سنڌ جي لائبريرين ۾ فرنيچر سميت سموريون سهولتون فراهم ڪبيون

سنڌ جي لائبريرين ۾ فرنيچر سميت سموريون سهولتون فراهم ڪبيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي لائبريرين ۾ فرنيچر، نوان ڪتاب، ڪمپيوٽر سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته ان جي فراهمي بابت پبلشرز جو اجلاس ٿيو. ڪتابن جي پڻ درخواست ڪئي ويندي. هن چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ته سنڌ جي لائبريرين کي آباد ڪري نوجوانن کي هر قسم جي علم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. اسان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب لائبريرين کي جديد طرز تي آڻي ڪري شاگردن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊاڪٽر محمد عمر بن دائود پوٽا لائبريري حيدرآباد جو دورو ڪري لائبريري جي مختلف حصن جو معائنو ڪندي ۽ شاگردن سان ملاقات ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي لائبريري اعجاز شيخ، ڊي جي ثقافت منور مهيسر ۽ ٻيا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه شاگردن کان لائبريري ۾ فراهم ڪيل سهولتن بابت ڄاڻ ورتي ۽ شاگردن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون. سيد ذوالفقار علي شاهه ڊاڪٽر محمد عمر بن دائود پوٽا لائبريري جي توسيع واري منصوبي جو پڻ جائزو ورتو. ٻئي پاسي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد جو دورو ڪيو ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. سيد ذوالفقار علي شاهه سنڌي لئنگئيج اٿارٽي قاسم آباد جو دورو پڻ ڪيو ۽ لائبريري ۽ رڪارڊ جو معائنو ڪيو. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه انتظاميه کان بريفنگ وٺندي سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته تاريخي ۽ موجود ڪتابن کي جديد گهرجن مطابق وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ ڪيو وڃي. هن چيو ته ادب ۽ ٻولي جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي، سنڌي لئنگويج اٿارٽي قابل قدر ڪم ڪيو آهي پر ان ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي. ان بعد صوبائي وزير سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز سيد ذوالفقار علي شاهه پڻ ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ سينٽر ڄامشورو جو دورو ڪيو ۽ سينٽر جي عملي سان ملاقات ڪئي ۽ معلومات ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو