ليکڪ: اوشاق علي بليدي
اڄ جڏهن دنيا جا ٻار هٿن ۾ جديد ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ ۽ نئين دور جون مشينون کڻي خلا جي وسعتن کي ماپڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، تڏهن اسان جي سنڌ جا لکين معصوم ٻار اڃا تائين “الف” مان اک ۽ “ب” مان بدڪ جي پڃري ۾ قيد آهن. اها رڳو پڙهائڻ جي ڪمي ناهي، پر اسان جي پوري نسل جي مستقبل کي زهر ڏيڻ برابر آهي. اسان جو تعليمي نظام ان بيٺل گندي پاڻيءَ جهڙو ٿي ويو آهي، جنهن مان هاڻي سڌارن جي اميد بدران بدبوءِ اچڻ لڳي آهي.
نئون دور ۽ اسان جي پٺتي پيل تعليم:
دنيا جا ٻار اڄ اهڙي تعليم پيا حاصل ڪن جيڪا کين سوال ڪرڻ ۽ تخليقي صلاحيتون وڌائڻ ۽ نيون شيون ٺاهڻ سيکاري ٿي. پر اسان جي سرڪاري اسڪولن جو حال ڏسو ته اڄ به اتي ويهين صديءَ وارو پراڻو طريقو هلي رهيو آهي. جڏهن هڪ سنڌي ٻار اسڪول جي چائنٺ چڙهي ٿو، ته کيس نه اتي بجلي ملي ٿي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نه ئي ڪو اهڙو ماحول جيڪو کيس نئين دور جي گهرجن لاءِ تيار ڪري سگهي. اسان جي تعليمي پٽي “الف” کان شروع ٿي “ي” تي کٽي ته وڃي ٿي، پر ان پوري سفر ۾ ٻار جي ذهن کي جيڪو شعور ۽ سمجهه ملڻ گهرجي، سا ڪٿي به نظر نٿي اچي.
استادن جو رويو: رڳو موڪلن جو انتظار:
هن پوري معاملي جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ پاسو اسان جي استادن جو بدليل انداز آهي. استاد کي “روحاني پيءُ” ۽ “سماج جو معمار” چيو ويندو آهي، پر اڄ سنڌ جي اڪثريت، يعني لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو استاد اهڙا آهن جن جو تعليم سان گهٽ ۽ مهيني جي پگهار سان وڌيڪ چاهه آهي.
يقينن سنڌ ۾ سٺا استاد به هوندا پر سندن تعداد شايد اٽي ۾ لوڻ برابر هجي پر اڪثريت استاد، گسائڻ، پڙهائڻ کان لنوائڻ، اسڪول ٽائيم ۾ پنهنجا ذاتي گهريلو ڪم ڪار ڪرڻ ۽ سياسي سرگرمين ۾ مصروف نظر ايندا آهن. اسان جو اڪثر استاد اڄ ان تاڙ ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن ڪو سياسي، مذهبي يا برسات جو بهانو بڻجي ۽ موڪل جو اعلان ٿئي. جڏهن استاد جي اک ڪتاب جي صفحن بدران موڪلن واري ڪئلينڊر تي هجي، ته پوءِ ان قوم جي ٻارن جو مستقبل اونداهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو. استاد جو ڪم رڳو اسڪول ۾ حاضري ڀرڻ ناهي، پر شاگرد جي روح ۾ علم جي جوت جلائڻ آهي. پر هتي ته ڏيئو ٻارڻ وارو پاڻ غفلت جي گهري ننڊ ۾ ستل آهي.
اسڪول يا وڏيرن جون اوطاقون؟
سنڌ جا سوين اسڪول اڄ تعليمي ادارا گهٽ ۽ کنڊر يا اوطاقون وڌيڪ لڳن ٿا. ڪٿي اسڪولن ۾ بااثر ماڻهن جون مينهون ٻڌل آهن، ته ڪٿي وري اسڪولن کي گاهه رکڻ لاءِ گودام بڻايو ويو آهي. جن ڀتين تي سٺا قول ۽ علم جون ڳالهيون لکيل هجڻ گهرجن ها، اهي اڄ سياسي پوسٽرن ۽ مٽيءَ سان ڀريل آهن. جڏهن اسڪول جي عمارت ئي محفوظ ناهي ۽ استاد جي نيت ۾ کوٽ آهي، ته پوءِ تعليمي سڌاري جون ڳالهيون رڳو ڪوڙا دلاسا آهن.
نسل ڪشي ۽ اسان جي ذميواري:
هي اسان جي مرندڙ سماج جي دانهن آهي. جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي ٻارن کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد سائنس نه سيکاري، ته سڀاڻي هو دنيا جي پورهيتن واري قطار ۾ به سڀ کان پٺيان بيٺل هوندا. اسان کين هٿن ۾ ڊگريون ته ڏينداسين، پر انهن ڪاغذن جي ٽڪرن سان کين ڪٿي به عزت جو روزگار نه ملندو، ڇو ته سندن ذهني واڌ ويجهه ته “الف” جي اک مان ٻاهر نڪتي ئي ناهي.
هر استاد کي اهو سوچڻو پوندو ته هو جيڪو وقت اسڪول کي نه پيو ڏئي، اهو اصل ۾ ڪنهن غريب جي ٻار جو سڀاڻي جو لقمو کسڻ برابر آهي. آفيسرن جي لاپرواهي ۽ سياسي مداخلت سنڌ جي تعليم کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي.
سنڌ جي تعليم کي بچائڻ لاءِ هاڻي رڳو ڳالهين جي ضرورت ناهي، پر عملي قدم کڻڻا پوندا. استادن کي پنهنجي ضمير اڳيان جوابده ٿيڻو پوندو. کين موڪلن جي ملس تان نظر هٽائي ٻارن جي مستقبل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن اڄ به اسان جي اک نه کلي، ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اسان کي پنهنجي ٻارن کي “الف” جي گهيري مان ڪڍي ڪائنات جي سچائين تائين پهچائڻو پوندو. تعليم رڳو نوڪريءَ جو نالو ناهي، پر هڪ بهتر انسان بڻجڻ جو رستو آهي. جيڪڏهن اسان جو استاد پنهنجو سچو ڪردار ادا ڪري، ته اڄ به سنڌ جا ٻار دنيا جي وڏن وڏن ادارن ۾ پنهنجي مڃتا ڪرائي سگهن ٿا.
سياڻن سچ چيو آهي ته ’تباھي تڏهن ناهي ايندي جڏهن عمارتون ڪرنديون آهن، پر تڏهن ايندي آهي جڏهن استاد پنهنجو اخلاقي رتبو وڃائي رڳو پگهار جو غلام بڻجي ويندو آهي‘.










