سنڌ حڪومت جو نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏيڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت جو نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هلندڙ سال هزارين نوجوانن کي ضلعي سطح تي فري لانسنگ، ڪمپيوٽر، ڊرائيونگ، اسڪل ڊولپمينٽ، آرٽس، سميت ٻين جي مفت تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زراعت، اينٽي ڪرپشن، نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته هلندڙ سال هزارين نوجوانن کي ضلعي سطح تي فري لانسنگ، ڪمپيوٽر، ڊرائيونگ، اسڪل ڊولپمينٽ، آرٽس، سميت ٻين جي مفت تربيت ڏني ويندي. نوجوانن جو کاتو گذريل سال 25 هزار نوجوانن کي مختلف قسمن جي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر نوجوان کي معاشي خودمختياري لاءِ هنرمند بنائڻ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن (منصوبو) آهي. سنڌ حڪومت لکين نوجوانن کي درپيش مسئلن مان ڪڍيو، نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ هر سال لکين نوجوانن کي نيون نوڪريون ڏئي رهي آهي. سردار محمد بخش مهر چيو ته نوجوانن جو کاتو صوبي جي نوجوانن جي مدد لاءِ رجسٽرڊ تنظيمن کي پڻ فنڊ فراهم ڪري ٿو. سنڌ حڪومت نوجوان نسل کي راندين جي ميدان ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو