ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران سينيئر پوليس آفيسرن سميت آئيڊياز ايڪسپو سينٽر جو دورو ڪيو ويو. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار آئيڊياز نمائش ۾ مختلف هٿيارن جو معائنو پڻ ڪيو. دوري دوران صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو ويو آهي، پوليس کي هميشه تنقيد جو بڻايو ويندو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار موجود آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ پوليس کي جلد جديد هٿيار ڏنا ويندا، جنهن بعد ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويندو.ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پوليس لاءِ به ڊرون خريد ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪامياب بڻايو وڃي










