سنڌ کي 2020 ۾ پوليو فري صوبو بڻائبو، مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزي سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ هلندڙ سال پوليو جا 14 ڪيس ظاهر ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته اها حڪومتي ڪوششن جي ناڪامي آهي. هن چيو ته 2020 ۾ سنڌ کي پوليو فري بڻائڻو آهي ان ڪري پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششن جي ضرورت آهي. جمعي تي پوليو بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2014 ۽ 15 ۾ به 14 ڪيس هئا جيڪي حڪومتي اپائن سبب گهٽ ٿيندا ويا. 2016 ۾ 8 ڪيس 2017 ۾ 2 ڪيس ۽ 2018 ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو هو . هن سال وڌندڙ ڪيسن ۾ ڪجهه ٻار بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کان آيا آهن جن ۾ پوليو وائرس ظاهر ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 16 ڊسمبر کان 2 ڊسمبر تائين ڀرپور مهم هلندي جنهن ۾ صوبي جي 29 ضلعن جي 1125 يونين ڪائونسلز ۾ 9087234 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. وڏي وزير چيو ان مهم جي خاتمي بعد 23 ڊسمبر تي اجلاس گهرايو جنهن ۾ سمورن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لوڪل گورنمينٽ جي نمائندن کي ويڊيو لنڪ تي ورتو وڃي ته مهم جو جائزو وٺي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو