سنڌ جي نوجوانن ۾ وڌندڙ خودڪشين جو رجحان

سنڌ جي نوجوانن ۾ وڌندڙ خودڪشين جو رجحان

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

هاءِ ڙي غربت! سنڌ اندر ٽن مهينن ۾ لڳ ڀڳ 200 کان وڌيڪ ماڻهن خودڪشيون ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائي چڪا آهن، زندگي انسان کي هڪ ڀيرو ملندي آهي، جيڪو ماءُ جي پيٽ مان رب پاڪ جي تخليقي مرحلن مان گذرڻ بعد جيجل ماءُ جي هنج ۾ اچي وجود وٺجي ٿو، انسان جي زندگي اُها هڪ قيمتي ۽ انمول شئي آهي جيڪا هڪ ڀيرو ملڻ کانپوءِ ٻيهر هن فاني دنيا۾ ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. پاڻ هڪڙي ڳالهه ڏاڍي حيرت سان ڪندا آهيون ته جيڪو مري ٿو وڃي ته ان بابت ڪا خبر ئي ناهي ته هو ڪهڙي رب جي رضا هيٺ آهي يعنيٰ انسان زنده آهي ته سڀ ڪجهه نظر هيٺ آهي، جيئرو انسان ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ضرور وڃي ملڻو آهي، جيڪو دفن ٿي ٿو وڃي، ان جي خبر ته اُن مالڪ کي ئي آهي، جنهن انهي انسان کي پيدا ڪري هن جهان ۾ اماڻيو.

بهرحال، ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا اندر هڪڙي افسوسناڪ خبر ٻڌائي پئي وڃي ته پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ اندر غربت سبب موت لامارا هڻي رهيو آهي، گذريل ٽن مهينن اندر 200 کان وڌيڪ قيمتي جانيون خودڪشي جي واقعن ۾ موت جي منهن ۾ وڃي چڪيون آهن، جنهن ۾ نه رڳو مرد نوجوان پر گڏوگڏ ڪيتريون ئي عورتون به شامل آهن. جيئن ته مون شروعاتي سٽن ۾ عرض ڪيو ته انسان کي زندگي هڪ ڀيرو ملندي آهي ۽ سندن هر رشتي کان وڌيڪ انسان کي پنهنجي حياتي، زندگي پياري هوندي آهي، اهڙن واقعن پٺيان اسين ڏاڍو آرام سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿا ڇڏيون ته هاءِ گهوڙا فلاڻي پُٽ فلاڻي جو ڪيئن نه بيوقوفي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي پر حقيقت ۾ چوڻي آهي ته ”جاءِ اُها جلي جتي باهه ٻري“ جنهن ماڻهو خواه مرد هجي يا عورت، سي ايترو آساني سان اهڙو فيصلو نٿا ڪري سگهن، هي سڀ ڪجهه مجبوريون ڪرائين ٿيون ۽ اهڙين مجبورين پٺيان به وڏا درد ڀريا داستان سمايل هجن ٿا.جڏهن پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سامهون ويهون ٿا ته يقينن هر روز جي بنياد تي پوري سنڌ مان چئني طرفن کان بُک، بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌ جي چئني ڪُنڊن ۾ روزانو ڪيترائي ڳڀرو توڙي سنڌ جون غريب ۽ بيروزگار پڙهيل لکيل نياڻيون پنهنجن ٻچن کي بُک وچان دانهون ڪندي دلبرادشته ٿي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيون ٿي وڃن. هتي انتهائي افسوسناڪ صورتحال درپيش آهي، قتل رتوڇاڻ هجي، اغوا، ڦرون، چوريون، غريب بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر هجي، انهن بي واجبين جي ڪا کوٽ نه آهي، صورتحال اهڙي نهج تي پهچي وئي آهي جو هتي اسان جي معاشري ۾ شل نه ڪو غريب هجي يعنيٰ ڏوهه ڪرڻ گناهه ناهي رهيو پر غريب هجڻ وڏو گناهه تصور ڪيو ٿو وڃي، ڏاڍ اڳيان شل نه ڪنهن سفيد پوشاڪ غريب جو ڪو غرض نڪري پئي، پوءِ اهو غريب ئي پنهنجي غربت کي پٽي ٿو، بس هن دنيا جو عجيب نظارا ڏسڻ وٽان آهن.آئون هميشه هڪڙي ڳالهه وڏي فخر سان ڪندو آهيان ۽ خاص ڪري هڪ منهنجو ڏکن جو ساٿي دوست جڏهن هن معاشري جا عجيب ڏک ۽ ڏولاوا پنهنجن تڪليفن جا داستان يونيورسٽي دور جون تڪليفون ۽ سندن ميرٽ تي حاصل ٿيندڙ ڊگري جا ڪاغذ کڻي پاڻ هڪ قابل ۽ فرض شناس ٽنڊو غلام علي ڄائو وقاص جٽ اِهي سڀ معاملا دل کولي شيئر ڪندو آهي ۽ هڪ پڙهيل لکيل قابليت يافته هجڻ سان گڏوگڏ هن زماني کي گهرائي سان سمجهندڙ ساٿي دوست آهي، تنهن اڳيان مون هميشه اها ڳالهه ڪئي آهي ته جنهن به حال ۾ هجو شڪر ڪريو، ڇوته مايوسي ڪفر آهي، جنهن کي رب پاڪ پسند نٿو ڪري. مجموعي طور تي ڏسجي ته اڄ هي جيڪو ڪجهه خودڪشين جي واقعن جو رجحان وڌي رهيو آهي، انهي پٺيان اڪثر بيروزگاري آهي، وفاقي حڪومت هجي يا صوبائي حڪومتون هجن، اهڙا واقعا ٿيڻ کانپوءِ اڄ سوڌو ڪنهن به چونڊيل نمائندي جي وات مان پاڻ اظهارِ افسوس به ڪونه ٻُڌو آهي. سنڌ حڪومت گذريل 14 سالن کان مٿي عرصي کان وٺي هڪڙي ئي پارٽي جي هٿ ۾ آهي، سندن نعرو به ساڳيو آهي ته ”روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان“ جيڪڏهن گذريل 14 سالن جي ٽائيم پيرڊ ۾ پاڻ وفاقي حڪومتن جو ذڪر ٿا ڪريون ته اُتي به هڪڙن حڪمرانن چيو ته ”ووٽ دو عزت لو“ ۽ ڪن وري چيو ته ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ اسان جو منشور آهي ته وري اڄ جيڪي وفاقي حڪومت جون واڳون سنڀاري ويٺا آهن، تن ته انمول نعرا هڻي سبز خواب ڏيکاري اڄ پنهنجا پير ئي پوئتي ڪري هڪڙي ڳالهه تي بيٺا آهن ته اسين پرائين حڪومت جا قرض ۽ خسارا پيا ڀريون، باقي پوري ملڪ جي عوام ڇو نه پيٽ پالڻ خاطر هڪ ڳڀي لاءِ سِڪي مري وڃي ۽ هاڻ ته موجوده حڪمران غربت جو خاتمو به غريبن جي خاتمي سان ڪرڻ ٿا چاهين! گذريل ٽن سالن کان جيئن ئي وفاق اندر پي ٽي آئي جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي، نه رڳو بيروزگاري پر گڏوگڏ مهانگائي جو جيڪو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، تنهن گذريل حڪومت جو رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ جي مڙني صوبن اندر جيڪا مهانگائي، بک ۽ بدحالي آئي آهي، تنهن جو ته ڪو تاريخ ۾ مثال ئي نٿو ملي، پر پوءِ به تنهن هوندي عمران خان چوي ٿو ته ملڪ بهتري جي رستي تي هلي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر جيتريون به خودڪشيون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ نه رڳو سنڌ حڪومت کي قصوروار قرار ڏبو پر گڏوگڏ وفاقي حڪومت به ڀاڱي ڀائيوار آهي. الميو اهو به آهي ته گذريل ٽن سالن کان رڳو اخبارن ۾ ائڊوٽائيزمينث ڏئي مسڪين بيروزگار نوجوانن کان هزارين روپين جا آن لائن چالان ڀرايا ٿا وڃن، پر پئسا اوڳاڙڻ بعد مختلف بهانا بنائي ٽيسٽون ملتوي ڪيون وڃن ٿيون يا وري چور دروازي مان پنهنجا نوازي ڪئي ٿي وڃي، باقي منهنجي دوست قابل يافته وقاص جٽ جهڙي جا نالا ئي فيل لسٽ ۾ لڳايا وڃن ٿا، يعني اسان وٽ ناقابل رڳو غريب جو اولاد آهي، باقي جيڪڏهن اوهان کي قابل ترين ٻار ڏسڻو ۽ ٻڌڻو هجي ته اُهو ڪنهن وزير مشير يا وري ڪنهن آفيسر جو لاڏلو هوندو، سي سڀ اڻڀيون ۽ سڻڀيون نوڪريون انهن لاءِ ئي مختص ٿيل آهن. مون کي ته ان وقت به وڏو افسوس ٿيندو آهي جڏهن معمول موجب صبح جو ٿڌي سڙڪ تي قائم سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ٻاهران نوجوان شاگردن ۽ انهن معصوم شاگردياڻين جا ميلا لڳا پيا هوندا آهن، اُهي اميدوار جيڪي قيمتي ڊگريون هٿن ۾ کڻي سڄو سڄو ڏينهن قطارن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. خبر ناهي ته سندن قسمت ساٿ به ڏئي ٿي الائي جي نه، پر انهن ويچارن کي اهڙي آفيس اڳيان به ڌڪا نصيب ٿا ٿين. سدو ڳالهه ڪري رهيو هئس سنڌ اندر وڌندڙ خودڪشين جي واقعن جي ته اڄ خبر ناهي ته ڇو اِهڙا واقعا اخبارن جي زينت بڻيل آهن، ڪڏهن ٿر جي ٻٻرن جي وڻن مان نوجوانن جا لاش لاٿا پيا وڃن ته وري ڪڏهن سانگهڙ، بدين ۽ ڪشمور جي روڊن تي نوجوانن پاران ڊگريون هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، انهن مان ڪن ته خودڪشيون به ڪري ڇڏيون، هي سڄي افسوسناڪ صورتحال اڄ جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن لاءِ سواليه نشان بڻيل آهي ته آخر ڪڏهن هن سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي حق ڏنا ويندا ۽ خودڪشين جي رجحان ۾ گهٽتائي ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو