سنڌ ورسٽي ڪيپس ۾ ادب لاءِ ايراني پليٽ فارم جوڙڻ جو فيصلو

سنڌ ورسٽي ڪيپس ۾ ادب لاءِ ايراني پليٽ فارم جوڙڻ جو فيصلو

لاڙڪاڻو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو پاران ايراني قونصل جنرل جي تعاون سان سائنس، ادب ۽ آرٽ لاءِ ايراني پليٽ فارم قائم ڪرڻ جو فيصلو، ان سلسلي ۾ ايس يو سي ايل جي پي آر او عاطف رفيق سمون جي جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ايراني قونصل جنرل حيدرآباد جي ثقافتي نمائندي رضا پارسا سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جي بهتري لاءِ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ علمي تعاون کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو ۾ سائنس، ادب ۽ آرٽ جي نالي سان هڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو، جيڪو فورم جي منظوري کانپوءِ باقاعده قائم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪيمپس لاءِ پروين اعتصامي عمارت ايران طرفان مليل تحفو آهي، جنهن تي ايراني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪئمپس ۾ تمام جلد ايراني چيئر فار سائنس، لٽريچر ۽ آرٽ جي نالي سان هڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويندو، ان سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا . سنڌو لکت جي وضاحت، سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ان جي همعصر ايراني تهذيب جي وچ ۾ قديم لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿي، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل سنڌو لکت جي تفسير لاءِ پاڪ-ايران ورڪشاپ سميت ٻيا مختلف پروگرام ڪرايا ويندا، سائنسي ورڪشاپ کان علاوه ٻنهي ملڪن جي ادب ۽ فن جي واڌاري ۽ افهام و تفهيم لاءِ وقت بوقت گڏيل تقريبون پڻ منعقد ڪرايون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو