سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ۽ عوامي ردعمل، محمداسماعيل لانگاهه

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ۽ عوامي ردعمل، محمداسماعيل لانگاهه

جڏھن کان پي ٽي آء سرڪار اقتدار سنڀاليو تڏھن کان ملڪ جي عوام جو سبتو مقدر ابتو ٿي ويو آهي ملڪ کي رياست مدينه بڻائڻ جو دعوائون ڪندڙ حڪمرانن پنهنجي ذاتي مفادن واري جهيڙي ۾ ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي هڪ طرف نه ختم ٿيندڙ سياسي تقرار ۽ ڦڏا ته ٻئي طرف وڌندڙ مهانگائي ملڪ جي عوام ڄڻ ايٿوپيا يا ڪنهن پناهگير ملڪن جو رهندڙ ھجي ملڪ ۽ عوام جي تقدير تبديل ڪندڙ وفاقي حڪومت هن وقت ايتري ته سوڙھي ۽ ڪمزور ٿي وئي آهي جو سندن سڄي سياسي پروپيگنڊه ۽ مشينري صرف مخالف پارٽين ۽ صوبن کي ڪچلڻ لاء لڳائي وئي آهي درحقيقت اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪڏھن ملڪ جي چونڊيل حڪمرانن کي عوام جا ڪم ڪرڻ لاء نه پر ملڪ لُٽڻ لاء  منسبن تي ويهاريو ويندو آهي جهڙي ريت موجوده حڪومت کي وڏن وڏن نعرن ۽ خوابن وارو سياسي منشور ڏئي غريب عوام تي ظالم حڪمرانن کي مسلط ڪيو ويندو رهيو آهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ اثر ملڪ جي غريب طبقي مٿان اڇلايو ويندو رهيو جيئن سنڌ ۽ وفاق جو جهيڙو ختم ٿيڻ بجاء روز به روز وڌندو پيو وڃي هڪ طرف پ پ جا پير ڪڍڻ جو ٿيل ڪوششون جڏھن به ناڪام ٿيون آهن تڏھن کان سنڌ ۾ نئين صوبي جو قيام يا ڀنڊار ٻيٽن جهڙن سنڌ دشمن منصوبن جي قيام جي جوڙجڪ ۽ رٿا بندي جو سرگرميون شروع ڪري پي ٽي آء سرڪار پ پ سان پنهنجي دشمني کي ايئن وڌائندي رهي آهي جيئن ٻرندي تي تيل هارائڻ مثل جيڪڏھن وفاق کي سنڌ جي عوام جو ايترو احساس آهي ته سنڌ جي غريب عوام جي ڀلائي لاء زرعي وسيلا پيدا ڪري ننڍن شهرن ۾ صنعتون اڏائي غريب طبقي کي جيئڻ جو حق ڏئي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري هن وقت ملڪ ۾ جيڪا صورتحال وفاقي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب پيدا ٿي آهي غريب زهر کائڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن جيئڻ کي نه ملڪ جو وزير اعظم  ٿي ڪري اها دعوا ٿو ڪري ته مهانگائي جي مونکي خبر ناهي باقي سنڌ سان دشمني لاء وزير اعظم جو منسب سنڀاليو آهي ڇا, باقي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي هڪ ٻيو صوبو بڻائڻ خاطر سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري صنعتي زون قائم ڪرڻ وارن وفاق جي خوابن کي سنڌ عوام هرگز قبول نه ڪندو هي منصوبو سنڌ کي ترقي ڏيارڻ نه پر سازش قرار آهي جنهن جو جواب پي ٽي آء ڪابينا کي ملي چُڪو آهي هيئنر ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جو وفاقي حڪومت سنڌ جي  ملڪيت ڀنڊار ٻيٽن تي قبضو ڪري شهر اڏڻ وارين خبرن بعد سڄي سنڌ ۾ هڪ هلچل مچي وئي آهي جنهن ۾ پ پ سميت سنڌ جو هر باشعور ماڻھو توڙي قومپرست جماعتن طرفان ڌار ڌار ڌرڻا هڻي وفاق کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته سنڌ جو هڪ پٿر به وفاق کي نه ڏينداسين  پر وفاق طرفان صدارتي ريفرنس جاري ڪندي سنڌ جي گورنر ۽ پ پ سرڪار کي گڏجي ان معاملي کي سلجهائڻ لاء چيو ويو آهي, تازو ڪراچي دوري دوران وفاقي وزير شبلي فراز گورنر سنڌ سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريو ته گورنر سڌو چئي ڏنو ته اهي ٻيٽ وفاق نه پر سنڌ جي ملڪيت آهن اهي ٻيٽ پر وفاقي حڪومت هروڀرو بضد آهي ته انهن ٻيٽن تي هڪ وڏو صنعتي شهر اڏي سنڌ کي ترقي ڏيارڻ چاهيون ٿا ليڪن وفاق جي بدنيتي تي سنڌ کي بلڪل به يقين ناهي پر وزير اعظم ٻيٽن بابت جوڙيل اٿارٽي جو ڳجهه ڳوهه ۾ چيئرمين به مقرري ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت سميت  قومپرست سان معاملا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ گورنر حوالي ڪيو ويو آهي وفاقي سرڪار سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق جي ملڪيت قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻيٽ اسلام آباد نه کڻي وينداسين، شهر اڏجڻ سان ٻيٽ دبئي کي پوئتي ڇڏي ويندا، روزگار پيدا ٿيندو ۽ آمدني سنڌ کي ملندي، وفاق جو مفاد صرف 50 ارب ڊالرز جي ايندڙ سيڙپڪاري ۾ آهي وزيراعلي  مراد علي شاه جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري جو انڪشاف ٿيو، سنڌ جي ڀنڊاڙ ٻيٽ جي رٿا توڙي راوي ڊولپمينٽ منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ، نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) انور علي حيدر، سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽرين ۽ چيئرمين راوي ڊولپمينٽ اٿارٽي سان گڏ چيئرمين پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين به شرڪت ڪئي. وزراعظم هائوس جي ترجمان پهريون ڀيرو اهو انڪشاف ڪيو ته ان اجلاس ۾ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين به شرڪت ڪئي، وزراعظم هائوس جي ترجمان جي ان بيان کان اڳ آئلينڊ اٿارٽي جي قائم مقام چيئرمين جي مقرري جو ڪو به نوٽيفڪيشن عوام لاءِ جاري نه ڪيو ويو هو ۽ ائين آرڊيننس وانگر اٿارٽي جي وقتي چيئرمين جي مقرري به اوچتو سامهون آئي آهي  وزيراعظم موصوف  جو چوڻ آهي ته ڀنڊاڙ ٻيٽ منصوبي سان سيڙپڪاري ۽ روزگار جا خاطر خواه موقعا ميسر ٿيندا  ڀلا هروڀرو ڪراچي ۾  صنعتون لڳائڻ يا پرڏيهي ڪمپنين کي آڻڻ جو آخر وفاق جو مقصد ڪهڙو آهي جيڪڏھن پ پ جي سنڌ ۾ حڪومت آهي ته ڇا عمران خان آمريڪا جو وزير اعظم  آهي ڇا جو سنڌ سان هر موڙ تي دشمني تي  لهي بيٺل آهي سنڌ جي تيل گيس, ڪوئلي سميت ٻين معدني وسيلن مان برابر جو حصو کڻندڙ وفاق هروقت سنڌ جي عوام پ پ جي مينڊيٽ جي سزا ڏئي رهي آهي ٻيٽن واري معاملي تي سياسي ڇڪتاڻ کي سنگين بڻائڻ جا جيڪي مقصد آهن انهن جو اصل مقصد آهي ڪراچي کي الڳ صوبي جو درجو ڏيڻ جيئن ڪراچي ۽ ان جي اردگرد ٻيٽن تي قبضا ڪري مهاجر صوبي جي راه هموار ڪجي جنهن لاء ايم ڪيو ايم,جهڙي سنڌ دشمن پارٽي کي مرڪز جو حصو بڻائي ويٺل آهي عالمي قانون مطابق ڀنڊار ٻيٽ سنڌ صوبي جي ملڪيت ۾ شمار ٿئي ٿو پر زبردستي کسڻ ڪنهن قانون جي زمري ۾ ناهي وفاق تڙ تڪڙ ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪري جنهن لاء وزير اعظم کي سربراه مقرر ڪيو آهي ۽ وفاق سنڌ جي عوام سان ان واعدي مطابق ڪم ڪرڻ,چاهي ٿي  ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر سوڌو 2 شهر آباد ڪريون  اسلام آباد طرز جهڙو نئون شهر اڏي سنڌ جي عوام جي تقدير تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا بعد ڀنڊاڙ ٻيٽ تي آباد ٿيندڙ شهر پهريون شهر ڀنڊاڙ ٻيٽ تي اڏجندڙ جامع ماسٽر پلان سان ٺاهيو ويندو، اهو ٻيٽ سنڌ جو حصو ئي رهندو، ان سان سنڌ ۾ ڏيڍ لک نوڪريون پيدا ٿينديون، 40 کان 50 لک پرڏيهي سياح اتي ايندا، ان شهر ۾ وصول ٿيندڙ تمام روينيو (ٽيڪس آمدني) سنڌ حڪومت کي ويندي، وفاقي حڪومت جي دلچسپي صرف اها آهي ته ان رٿا ۾ 50 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ايندي، وفاق جي ايتري خاطري باوجود سنڌ سرڪار سميت قومپرستن هن منصوبي خلاف وڏي احتجاج جي ڌمڪي ڏني وئي آهي پ پ سرڪار چيو آهي ته وفاق کي سنڌ جو هڪ انچ به نه ڏينداسين سنڌ ڌرتي جا سامونڊي علائقا هجن يا ميداني رڻ پٽ يا جابلو پٽيون قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن جيڪڏھن انهن مان رائلٽي جو هڪ رپيو به سنڌ جي ٻھراڙين تي خرچ ڪيو وڃي ته سنڌ جي غريب ماڻھن جو مقدر تبديل ٿي سگهي ٿو پر پ پ سرڪار جي غلط پرڪارن سبب سنڌ دشمن ماڻھن کي هميشه موقعو ملي ٿو ته هو سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ لاء ڌاڙيلن جو ٽولا سرگرم ڪري ڪڏھن تيل گئس پاڻي ڪوئلي بجلي ۽ هاڻ سنڌ جي ٻيٽن تي اچي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جو اصل مقصد سنڌ کي ترقي ڏيارڻ نه پر سنڌ کي ٽوڙڻ لاء نون شهرن جي اڏاوت رکي سنڌ کان ڪراچي کسي وڃي ليڪن پ پ پنهنجي ڪرپشن ۽ ڪارن ڪرتوتن پنهنجي سياسي اڪثريت ته وڃائي چُڪي آهي پر ايتري قدر جو سنڌ جون ملڪيتون به بي مالڪيون ڪري ڌارين جي يلغار ۽ قبضن ۾ ڏنيون پيون وڃن جنهن جو پ پ سرڪار تي پهريون الزام اهو لڳي رهيو آهي ته هن سنڌ جي ڀنڊار ٻيٽ لاء اين او سي به جاري ڪئي جيڪا عوامي مزاحمت بعد واپس ورتي وئي آهي سنڌ کي ڀنڊار ٻيٽن جي ترقي واري روپ جا سنهرا خواب ڏيکاريندڙ وفاق ۽ سنڌ جي گڏيل جامع منصوبا بندي کي في الحال سنڌ جي عوام رد ڪندي عمل ڏيکاريو آهي ته پ پ ۽ وفاق جي ڳجھ ڳوھ وارين پاليسين کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ موجوده وفاق هُجي يا سنڌ پنهنجي خاص طور عوامي مسئلن کي سامهون رکي وڏو اشو بڻائي پنهنجا مفاد بچائڻ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ايتري قدر جو عوام سياسي حڪمرانن جي ڄُنڊا پٽ سياست مان بلڪل بيزار لڳي رهيو آهي غريب عوام کي سياسي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي پنهنجا ڪم ڪڍندڙ جمهوريت جي دعويدار پارٽين ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو جن وٽ عوام جي مسئلن جو ڪو به حل موجود ناهي غريبن جي ملڪيت مال غنيمت سمجهي لٽيو پيو وڃي موجوده ٻيٽن واري سياسي ڪشيدگي جا جيڪي ڪارڻ آهن سي به عوامي نه پر سياسي آهن جنهن ۾ وفاق ۽ سنڌ جو جهيڙو جاري آهي جنهن جهيڙي جي ٻاريل باه ۾ غريب عوام کي ٻارڻ سمجهي ٻاريو ويندو اهڙين نازڪ حالتن ۾ سياسي جهيڙا وڌائي نه بلڪ ملڪ پر عوام کي به نقصان ڏنو ويندو رهيو نه ته پاڪستان ۾جيترا وسيلا موجود آھن جيڪڏھن ملڪ جي عوام تي  خرچ ڪيا وڃن ته عوام کي ڏُکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون جنهن سان موجوده حالتن ۾ ملڪ ترقي جون  ڪئي منزلون طئي ڪري چڪو هجي ها هاڻي جڏھن موجوده  حڪومت خلاف مخالف ڌُر تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي ته کين ملڪ ۾ متضاد منصوبن تي جهيڙو شروع ڪري اندروني طور تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن, پر بقول وزير اعظم جي جيڪڏھن هڪ سئو ماڻھون به منهنجي خلاف ٿي بيهن ته آئون استيعفا ڏئي ڇڏيندس پر هزارين ماڻھن جي هجوم گڏ ٿيڻ جي باوجود وزيراعظم,ڪرسي کي چنبڙيل آهي مطلب ته عوام جو احساس نه پر ڪُرسي پياري آهي جيڪا پنجن سالن بعد ڇڏڻي آهي پوء ڀلي کڻي هڪ سئو نه پر هڪ لک ماڻھون گڏ ٿين موجوده وفاقي حڪومت جو جيڪو سنڌ جي عوام لاء ھانءُ ڦاٽو آهي انکي بحرحال فوري طور ترڪ ڪري ڀلي کڻي هو پ پ پ سرڪار سان اندروني سمجهوتي تحت هن منصوبي تي ڪم,جو آغاز به ڪري پر سنڌ ڌرتي تي سندن قبضي جي ڪوشش ڪڏھن به ڪامياب نه ويندي اهڙيون ڪوششون اڳ به ٿي رهيون آهن جيڪڏھن سنڌ سان سچائي جو ثبوت ڏيڻو آهي ٻيا اهڙا زرعي ,ڪاروباري,صنعتي وسيلا سنڌ جي ٻھراڙين ۾ پيدا ڪيا وڃن جنهن سان غريبن مٿان پيل مهانگائي جو بوجھ هلڪو ٿئي  ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي گهر هلائي سگهن باقي ٻيٽن جي آڙ ۾ سنڌ جي عوام کي ترقي جا خواب ڏيکارڻ وارن وفاق جي واعدن کي سنڌ جي عوام سُڃاڻي ورتو آهي ۽ وفاقي حڪمرانن کي اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي عوام جي مزاحمت تاريخي ۽ انقلابي رهي آهي پوء اها ڪنهن جنرل يا جمهوريت دشمن خلاف هجي يا ڪالاباغ ڊيم جهڙي سنڌ دشمن منصوبي خلاف هجي يا اها سنڌ جي وحدانيت تي وار يا ڀنڊار ٻيٽن خلاف هجي سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ قائم, رهندي  وفاق پنهنجي واعدن جي جيڪڏھن خلاف ورزي تان نه هٽي ته شايد اهڙو ئي مزاحمتي انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو