نهال هاشمي سنڌ جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻي ورتو

نهال هاشمي سنڌ جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نهال هاشمي سنڌ جي گورنر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت نهال هاشمي کان سندس عهدي جو حلف ورتو.سنڌ جي گورنر جي حلف برداري تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.واضح رهي ته نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو گذريل ڏينهن ڪيو ويو هو، جڏهن⁠ ته صدر آصف علي زرداري سندس مقرري جي منظوري ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو