سنڌ سلامت فورم سماجي جاڳرتا ۽ سرگرميون

زاھد ابڙو
جيئن ملڪ ۾ انسانن جي حقن، خدمت ۽ ڀلائيءَ لاءِ فلاحي تنظيمون ۽ ادارا قائم ٿيل آھن. ايئن سنڌ ۾ به انساني حقن، نياڻين ۽ ٻارن جي بھترين مستقبل، روزگار، صحت ۽ تعليم وغيرہ جي لاءِ ڪم ڪندڙ سَٿ، فورم ۽ ٻيا ڪيترا ئي فلاحي ادارا ۽ تنظيمون قائم آھن. جيڪي ملڪ ۾ تمام سٺي نموني سان ڪم ڪري رهيا آهن.
ھونئن ته سنڌ ۾ تمام انسانن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ فلاحي بھبودي اداران ۽ تنظيمن جي بھترين ۽ بي مثال ڪارڪردگي ھميشه قائم دائم رھي آھي. پر سنڌ ۾ 2010ع جي مَھا ٻوڏ ۾ فورم، سَٿ، فلاحي ادارن ۽ تنظيمن ڳوٺن ۽ شھرن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڏينھن رات جاڳي محنت ڪري عوام سان گڏجي ھڪ ٿي بچاءَ بند ٻڌا ۽ ان سان گڏ ٻوڏ متاثرن کي خيما، راشن، ڪپڙا، رھائش، پئسا، کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ ٻيون سهولتون ڏئي نه صرف ملڪ پر دنيا ۾ ھڪ اعلى ۽ نئون مثال قائم ڪري ھڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. جيئن ته انسانن جي جائز حقن، خدمت ۽ ڀلائيءَ لاءِ سڄي زندگي ڪم ڪندڙ ادارن جون خبرون اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي اچڻ سان گڏ پرنٽ ميڊيا تي به پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون. جڏھن ته سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ فلاحي تنظيمن ۽ ادارن پاران ڪتاب پڻ ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ الف کان ي تائين تنظيمن، سَٿ، فورم ۽ ادارن جي بھترين ڪارڪردگيءَ بابت اعلى مثال سموريون ڳالهيون قلمبند ٿيل آهن. اھڙيءَ ريت ملڪ ۾ انسانن جي جائز حقن، خدمت ۽ ڀلائيءَ لاءِ ھميشه ڪم ڪندڙ سنڌ جي جاکوڙي تنظيم سنڌ سلامت فورم سنڌ طرفان ھڪ اھڙو ئي ناياب ڪتاب “سنڌ سلامت فورم (سماجي جاڳرتا ۽ سرگرميون)” جي نالي سان ميھڙ طرفان ڇپجي چڪو آهي.
ڪتاب ٽائيٽل اندر پھرين پيج تي سنڌ جو مشھور شاعر “شوڪت سھارڻ” پنھنجي خوبصورت شاعري وسيلي سموري سنڌ ۽ “فورم سنڌ سلامت” کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو:
جيئي جيجل سنڌ سدائين
فورم سنڌ سلامت سائين
حق ۽ فرض بجا ٿي پون
گهر گهر جي پيغام پھچائين.
ٽيڪينڪل ۽ فھرست پيج کان پوءِ “سنڌ سلامت فورم ” جو آئين لکيل آھي ۽ پيج نمبر پنج کان ڇھ تائين “سنڌ سلامت فورم” جا ساٿي عھديدار ۽ ميمبر لکن ٿا ته:
سنڌ سلامت فورم ھڪ ٿنڪر آھي. سنڌي سماج ۾ جيڪا سماجي ۽ اقتصادي اڻ برابري آھي. ان خلاف عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ.
عام ماڻھن کي پنھنجي جائز حقن فرضن متعلق ڄاڻ ڏيڻ.
عام ماڻھن کي محفوظ زندگي گذارڻ متعلق ڄاڻ ڏيڻ.
تعليم جي ترقيءَ لاءِ محنتي استادن کي ھمٿائڻ لاءِ انھن جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي انعام يا شيلڊون ڏيڻ.
تعليم جي ترقي ۽ سڌارن لاءِ شعور اجاڳر ڪرڻ.
ھنري ۽ فني سينٽر کولڻ لاءِ راھون ھموار ڪرڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ.
صوفي شاھ عنايت جي ڌرتي سنڌ کي جيڪو کيڙي سو کائي جي واري عمل کي پايئه تڪميل تي پھچائڻ لاءِ ھارين جي حقن کي اجاڳر ڪرڻ ۽ بٽئي ۾ جيڪو ھارين سان ڏاڍ ٿئي ٿو ان خلاف جاڳرتا مھم ھلائڻ.
پورھيتن لاءِ روزگار جا ذريعا ڳولھڻ ۽ مدد ڪرڻ.
نوجوانن کي نشي ۽ برائيءَ واري صحبت کان پري رکڻ لاءِ مختلف وندر جا پروگرام ڪرائڻ. مثال طور: رانديون، ڪرڪيٽ، والي بال، ڪوڏي ڪوڏي، اخبارن ۽ ڪتابن جو مھيا ڪرڻ ۽ پڙھائيءَ ڏانھن راغب ڪرڻ.
“سنڌ سلامت فورم” ڪنھن به مذھبي ڌڙي يا فرقي جي پروپئگنڊا لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو.
“سنڌ سلامت فورم” دنيا جي عظيم رھبرن، مَھا ڏاھن، بھترين استادن ۽ سماجي ورڪرن جي ياد ۾ سيمينار ۽ ليڪچر پروگرام منعقد ڪندو ۽ عالمي ۽ قومي ڏينھن ملھائيندو.
ڪوڙ، منافقي، ٺڳي، چاپلوسي، چمچاگيري، اقربا پروري ۽ پاڻ پڻي کان پرھيز ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ.
سنڌي ٻولي ۽ ٻين سڀني علائقائي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ.
شاھ عبداللطيف رح جي شاعريءَ کي سمجهڻ جي تشريح لاءِ مختلف پروگرام منعقد ڪرڻ.
“سنڌ سلامت فورم” سياست کان بلڪل الڳ رھندو ۽ ان سان گڏوگڏ عام ماڻھن ۾ ووٽ جو قدر ۽ ان جي صحيح استعمال جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو.
ان کان علاوه ڪتاب ۾ انساني حقن ۽ سماج جي ڀلائيءَ لاءِ “سنڌ سلامت فورم” جي باڊي عھديدار ۽ ساٿي ميمبرن جون ٻيون به گهڻيون ڳالھيون ۽ آئين لکيل آھي. اگر ان تي تفصيل سان لکبو ته مئگزين/اخبار جا ڪيترائي پيج وڌيڪ لکجي ويندا. پيج نمبر 6 کان 8 تائين “سنڌ سلامت فورم” جي باڊي جي عھديدارن ۽ ساٿي ميمبرن جا رتبا، عھدا ، ڊيوٽيون ۽ نالا ڏنا ويا آھن ۽ ھر ھڪ ساٿي ميمبر کي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت جو تعين ۽ ميمبرشپ جو طريقي ڪار تفصيل سان سمجهايو ويو آھي.
ڪتاب ۾ “سنڌ سلامت فورم” باڊي ميمبرن ڊاڪٽر خادم حسين سومرو، پروفيسر عبيدالله لاکير، ممتاز علي سومرو، آفتاب احمد چنه، شوڪت علي سھارڻ ۽ نور محمد لاکير جا “سنڌ سلامت فورم” متعلق الڳ الڳ نالن ۽ عنوانن سان جيئن سوچ جي ساڀيان، سنڌ سلامت فورم ھڪ شعوري پليٽ فارم، ڪاميابيءَ طرف ھڪ قدم، اتساھ ڏيندڙ ھڪ فورم، ڪر ڪو واڪو وس ۽ مارو پاڻ املھ مضمون پڻ شامل آھن. ھر ھڪ “سنڌ سلامت فورم” جي عھديدار ۽ ليکڪ معاشري ۾ ناسور جيان وڌندڙ ھر برائيءَ کي پنھنجي پنھنجي مضمون ۾ وائکو ڪيو آھي ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيرح جي بيتن سان زبردست ڀيٽا ڏئي سنڌ سلامت فورم ۽ مضمونن تي تفصيل سان روشني وڌي آھي.
“سنڌ سلامت فورم” ضلعي دادو ۽ تعلقي ميھڙ جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ جتي سنڌ جي شاعرن ۽ ليکڪن جي ڪتابن جون مھورتون ڪرائڻ سان گڏوگڏ اديبن ۽ ٻين عام ماڻھن جي وفات تي تعزيتون ڪيون ۽ ورسيون ملھايون آھن ته ان سان گڏ غريب شاگردن ۾ مفت ڪتاب، پينيون، پينسلون ۽ ڊريسون به ورھايون آھن ۽ تعليمي جاڳرتا مھم ھلائڻ سان گڏوگڏ عيد ملن پارٽيون به ڪيون آھن. ايڪتا ۽ قومي ڏينھن ملھايا آھن ۽ COVID 19 جي متعلق ليڪچر به ڪرايا آھن ۽ ملڪ جي مختلف لائبريرين کي ڪتاب مھيا ڪيا ۽ مزدورن جي عالمي ڏينھن ملھائڻ سان گڏوگڏ ھن وقت تائين ٻيا جيڪي به ادبي پروگرام، سيمينار ۽ ليڪچر ڪرايا آھن. انھن پروگرامن جو تفصيل ۽ تصويرون پڻ ڪتاب ۾ ڏنيون ويون آھن. ڊاڪٽر خادم حسين سومرو، پروفيسر عبيداللھ لاکير، شوڪت علي سھارڻ، نورمحمد لاکير، آفتاب احمد چنه ، ارشاد علي سومرو، ممتاز علي سومرو، احمد رضا آڳرو ۽ ٻيا مختلف وقتن تي “سنڌ سلامت فورم” جي باڊي جا عھديدار ۽ ميمبر رھي چڪا آھن. 2012ع کان وٺي ھن وقت تائين “سنڌ سلامت فورم” جمھوري طريقي سان جڏھن به باڊيءَ جا نوان عھديدار چونڊيا ۽ جيترا به پروگرام ڪيا انھن سڀني جو تفصيل ھن ڪتاب ۾ شامل آھي.
چيئرمين ڊاڪٽر خادم حسين سومرو،
وائيس چيئرمين ممتاز علي سومرو،
جنرل سيڪريٽري نورمحمد لاکير،
جوائنٽ سيڪريٽري طفيل سولنگي،
فنانس سيڪريٽري محمد اڪرم چنه،
پريس سيڪريٽري احمد رضا آڳرو ۽
آڊيٽر مسعود منگي
سنڌ سلامت فورم 2022-23ع باڊيءَ جا نوان چونڊيل عھديدار آھن. جيڪي پنھنجا فرائض بخوبي سٺي طريقي سان نڀائي رھيا آھن.
“سنڌ سلامت فورم” جون سماجي جاڳرتا ۽ سرگرمين (يعني) تعليم ۽ عام انسانن جي حقن ۽ ڀلائي واريون جيڪي خبرون ۽ عھديدارن جا بيان جيڪي ملڪ جي مختلف اردو سنڌي اخبارن روزنامه خبرين، روزنامه ڪائنات، عوامي آواز، ڪاوش ۽ عبرت وغيره ۾ شايع ٿيا آھن. انھن مختلف اخبارن جي مختصر ڪٽنگ نالن سميت پريس جي ڇپائيءَ ۾ ڪتاب جي آخري پيج تي فڪس ڪئي وئي آھي. ان کان پھريان سنڌ جي نالي واري سگھڙ شاعر محبوب علي “محبوب” ڏيپر جو سنڌ سلامت فورم تي طويل نظم:
سنڌ سلامت سدا شاد رھي
ھي فورم زنده آباد رھي
ڏنو ويو آھي.
ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي “سنڌ سلامت فورم” جو ساڳيو ئي آئين لکيل آھي. جنھن جو مان شروع ۾ ذڪر ڪري آيو آھيان ۽ ساڳيو ئي آئين ڪتاب ۾ اندر شامل آھي. ڪتاب ٽائيٽل وچ تي “سنڌ سلامت فورم” جو خوبصورت گول مونوگرام ڏنو ويو آھي. مونوگرام اندر شاھ سائينءَ جو روضو، دعا جا ھٿ ۽ روضي مٿان سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار بيت ۽ وري روضي ھيٺان سنڌ سلامت فورم سنڌ لکيل آھي. جڏھن ته ٽائيٽل جي مٿان ۽ ھيٺ واري بقايا حصي ۾ سنڌ جي صوفي بزرگ شاعرن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪوٽ قلعن جون تصويرون ڏنيون ويون آھن. 64 پيجن تي مشتمل ڪچي جلد سان ھِنَ ڪتاب جي ڇپائي ۽ ڪاغذ جو معيار زبردست آھي. جڏھن ته ڪتاب ۾ ڪابه قيمت لکيل نه آھي.
سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سوين غير سرڪاري تنظيمون، فورم، سَٿ ۽ ادارا پوري ملڪ ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت گڏجي غريبن جي مدد ڪن ٿا. ان سان گڏوگڏ ملڪ، قوم، ٻولي، وطن، صوبي ۽ غريب عوام جي جائز حقن لاءِ وڙھن ٿا ۽ سٺي نموني ۽ اصول مطابق ڪم پڻ ڪن ٿا. عورتن کي جائز حق وٺي ڏيڻ ۽ تحفظ فراھم ڪرڻ، بي روزگارن کي روزگار ڏيڻ، غريب عورتن ۽ ماڻھن کي سلائي مشينون، نلڪا، پکا، سولر پليٽون، بئٽريون ۽ ضرورت جو بيو سامان وٺي ڏيڻ، ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪرڻ، وڻڪاري ڪرڻ، بدامنيءَ کي روڪڻ، مھانگائيءَ ۽ ٻئي ھر ظلم خلاف آواز اٿارڻ، غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جو علاج ڪرائڻ، بيمار غريبن ۽ بيوس شاعرن، ليکڪن، صحافين، سگھڙن ۽ اديبن جي ڪتابن جون مھورتون، سالگراھون، ورسيون، محفلون، مشاعرا ۽ ٻيا ادبي پروگرام ڪرائڻ ۽ پنھنجي خرچ تي انھن جا ڪتاب ڇپرائڻ، لائبريرين کي ڪتاب مھيا ڪرڻ، غريب نياڻين ۽ ٻارن کي مفت تعليم ڏيارڻ، ڪتاب ۽ ڊريسون ورھائڻ، اسڪالر ڏيارڻ، غريب ۽ معذورن کي ويل چيئر ۽ زڪوات وٺي ڏيڻ ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ ڪم ملڪ لاءِ تنظيمون، فورم، سَٿ ۽ ادارا ڪري چڪا آھن ۽ اڃان تائين ڪندا رھن ٿا. اھري طرح “سنڌ سلامت فورم” جي ساٿين، ميمبرن، دوستن ۽ عھديدارن 2009ع کان تعارفي بنياد تي ننڍا وڏا پروگرام شروع ڪري غريبن جي مالي مدد ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٽن سالن جي مسلسل جدوجھد کان پوءِ فيبروري 2012ع ۾ ڳوٺ پيروزشاھ تعلقي ميھڙ ۾ باقائده “سنڌ سلامت فورم” جو بنياد وڌو ۽ ان کي آئيني شڪل ڏئي ٽن مھينن لاءِ عبوري باڊي چونڊي. ان کان پوءِ جمھوري طريقي سان مئي 2012ع ۾ ٻن سالن جي لاءِ ساڳئي باڊيءَ کي برقرار رکيو ويو ۽ وقتًا فوقتًا جمھوري طريقي سان باڊي جي چونڊ ٿيندي رھي ٿي. جڏھن ته “سنڌ سلامت فورم” ۾ نوان ساٿي دوست پڻ شامل ٿي چڪا آھن. جيڪي تمام سٺي نموني گڏجي ڪم ڪري رھيا آھن.
“سنڌ سلامت فورم” واقعي ھڪ جاکوڙي تنظيم آھي ۽ تقريبًا روزانو ڪانه ڪا (Activity) سرگرمي ڪندي نظر اچي ٿي ۽ ھي فورم ھر وقت سرگرم رھي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو