عبدالمجيدبروھي
پاڪستان ۾ ھن وقت زرعي پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان جيڪڏنھن ڏٺو وڃي تـ ھن وقت ارسا پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ ۽ پاڻي جي چوري کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آھي ھن وقت سنڌ ۾ زراعت کي بچائڻ لاء وفاقي حڪومت ڪجھ بـ ڪرڻ لاء تيار نـ آھي سنڌ ۾ ھن وقت ھاري آبادگار سخت پريشانين ۾ ورتل آھن جون جو آخري پساھ آھي جولاء مھينو بـ شروع ۔ ٿي ويو آھي پر ھن وقت بـ سنڌ جي ننڍن وڏن واھن شاخن سميت اھم ڪئنال رائيس ڪئنال ۾ بـ پاڻي نالي ماتر ڇڏيو ويو آھي ھن وقت شاخن واھن مان پاڻي جي بجاء صرف واري اڏامي رھي آھي ان سلسلي ۾ حيران ڪندڙ ڳالھ اھا آھي تـ ان باوجود وفاقي سرڪار سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاء سنجيدا نـ۔ آھي ھن وقت جون مھينو ختم ٿيڻ تي آھي ھن وقت تائين ھارين ۽ آبادگارن پاران سارين جو ٻيڄارو بـ ناھي پوکي سگھيا جنھن سبب ھن سال لکين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي سگھن ٿيو ھزارين خاندان فاڪا ڪٽڻ جي ڪنڌي تي آھي ھڪ طرف ڳاٽي ٽوڙ مھنگائي مٿان وري سندن گذر جو واحد ذريعو سارين جي پوک لاء پاڻي کين نٿو ڏنو وڃي ان جي ڪري عوام ۾ سخت ڪاوڙ آھي ھوڏانھن شديد پاڻي جي کوٽ جي باوجود پاڪستان جو وڏو ڀاء تونسا ۽ چشما جھلم لنڪ ڪئنالن جن تي پاڻي ڇڏڻ لاء سخت پابندي مڙھيل آھي جن کي صرف ان وقت پاڻي انھن ۾ ڇڏڻ جي اجازت آھي جڏنھن سنڌو ۾ پاڻي مقدار کان ڪافي وڌيڪ ھجي پر ارسا جي ڏاڍ ۽ ڪن لاٽار جي ڪري پنجاب حڪومت سرعام انھن پابندي مڙھيل ڪئنالن ذريعي پاڻي چوري ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي ھڪ طرف سنڌ جو زمينون بنجر بڻجي رھيون آھي ٻئي طرف سنڌو تي پنجاب ڌاڙو ھڻي رھيو آھي بحرحال سنڌ حڪومت کي ھاڻي اڃا وڌيڪ سگھارو آواز بلند ڪرڻ گھرجي ارسا ۽ وفاق آڏو سخت احتجاج ڪرڻ گھرجي ۽ وفاقي وزير آب پاڻي سيد خورشيد احمد شاھ جيڪو پڻ سنڌ صوبي سان تعلق رکي ٿو ان کي پڻ ھوش کان ڪم وٺڻ گھرجي ۽ پنھنجي سنڌ واسين سان سچائي سان پيش اچڻ گھرجي ۽ پاڻي پنھنجي نگراني ۾ ارساوارن کي ساڻ ڪري تونسا ۽ چشما جھلم پابندي مڙھيل لنڪ ڪئنالن کي بند ڪرڻ گھرجي ۽ سنڌ کي سندن حصي جو پاڻي ڏيڻ گھرجي پاڻي جي کوٽ سبب سڀ انجو سڄو بار صرف سنڌ مٿان وجھڻ سراسر ظلم آھي جيڪڏنھن اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ صوبي پنجاب کي وڌيڪ ناڻوـڏنوـوڃي ٿو تـ پوء ان ئي وڏي ڀاء کي پاڻي جي کوٽ سبب وڌيڪ بار کڻڻ گھرجي پاڻي جي کوٽ جو سڄو بار سنڌ مٿان وجھڻ بجاء برابري ڪرڻ گھرجي ھن وقت ھاري آبادگار سخت پريشان آھن ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي بـ روھڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال کي پاڻي ڏيڻ بجاء جن ڪئنالن تي سارين جو فصل پوکڻ جي اجازت آھي ڏنل آھي انھن کي گھرج موجب پاڻي مھيا ڪرڻ گھرجي ھن وقت شديد غصو آھي سنڌ جي عوام ۾ ان غصي کي گھٽ ڪرڻ جو واحد طريقو واھن شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي










