سنڌ ۾ ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار پاڪستان جي پھرين حڪومتي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ اي وي ٽيڪسي لانچ ڪرڻ جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آھن، سنڌ سرڪار پاران ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسين متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ھڪ اھم اجلاس ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي صوبي ۾ جاري ٽرانسپورٽ جي رٿائن بات تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري پنھنجي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ وڃي رھي آھي ۽ سنڌ سرڪار جي ڪوشش آھي تھ ڊسمبر 2025 تائين اي وي ٽيڪسي سروس عوام کي فراھم ڪئي وڃي. ھن چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھن منصوبي ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو ۽ چاھي ٿو تھ عوام کي جديد، ماحول دوست ۽ معياري سفري سھولتون ملي سگھن، شروعاتي مرحلي ۾ ايندڙ اي وي ٽيڪسين مان عورتن جي لاءِ ٽيڪسيون مخصوص ڪيون وينديون. سندس چوڻ ھو تھ سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري ماحول دوست اي وي بسون ۽ خطي ۾ پھرئين ڀيري عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي، عورتن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ پنڪ اسڪوٽي کي بھ عوامي سطح تي وڏي پذيرائي ملي آھي، ھاڻي عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ اي وي ٽيڪسي سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت ملڪ ۾ پھرين اي وي ٽيڪسي بھ شروع ڪرڻ وڃي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي گھٽائڻ لاءِ ڊبل ديڪر بسون ۽ وڌيڪ اي وي بسون بھ جلد شامل ڪيون وينديون، اي وي گاڏين جي لاءِ انفرا اسٽرڪچر ۽ چارجنگ اسٽيشنز جي تياري تي بھ ڪم جاري آھي تھ جيئن منصوبو جٽادار ۽ ڪامياب ثابت ٿئي. ھن چيو تھ عورتن کي محفوظ ۽ سستي سفري سھولت فراھم ڪرڻ سنڌ سرڪار جو عزم آھي، بين الاقوامي سيڙپڪارن لاءِ ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آھن، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪارن کي ھر ممڪن سھڪار مھيا ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو