غلام حسين خاصخيلي
سنڌ جا ڳوٺ شھر ٻڏڻ لڳا ھرطرف قيامت صغري جامنظر آھن صحافتي 30سالن ۾ ان ڳوٺن تائين وڃي رھيوآھيان جتي ڪابه ميڊيا نه ٿي اچي ڪٿي ٻيڙي ۾ ته ڪٿي موٽر سائيڪل جو سفر بس توھان جوآواز آھيان روزاني عبرت اخبار وسيلي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ سوشل ميڊيا وسيلي جتي جتي منھنجو وس آھي پھچڻ جو اتي پھچي ٻوڏ متاثرين جا درد ڏک سڏڪا توھان تائين پھچائيان ٿو اھو سڀ ڪجھ ڏسي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ٻوڏ جي پاڻي ۾ سڀ ڪجھ لڙھي ويو ھڪ وقت جي ماني جي ڀورلاء اکيون رستا نھارين ٿو ڪجھ اھڙا منظر ڏک ڀريا داستان به رڪارڊ ڪيا اٿم جيڪي ڏيکارڻ منھنجي وس ۾ نه آھن ھڪ اھڙو منظر ڏٺم جڏھن ٽرڪ وسيلي متاثرين کي کاڌ خوراڪ ڪپڙا بسڪٽن کان ويندي پائڻ وارا ڪپڙا ڏيڻ وارو منظر ڏکائيندڙ لڳو ٻار عورتون مرد ان ٽرڪ پويان ڊوڙندا رھيا ۽ سامان ڏيڻ وارا ٽرڪ کي رستي تي به ھلائيندا رھيا سوين ماڻھوبيوس ڏٺم مجبور بڻيل ڏٺم سڀ ڪجھ انھن جو لڙھي ويو گھر لڙھي ويا سڀ ڪجھ ختم ان سڄي صورتحال قيامت صغري جي منظر ۾ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت انھن بي گھر ٿيلن جي مدد ڪري انھن جي مدد ڪرڻ حڪومت جو فرض۽ زميواري آھي الله سائين جي در دعا آھي ته اي الله سائين رحم ڪر انسانن کي معاف ڪر ويران بڻيل شھرن ڳوٺن کي آباد ڪر زندگي جو سفر ھلندو رھندو سال 2022ع جي ٻوڏ پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ سڀ ڪجھ ختم ڪري ڇڏيو ھاڻ ھر ماڻھو الله سائين جي امتحان مان گذري رھيو آھي اھو به چئي سگھجي ٿو ۽ لکي سگھجي ٿو ته برساتي پاڻي جي ٻوڏ وارن وھڪرن جي قدرتي لنگھن رستن تي قبضا ٿيل آھن انھن برساتي نالن جي مٿان شھرن ۾ دڪان گھر ٺھي ويا ۽ ٻھراڙين ۾ پاڻي جي ڍورن لنگھن تي ھٿرادو بند ڏئي ھر ماڻھو پنھنجن آباد زرعي زمين تي پوکيل فصل بچائڻ ۽ ڳوٺن کي بچائڻ وقت ھڪ ٻئي سان تڪرار ڪندا رھيا اھڙي صورتحال ۾ وقت پنھنجو سفر ڪندو رھيو ۽ پاڻي سفر ڪندي انھن ھٿرادو بندن کي به ٽوڙي گس ٺاھيندو پنھنجي آخري منزل سمنڊ ڏانھن وڃڻ لاء رستا ٺاھيندو شھرن ڳوٺن کي ٻوڙيندو منزل ڏانھن وڌندو پيو وڃي انسان جي پنھنجي غلطين ۽ قدرتي لنگھن تي ڪيل قبضن جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته ٻوڏ وارو برساتي پاڻي سوين ميلن جو سفر ڪندو پنھنجي منزل ڏانھن روان دوان آھي اھڙن قبضن ۾ عام ماڻھن سان گڏ سرڪاري ڪامورا ۽ سياستدان به شامل آھن سنڌو درياء جي ڪچي واري زمينن کان وٺي سنڌو درياء جي بندن تي به قبضا ٿي ويا شھر ھجن ياڳوٺ جتان جتان درياء گذري ٿو اتان اھا صورتحال آھي مون سکر کان درياء جي بندن جو جائزو وٺندي جن به ضلعن مان درياء جو گذر ٿئي ٿو اتان کان سڀ ڪجھ ڏسندو حيدرآباد ضلعي ۾ پھتس ته حيدرآباد ۾ به سندودرياء جي بند تي قاسم آباد لطيف آباد تي ساڳي صورتحال قبضن موجود آھي اھڙي طرح ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ سمنڊ تائين سنڌو درياء جي ٻنھي ڪنارن بندن تي قبضا ٿيل نظر آيا گڊو بئراج کان سکر بئراج ۽ سکر کان ڪوٽڙي بئراج تائين درياء جي زمينن ۽ بندن تي گھرن جو ڻھڻ قدرت جي پاڻي جي سفر ۾ اھڙيون رڪاوٽون وڏا نقصان ڪن ٿيون اھڙي طرح سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي سميت سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد سميت شھيدبينظير آباد نواب شاھ سکر ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ھيڊڪواٽر شھرن سميت سنڌ جي سمورن ضلعن جو ڪوبه اھڙو شھر ناھي جتي برساتي پاڻي جي لنگھن وارن رستن تي قبضا ٿيل نه ھجن اھڙي صورتحال ٻوڏ ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي آھي اھڙي ٻوڏ سنڌ جي زراعت کي به تمام گھڻو نقصان پھچايو آھي سمورا زرعي فصل ۽ ڀاڄيون مڪمل طور ختم ٿي چڪيون آھن بس ڪجھ ھنڌن تي جيڪي بچيل ڀاڄيون زرعي زمينن تان واپاري کڻي شھرن ۾ پھچائي رھيا آھن انھن جا اگھ آسمان تائين ڳالھيون ڪري رھيا آھن اھا صورتحال به تمام گھڻي ڳڻتي جوڳي آھي ٻوڏ جي صورتحال زراعت کي نقصان پھچائڻ سان گڏ مال جانورن جو گاھ به ختم ڪري ڇڏيو آھي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻڪرين مينھن رڍن گڏھن ڍڳين جي مرڻ سبب اھي روڊن رستن تي پيل آھن ڪن ڪن ھنڌن تي جانور پاڻي ۾ مئل لڙھندي نظر آيا ڪيترن شھرن ڳوٺن جا زميني رابطا مڪمل طور ڪٽيل آھن انھن علائقن ۾ ايترو ته وڏو پاڻي بيٺل آھي ,جو ماڻھو ٻيڙيون ھلائي سفر ڪن پيا ٺھيل سمورا روڊ به ٻوڏ جي پاڻي تباھ ڪري ڇڏيا چوپائي مال جي مرڻ سبب سنڌ جي سمورن علائقن ۾ کير جوبه تمام بحران کوٽ سامھون آئي آھي کير جي کوٽ سبب ڪافي علائقن ۾ کير جوفي ڪلو 250تائين پھچي ويو آھي اھا صورتحال به ڳڻتي واري آھي نيشنل ھاء وي جي لاڳاپيل اختيارين به ھڪ الرٽ جاري ڪيو آھي ته سنڌودرياء ۾ ٻوڏوارو پاڻي وڌڻ سبب سنڌودرياء جي بندن کي ڪافي ھنڌن تان خطرو موجود آھي ڪنڊيارو مورو قاضي سيکاٽ خيبر مٽياري ۽ حيدرآباد ضلعي جي مياڻي فاريسٽ ٻڍاڻي وارن ھنڌن تان درياء جي بندن کي خطرا موجود آھن جنھن ڪري نيشنل ھاء وي تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪريو ڪنھن به ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو امڪان موجود آھي سنڌ جي ميھڙ خيرپورناٿن شاھ سنڌ جا تاريخي شھر به ٻوڏ واري لھر جي ورچڙھي ويا ۽ انتظاميا جي طرفان شھرن کي خالي ڪرائڻ وقت ھرطرف قيامت صغري جا منظر نظر آيا ماڻھو جن ۾ مرد عورتون ٻار بزگ سڏڪن ۾ پنھنجا اباڻا گھرڇڏي محفوظ ھنڌن ڏانھن سفر ڪندي ھليا ويا سنڌ جو تاريخي شھر قاضي احمد جو اڌ حصو اوڀر ۽ اترطرف ٻوڏ واري پاڻي جي وھڪري ۾ ٻڏل آھي سرڪاري اسپتال قاضي احمد ٻن ھفتن کان ٻڏل ھئڻ ڪري ھزارين ماڻھو بيماري سبب علاج ڪرائڻ لاء پريشان آھن نواب شاھ ضلعي جي انتظاميا طرفان تعلقي ھيڊڪواٽر اسپتال قاضي احمد کي ھلائڻ لاء اڃان تائين شھر کان ٻاھر تنبو لڳائي عارضي طور ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو جنھن سبب ھنگامي صورتحال ۾ تعلقي قاضي احمد ۾ صحت جي حوالي سان ھاڻ ڪابه سھولت موجود ناھي سڪرنڊ ۽ نواب شاھ جون اسپتالون قاضي احمد شھر کان 25ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھن اھڙي صورتحال به ڳڻتي واري آھي عارضي اسپتال قائم ڪرڻ لاء سنڌ جو صحت کاتو ان معاملي تي عوام لاء ڪجھ ڪري سڄي سنڌ ۾ اھي به علائقا به اڃان تائين وڌيڪ ٻوڏ واري خطري ۾ آھن جتان سم نالن جو گذرآھي سم نالن جي صورتحال خراب آھي سم نالن جي بندن جي ٽٽڻ جو خطرو موجود آھي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي ڪيترن ئي ھنڌن تي خاص طور جيڪي ٻھراڙين جا علائقا آھن اتي ماڻھو روڊن جي ڪنارن تي ويٺل آھن پر انھن جي سرڪار توڙي ڪنھن به اين جي اوز ڪابه مدد نه ڪئي آھي مدد ڪرڻ وارو سمورو رخ سرڪاري توڙي اين جي اوز وارن جو شھرن تائين آھي سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ اھڙا به ٻڏل آھن جتي ڪابه ميڊيا نه پھتي آھي اتي وڃڻ لاء ٻيڙين ۽ موٽرسائيڪل وسيلي پھچي سگھجي ٿو مون ڪافي ھنڌن تي اھڙا سفر به ڪيا پريشاني واري صورتحال کي به منھن ڏيڻو پيو آھي بس اميد ۽ آسرو الله سائين تي رکي ساٿي دوست استاد وزير لاکو ۽ ابوالحسن لاکو سان گڏجي ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاء سفر ڪيو آھي ڪافي ھنڌن تي بلائون به رستن ۾ ڏٺم اھو منھنجو صحافتي زندگي جو تمام گھڻو ڏکيو سفر ڏسڻ وارو مليو ڪجھ ھنڌن تي پيئڻ واري پاڻي جي کوٽ کي به منھن ڏنم ۽ ڪٿي ڪٿي سفر ڪندي بک کي منھن ڏنم پر غريبن جي دردن دانھن سڏڪن کي ٻڌندي سندن آواز کي ميڊيا تائين پھچايم اھا منھنجي زميواري آھي اھڙي سفر ۾ ڪافي ھنڌن تي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن مون کي دعا به ڪئي ته اسان وٽ ڪوبه ميڊيا وارو ناھي پھتو توھان پھتا آھيو الله سائين توھان کي ھمٿ ڏني ۽ توھان اسان جو آواز پھچائي رھيا آھيو










