا جتن ڪن ٿا۔پر اڃان ان ۾ خاطرخواه ڪاميابي حاصل نه ٿي آھي ۔تعليم کاتو انھي ڪم کي کڻي ته ڪونه ڪو نتيجو نڪري سگھي ٿو ۔پر ھو ائين ڪرڻ لاء تيار نه آھن ۔ثقافت جو ته ڏينھن وڏي پئماني تي ملھايو وڃي ٿو ۔لکن جي تعداد سنڌي پريس ڪلب تي گڏ ٿي ڪري پنھنجي ھڪ ھجڻ جو ثبوت ڏين ٿا ۔پر تعليم جي لاء ائين لکن جي تعداد ۾ ڪابه ريلي ۽ سيمينار نه ٿيا آھن ۔ھي مسئلو سنڌ جي مستقبل کي روشن ڪرڻ جو آھي ۔تعليم کي بچائڻ ۽ ان کي سستو ڪرڻ وقت جي حڪمرانن تي لازم ٿو ٿئي ته ھو انھي ڏس ۾ قدم کڻن جئين سنڌ جي ھر غريب جو ٻار آساني سان تعليم حاصل ڪري سگھي ۔پرائيوٽ اسڪولن ۾ ايتري ته فيس مھانگي ھوندي آھي جو غريب جو ٻار ان اداري ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر ھوندو آھي ۔اھي پرائيوٽ ادارا معاشري ۾ ڪڌي ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويا آھن ۔ٻئي پاسي سرڪاري اسڪولن جي حالت انتھائي خراب لڳي پئي ھوندي آھي ۔اتي ڪي به بنيادي سھولتون ميسر نه ھونديون آھن ۔نه بجلي نه پاڻي ھوندو آھي ۔اسڪولن ۾ اسٽاف جي کوٽ ھوندي آھي ۔يا وري سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ اردو ٻولي وارا استاد رکيا ويندا آھن ۔اھي سڀ مسئلا تعليمي ترقي کي پوئتي ڪن ٿا ۔جن جي ڪري سنڌ جي تعليم تباه و برباد لڳي پئي آھي ۔ھڪ خانگي سروي موجب سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ سرڪاري اسڪول بند پيا آھن ۔انھي ڏس ۾ ڪوبه ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي ته انھي اھم مسئلي کي ڪئين حل ڪيو وڃي ۽ ان جي لاء ڪھڙا اپاء ورتا وڃن ۔افسوس انھي ڳالھ جو آھي جو سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ استاد تنظيمون به صرف استادن جي ترقي ۽ ٽرانسفر پوسٽنگ جي لاء ڪم ڪن ٿيون بند پيل اسڪول ۽ زبون حالت ۾ پيل اسڪولن جي لاء ڪير به آواز اٿارڻ جي لاء تيار ڪونھي ۔پنھنجن ذاتي مسئلن جي لاء وڏن شھرن جي پريس ڪلبن ۾ مظاھرا ڪن ٿا ۔بک ھڙتالون لانگ مارچ به ڪن ٿا پر ڪڏھن پنھنجي اسڪول جي لاء جتي ھو پڙھائين ٿا جتان انھن کي روزگار ملي ٿو معاشي مسئلو حل ٿئي ٿو ۔ان لاء ڪڏھن به جدوجھد نه ڪئي آھي ۔ھڪ اندازي جي مطابق ماسترن جون پگھارون اسي ھزارن کان به مٿي آھن انھي سڄي صورتحال جو ذميوار ڪير آھي حڪمران يا عوام. latifravlani@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو