احمد رضا عطاري
ملڪ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي هميشه پوئتي رکيو ويو آهي، سنڌ جي پرائمري استادن جا جائز مطالبا حڪومت تسليم ڪندي جيڪڏهن انهن جي جائز مطالبن جو نوٽيفڪيشن پڌرو نٿي ڪري ته سمجهو وڃي ته بدنيتي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي پرائمري استادن گڏيل طور تي 9 مهينا اڳ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري آڏو رکيا هئا جنهن لاءِ حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري هئي پر 9 مهينن تائين حڪومت سنڌ ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي جنهن ڪري وري پوري سنڌ جا سوا لک استاد ذهني پريشانيءَ ۽ مهانگائيءَ جي اذيت کي منهن ڏيندي 7 جون تي ڪراچيءَ جي پريس ڪلب کان وزير اعليٰ هائوس تائين تاريخي احتجاجي ڌرڻو لڳائڻ جو اعلان ڪندي سموري سنڌ ۾ ڀرپور تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، سنڌ جي سوا لک استادن جي نمائنده جماعت آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ( پ ٽ الف ) جي پليٽ فارم تان اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته 7 جون سموري سنڌ جي پرائمري استادن جا رستا ڪراچيءَ ڏانهن هجڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي استادن جي مطالبن ۾ چارٽر آف ڊمانڊ ۾ جيڪي مطالبا آهن انهن ۾ سنڌ جي استادن کي اولاد ڪوٽا ( سن ڪوٽا ) ڏني وڃي جيڪا هر هڪ ڊپارٽمينٽ کاتي ۾ ملندي رهي ٿي پر بدقسمتي سان سنڌ جي پرائمري استادن جي سن ڪوٽا تي گذريل ڪيترن سالن کان بند ڪري استادن جي ڪوٽا تي ڌاڙو لڳايو ويو آهي، جڏهن هر ڊپارٽمينٽ، کاتي شعبي ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون ته پوءِ باقي سنڌ جي پرائمري استادن جي اولاد ڪهڙو ڏوهه گناهه ڪيو آهي؟، جو پرائمري استادن جي اولاد جي ڪوٽا وزير ۽ ڪامورا پنهنجي سياسي، سفارشي ۽ ڪاروباري طور تي وڪرو ڪري هڪ طرف ڀوتارن جا ڌنار مينهون چارڻ وارا ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ اڳوٽي شاپ ماڻهو کڻي سنڌ جي تعليم کاتي کي بدنام ڪيو وڃي ٿو ته ٻئي پاسي وري سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسايو وڃي ٿو، جيستائين استادن جي 25 سيڪڙو سن ڪوٽا بحال هئي ۽ انهيءَ تي ڪو ڌاڙو نه لڳندو رهيو ته پوءِ انهيءَ وقت جي تعليم تربيت ۽ سکيا ڪيتري قدر اسڪولن ۾ نمايان رهندي رهي پر جڏهن سکيا، تربيت ۽ استادن جي اولاد کان بنا ماحول سفارشي، رشوت ۽ سياسي ڪوٽا تحت ادارن ۾ خاص ڪري تعليم کاتي ۾ ماڻهو ڀرتي ٿيڻ لڳا ته انهيءَ جا ڀيانڪ قسم جا نتيجا ملڻ لڳا، ماضيءَ ۾ ملندڙ استادن جي اولاد لاءِ 25 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي يا استادن جي اولاد کي 20 مارڪون اضافي ڏنيون وڃن، تعليم کاتي پيغمبري پيشي بجاءِ ڪاروبار، بزنس ڌنڌو ڪري هلائڻ جا ڪيڏا منفي اثرات سامهون اچڻ لڳا آهن. جنهن جو ڪو تصور به نٿو ڪري سگهي، سنڌ جي پرائمري جا مطالبا جهڙوڪ ؛ استادن جا جائز مطالبا سال 2001ع کان وٺي جيڪي به استاد ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن جو ڪانٽريڪٽي پيرڊ ريگيولر سروس ۾ شمار ڪيو وڃي، گذريل 5 سالن کان ملازمن جي بنيادي پگهارن جا اسڪيل روائيز نه ڪيا ويا آهن، انهيءَ عرصي دوران ملندڙ سڀ ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪري اسڪيل روائيز ڪيا وڃن، سيڪندڙي اسڪولن ۾ مرج ڪري ڪئمپس ۽ ڪلسٽر ٺاهڻ واري پاليسي تي نظر ثاني ڪئي وڃي، گروپ انشورنس کي ميجيرٽي ڪليم ۾ تبديل ڪري هر استاد کي رٽائرمينٽ جي موقعي تي انشورنس جي ادائيگي ڪئي وڃي جيڪا استادن جي پگهارن مان هر مهيني ڪٽوتي ڪئي وڃي اها استادن کي ئي ملڻ گهرجي، جنهن لاءِ ڪورٽ سڳوري جي فيصلي کي منهن نه ڏنو وڃي بلڪ قانون ۽ انصاف جي تقاضاائون مطابق هرهڪ ملازم کي پنهنجي گروپ انشورنس جي رقم ملڻ کپي. استادن لاءِ تعليمي انڪريمينٽون ايم اي، بي ايڊ، ايم ايڊ وغيرهه بحال ڪيون وڃن، سنڌ جي اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي لکين ٻارڙا هن جديد دور ۾ به پٽ تي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.سنڌ اسڪولن جي لاءِ آيل بجيٽ تي ڪامورا هٿ صاف ڪري وڃن ٿا فرنيچر سميت ٻيون بنيادي سهولتون اسڪولن کي فراهم ڪيون وڃن، بائيو ميٽرڪ کي ضلعي سطح تي آندو وڃي، استادن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪيل بينوولنٽ فنڊ جي رقم ڊپٽي ڪمشنر بجاءِ تعليم کاتي جي ڊائريڪٽرن ذريعي ڏني وڃي، صحت کاتي جي ملازمن کي ملندڙ هيلٿ الائونس جي طرز تي استادن کي به بنيادي پگهار جو 25 سيڪڙو ٽيچنگ الائونس ڏنو وڃي، ٻين صوبن جي ملازمن جيان سنڌ جي پرائمري استادن کي به صحت ڪارڊ جون سهولتون ڏنيون وڃن، استاد برادري جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار استادن جي جائز مطالبن جو مليل چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪيو ته 7 جون تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سڄيءَ سنڌ جا استاد گڏ ٿي سي ايم هائوس آڏو تاريخي احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويندو. هن واحد استادن جي احتجاجي ڌرڻي ۾ استادن جون سموريون ڌريون پ ٽ الف اڳواڻ حاجي شفيع محمد سٺيو، غلام رسول مهر، انتظار ڇلگري، غازي خان جمالي، حاجي ناظر نظاماڻي توڙي ٻيا سڀ هڪ ئي آواز بڻجي اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته 7 جون سموري سنڌ جا رستا ڪراچي ڏانهن هوندا جائز مطالبن جو نوٽيفڪيشن نه نڪرڻ تائين احتجاج جاري رهندو.










