طفيل مگسي
قومي تاريخ ۽ علائقائي تاريخ و صوبائي تاريخ نويسي ٻئي الڳ الڳ بنياد تي جڙندي آھي.قومي تاريخ جيڪا بحيٽيت قوم.جو ڳڏيل سياسي.معاشي.سماجي ۽ ارتقائي تاريخ جو احساس ڪندي آھي.۽ ان تحقيق جي نتيجي ۾ قومي هيرو تاريخ ۾ چٽي ريت اڀرن ٿا.قومي تحريڪن کي علائقائي مفادن کان الڳ رکي ڪري ڏٺو ويندو آھي.جنهن ۾ قوم هڪ اهم عنصرجي طور تي اڀري ٿي.جڏھن ته علائقا ۽ قوميتون حقيقي بنياد تي هونديون آھن. ان جي ڀيٽ ۾ علائقائي يا صوبائي تاريخ قوم.کان الڳ ٿي ڪري پنهنجي تاريخ کي قوميت جي بنيادن تي جوڙي ٿي.۽ علائقائي سياست .معشيت.۽ ثقافتي وسماجي سرگرمين کي اجاگر ڪري ٿي.ان تاريخ نويسي ۾ صوبائي يا علائقائي شخصيتون الڳ ريت کان اڀرن ٿيون.۽ انهن جا ڪارناما صوبي يا علائقي جي ماڻھن جي لاء فخر جو سبب هوندا آھن. قومي وعلائقائي تاريخ روين ۽ لاڙن کي جنم ڏين ٿيون يعني هڪ قومي سڃاڻپ کي اڀاري ٿي ته ٻئي انهيء کي مضبوط ڪري ٿي. انهن ٻنهي تاريخن ۾ ان وقت اڃا به ٽڪراء وڌي وڃن ٿا ته جڏھن قومي تاريخ نئين هجي ۽ علائقائي تاريخ پراڻي هجي.مقصد ته اهو فرق يا ڏوري ان وقت اڃا وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري ٿي جڏھن قومي تاريخ کي سياسي تسلط جي لاء استعمال ڪيو وڃي ۽ ان جي وسيلي علائقائي سڃاڻپ ۽ امتياز کي پسمنظر ۾ ڌڪيو وڃي.يا ان کي ڪمزور ڪيو وڃي يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. قومي ۽ علائقائي تاريخون ان وقت به پاڻ ملهائينديون آھن.جڏھن ڪنهن ملڪ جا علائقا پنهنجي الڳ جغرافيائي.لساني ۽ ثقافتي سڃاڻپ رکندا هجن ۽ انهن کي رياست جي ڏاڍ ۽ تششدد جي وسيلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ان کي پاڻ ۾ زبردستي پويو وڃي. ان پسمنظر ۾ جيڪڏھن اسان پاڪستان ۾ قومي ۽ علائقائي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي پتو پوي ٿو ته پاڪستان جي قيام جي وقت ان جا پنج صوبا پنهنجي الڳ بنياد تي الڳ حيثيت رکندا هئا.پاڪستان جو بحيثيت ملڪ وقوم جي بلڪل نئون وجود هو.ان ڪري جڏھن هن ڳاله تي زور ڏنو ويو ته پاڪستاني قوميت علائقائي يا صوبائي قوميت کان وڌيڪ اهم ۽ برتر آھي ۽ ان جي لاء ضروري آھي ته علائقائي فرق کي ختم ڪري ان کي هڪ قوم ۾ ملائي ڇڏجي ته ان جو ردعمل صوبن ۾ ڪاوڙ وارو ٿيو.جڏھن صوبائي سڃاڻپ کي رد ڪري تعصب ۽ صوبي پرستي جي طور تي منفي انداز ۾ استعمال ڪيو ويو ته علائقي جي ماڻھن ۾ ان جي سبب کان محرومي جو احساس ۽ ڏک وڪاوڙ جي جذبن جنم ورتو.
سنڌ جي تاريخ نويسي پاڪستان جي سياسي حالتن ۽ انهن جي لاهن چاڙھن ۽ تبديلين جي آرسي آھي.جيئن جيئن ملڪي و قومي حالتون بدلبيون ويون.ان ريت سان سنڌ جي تاريخ نويسي جا لاڙا ۽ نظريا بدلبا ويا ۽ ان مرحلي تي اها ڳاله ذھن ۾ رکڻ ضروري آھي ته ورهاست جي وقت سنڌ ٻين صوبن جيان ٻن حصن ۾ ورهايل نه هئي.جيئن بنگال ۽ پنجاب ۽ نه ئي سرحد جيان ته جتي پٺاڻ قبيلا سرحد ۽ افغانستان يعني ٻنهي هنڌن تي موجود آھن.
ان جي الڳ حيثيت يعني سنڌ جي انهن حالتن ۾ ختم نه ٿي وڃي.انهيء ڪري ان جو ردعمل اهو هيو ته سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن هن جي سڃاڻپ ۽امتياز قائم رهي.ان مقصد جي تحت 1951ع۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت سنڌي ادبي بورڊ کي قائم ڪيو ته جيئن سنڌي ادب.ٻولي ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم ٿيئي.بورڊ جي طرف کان اهو فيصلو ٿيو ته 9حصن ۾ سنڌ جي هڪ تاريخ لکي وڃي.يعني شروعاتي فارسي جي بنيادي ٽڪرن جي ڇپائي ڪئي وڃي ۽ ان جا اردو ۽ سنڌي ترجماڇاپيا وڃن. سنڌ جي تاريخ ته مڪمل نٿي سگهي.مگر سنڌ جي بنيادي ٽڪرن جي اشاعت تاريخ جي جوڙجڪ جي لاء مواد ميسر ڪيو.ان جي سنڌي ۽ اردو ترجمن سنڌ جي رهڻ وارن ۾ سنڌ جي تاريخ جو شعور پيدا ڪيو.اها هڪ ڪوشش ھئي ته سنڌ جي تاريخ نويسي جي مدد سان سنڌي ۽ اردو ڳالهائڻ وارن کي سنڌ جي تاريخي عمل ۾ برابر واري حيثيت سان شريڪ ڪيو وڃي. سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ ھڪ اهم لاڙو هن جو اسلامي ڪردار آھي. ۽ ھن ڳاله تي فخر جو اظھار ڪيو وڃي ٿو ته سنڌ برصغير جو اهو پهريون علائقو آھي. ته جتي عرب بحيثيت فاتح جي آيا.هن کي فتح ڪيائون ۽ هتي اسلام پکيڙيائون.ان مناسبت سان سنڌ کي“باب الاسلام“جو درجو ڏنو ويو. موجوده دور جي ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي نظرين جي جنگ ۾“باب الاسلام“ساڄي ڌر وارن جي لاء هڪ اهم نشاني بڻجي ڇڪو آھي.۽ ھاڻي هرسال سنڌ ۾ يوم“باب الاسلام“ملهائي ڪري محمد بن قاسم کي بحيثيت هيرو جي پيش ڪيو وڃي ٿو. سيد سليمان ندوي عربن جي فتح سنڌ ۽ ترڪن جون اتر هندستان جي فتحن ۾ فرق ٻڌائيندي.چئي ٿو ته عرب ڇاڪاڻ ته اسلام جي بنيادي تعليمات کان واقف هئا.ان ڪري بهتر نموني ۾ برصغير ۾ اسلام آڻڻ وارا اهي ئي هئا.ترڪ فاتح نه. هو لکي ٿو ته. ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ جيڪي ترڪ.افغان ۽ مغل فاتح آيا اهي مسلمان هئا.ان ڪري انهن جي سمورين ڪارواين جو ذميوار اسلام کي سمجهيو وڃي ٿو.حالانڪ ان حقيقت کان اسان سڀني کي واقف ٿيڻ گهربو هو ته ترڪ فاتح جيڪي هندستان آيا.خاص خاص آفيسر ۽ عهديدارن کي ڇڏي ڪري قوم جي گڏيل حيثيت کان اهي نه اسلام جا نمائندا هئا ۽ نه انهن جي اصولن جي سلطنت اسلام جي طرز حڪومت سان ڪا مناسبت رکندي هئي.ان جي ڀيٽ ۾ عرب فاتح اهي ماڻھو هئا جن ۾ اسلام جي تعليمات زنده هئي.ان ڪري انهن جا طور طريقا .حڪومت جا اصول ۽ حڪومتي طرز سلطنت جي خيبر کان اڇڻ وارين قومن کان بلڪل مختلف هئا(2). ان نقط نظر کان سنڌ جي خاص اسلامي حيثيت آھي.جڏھن ته برصغير ۾ جتي جتي مسلمان آھن.اهي علائقا سنڌ جي مقابلي ۾ پنهنجي اسلامي ڪردار ۾ ڪمزور آھن.سنڌ جي باب الاسلام واري حيثيت ان وقت اڃا وڌي وئي ته جڏھن قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته پاڪستان ته ان وقت بڻجي ويو هوته جڏھن پهريون مسلمان سنڌ جي ڪناري تي نروار ٿيو هو. ان ڪري باب الاسلام هئڻ.عربن جي فتح ۽ درست اسلامي تعليمات سنڌ جي صوبي کي نه صرف برصغير بلڪ پاڪستان جي ٻين صوبن کان ممتاز ڪري ڇڏيو.ڇوته ٻين صوبن اسلا۾ پوء آيو.وري اهو اسلام ترڪ.افغان ۽ مغل فاتحن جي وسيلي آيو.ته جيڪي عربن جي مقابلي ۾ اسلام جي تعليمات کان اڻواقف نه هئا.ان لاء سنڌ جو اسلامي ڪردار وڌيڪ حقيقي ۽ ڳوڙھو آھي.جڏھن ته برصغير جي ٻين مسلمانن ترڪن ۽ مغلن جي سماجي وثقافتي روايتن ۽ رسمن جا وارث آھن. سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ ھڪ ٻيو اهم موضوع سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ۽ ريشمي رومال جي تحريڪ آھي.ته جن ۾ سنڌ جي مسلمانن وڏو حصو ورتو.انهن تحريڪن ۾ شموليت سنڌ جي اتر هندستان ۽ بنگال جي مسمانن جي جدوجهد ۾ برابر جو شريڪ ڪري ڇڏيو.1937ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحيدگيء ۾ برصغير جي مسلمانن ۾ ھڪ نئون سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ ان مسلمانن جي الڳ حيثيت کي مضبوط بنائڻ ۾ مدد ڏني.
سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ ھن ڳاله تي زور ڏنو ويندو رهيو آھي ته پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ سنڌ جو نهايت ئي اهم رهيو آھي.مثلا 1938ع ۾ ڪراچي ۾ صوبائي مسلم ليگ هڪ آزاد مسلمان رياست جي قيام جي لاء ريزولوشن پاس ڪيو.جنهن کي شيخ عبدلمجيد سنڌي پاس ڪيو هو.
3مارچ 1943ع سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي قيام جي سلسلي ۾ جيڪا رٿ پيش ڪئي هئي.ان جي حمايت ۾ جي.ايم.سيد پرزور تقرير ڪئي هئي.۽ چيو هو ته هندستان ۾ مسلمان هڪ الڳ قوم آھن.انهن جو مذھب.فلسفو.سماجي رسمون .ادب.روايتون.سياسي ۽ اقتصادي نظريا بلڪل مختلف آھن.ان ڪري کين کي هڪ قوم تسليم ڪندي الڳ علائقو ڏنو وڃي(3). 1946ع ۾ سنڌي جي صوبائي اسيمبليء سڀ کان اڳ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي قرارداد پيش ڪئي.سنڌي ادبي بورڊ جي طرف کان ان جي رسالي“مهراڻ“1985ع تحريڪ آزادي نمبر ڇاپيو هو.ان جي ايڊيٽوريل ۾ سنڌ ۽ تحريڪ آزادي جي ڀاري ۾ روشني وجهندي لکيو ويو آھي“وطن عزيز پاڪستان جو اصل خالق سنڌ آھي(4). اڳتي هلي ڪري ان تي افسوس جو اظھار ڪيو ويو آھي ته پاڪستان جي قيام کانپوء ٻيا صوبا سنڌ جي ان تاريخي ڪردار کي يا ته گهٽ ڪري پيش ڪري رهيا آھن يا ان کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي.مثلا.قائداعظم مۡمدعلي جناح ته جنهن جي جنم جو هنڌ جهرڪ آھي.ان جي بجاء هاڻي ڪراچي جي وزير مينشن کي اهو مقام ڏنو ويو آھي.سنڏ جي قومي ۽ تاريخ ساز شخصيتن جي باري ۾ قومي سطح تي انهن جي خدمتن جو اعتراف نه ڪيو ويو.(5).ان ڪري مهراڻ جي ان شماري ۾ ٻه حصا آھن.پهرين حصي ۾ سنڌ جي آزادي وارين تحريڪن جي باري ۾ ڪردار ڏنو ويو آھي.جڌھن ته ٻيئي حصي ۾ تحريڪ آزادي جي 18 خاص شخصيتن جو ذڪر ڪيو ودو آھي. تحريڪ آزادي ۽ پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ سنڌ پنهنجي ڪردار کي پيش ڪري صوبائي حقن ۽ صوبائي خودمختياري جي حق ۾ مضبوط ٿيڻ ٿي چاهيو هو.ڇوته قيام پاڪستان کانپوء سنڌ کي حڪومت کان اها نمائندگي نه ملي هئي.جنهن جو هو خواهشمند هو.ان جي بنياد تي اڄ به سنڌ پنهنجي حقن جي لاء جدوجهد ڪري رهي آھي. سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ ان وقت انقلابي تبديلي آئي جڏھن 1956ع جي دستور ۾ اوله پاڪستان جي چئني صوبن کي ملائي ڪري ون يونٽ لڳايو ويو.ان عمل سنڌ کي هڪ ڀيرو ساڳئي صورتحال کان پريشان ڪري ڇڏيو ته جيڪا بمبيء سان الحاق جي صورت ۾ ھئي.سنڌ جي خودمختياري هڪ ڀيرو وري ختم ٿي وئي.۽ اھا بمبئي جي جڳه تي لاهور جي ماتحت ٿي ڪري رهجي وئي. ان عمل سنڌ جي اڳواڻن جي موقعي پرستي به اڀري ڪري سامهون آئي.انهن ۾ اهي اڳواڻ ھئاته جن پنهنجي ذاتي مفادن جي خاطر ون يونٽ جي حمايت ڪئي ۽ ان جي جوڙجڪ ۾ پنهنجا وسيلا ۽ توانائيون استعمال ڪيون.ان مرحلي تي اهي اڳواڻ به سامهون آيا ته جن ان سياسي عمل جي مخالفت ڪندي قيد ۽ سزائون برداشت ڪيون. ون يونٽ جي تجربي سنڌ کي سياسي طور تي باشعور بنائڻ ۾ وڏي مدد ڏني.ڇاڪاڻ ته انهن تي پنجاب جي بالادستي هئي سنڌ بيراج جون زمينون فوجي آفيرن ۽ بيوروڪريٽس کي ڏنيون ويون.سرڪاري نوڪرين ۾ غير سنڌين جو تسلط ٿي ويو.انهن حالتن ۾ سنڌين کي احساس ٿيو ته“باب الاسلام“هئڻ ۽ تحريڪ آزادي پاڪستان جي قيام جي جدوجهد انهن جي حمايت انهن کي نه صرف حقن کان مۡحروم ڪري ڇڏيو بلڪ سياسي ومعاشي ۽ ثقافتي طور تي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.ان ڪري سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ هينئر تائين جيڪا اهميت مذھب ۽ مذھبي سڃاڻپ هئي.ان کي رد ڪيو ويو.ان جي مقابلي ۾ جيڪي نوان لاڙا پيدا ٿياانهن سنڌ ۾ “نيشنل ازم“جي جذبن کي جنم ڏنو.ان سان گڏ ئي تاريخ نويسي ۾ انهن واقعن کي اجاگر ڪيو ويو ته جن ۾ غير ملڪين جي حملن جي سبب کان سنڌ کي نقصان کڻڻو پيو هو ۽ غير ملڪي ثقافت جو سنڌ تي تسلط ٿي ويو هو.ان موقعي تي سنڌ جي تاريخ ۾ اهي گروه پيدا ٿيا يعني هڪ اهي ته جن سنڌ جي دفاع ۾ قربانيون ڏنيون هيون.غير ملڪين جي خلاف مزاحمت ڪئي هئي ۽ ٻيا اهي هئا ته جن سنڌ جي مفاد کي هڪ پاسي ڪري پنهنجن فائدن جي لاء حمايت ڪئي هئي.جنهن ۾ “سنڌ جي سورمن ۽ سنڌ جي غدارن“جي تاريخي ڪردار جو جائزو ورتو ويو(7). جي.ايم.سد سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ جيڪي اهم تبديليون ڪيون اهي هيء آھن ته هن عربن جي سنڌ کي فتح رحمت جو سبب نه بلڪ رسوائي جو سبب قرار ڏنو.محمد بن قاسم جيڪو هينئر تائين فاتح ۽ ھيرو هو.اهو حملي آور ۽ غاصب ٿيو.ته جنهن سنڌ تي حملو ڪري هن کي فتح ڪري هن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.ان جي جاء تي اصل هيرو راجا ڏاھر هو ته جنهن مادروطن جو دفاع ڪيو.هتي سنڌ جي تاريخ اسلام پسندن ۽ قوم پرستي ۾ ورهائجي وڃي ٿي.اسلام پرست سنڌ جي تاريخ پراڻي .وادي سنڌ جي تهذيب ۽ ان تي فخر ڪرڻ کي غير اسلامي سمجهندي ان کي رد ڪن ٿا ۽ سنڌ جي تاريخ جي شروعات عربن جي فتح کان ڪن ٿا.جڏھن ته قومپرست عربن جي فتح کي ٻين حملي آورن جيان هڪ غاصباڻو حملو تصور ڪندي ان جي مذمت ڪن ٿا.انهن ٻنهي لاڙن ۾ سنڌ جي موجوده سياست ڏيک ڏيئي ٿي.حملي آور چاهي مسلمان هجي يا غير مسلم .ان کي بحيثيت حملي آور ۽ غاصب جي ڏسڻ گهرجي.وطن جو دفاع چاهي هندو يا مسلمان ڪري ان جي عزت ڪرڻ گهرجي(8). جي .ايم.سيد سنڌ جي تاريخي ٽڪرن تي تنقيد ڪئي.جن ۾ انهن حملي آورن جي تعريف آھي.جيئن چچ نامو يا جنت سنڌ وغيره.هن جي ويجهوانهن تاريخن ۾ سنڌ جي ماڻھن جي لاء مدهوشي جو مواد آھي.ته جيڪو کين کي درست تاريخي شعور کان محروم ڪري ڇڏي ٿو.(9)ان ڪري اهي سمورا فاتح جن سنڌ کي فتح ڪيواهي غاصب .ظالم ۽ سنڌ کي تباه ڪرڻ وارا هئا.چاهي اهو دارا هجي يا محمد بن قاسم .محمود غزنوي.علاوالدين خلجي.شاه بيگ ارغون .خان خانان فرخ سيهر هجي يا چارلس نيپيئر هجي(10). موجوده سياسي حالتن ۾ ضروري هو ته تاريخ کي هيروز ۽ غدارن جي سڃاڻپ ۾ لکيو وڃي.يعني اهي فرد جن سنڌ جو دفاع ڪيو.ان جي لاء قربانيون ڏنيون.۽ پنهنجي ذاتي مفادن کي ملڪ وقوم جي مفادن تي اوليت ڏني.اهي ماڻھو ته جن غير ملڪين .فاتحن سان مفاهمت ڪندي ذاتي فائدا حاصل ڪيا.ان ڪري سنڌ جي سورمن ۾ راجا سهيرس..راجا ڏاھر.دودوسومرو.دريا خان.مخدوم بلاول.شاه عنايت.هوش محمد شيديالله بخش سومرو.۽ ھيمون ڪالاڻي شامل آھن.جڏھن ته غدارن ۾ قاضيي قاضن.ناو مل.۽ مير علي مراد ٽالپر خاص آھن جن سنڌ سان غداري ڪئي.ان ئين تاريخ نويسي ۾ اهو پيغام ڏنو ويو ته سنڌ جي آزادي جون جنگيون جيڪي ڪيچ مڪران.ٺٽي.مياڻي ۽ دٻي ۾ وڙھيون ويون اهي ختم ناهن ٿيونبلڪ هينئر تائين اهي جنگيون شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڙھيون وينديون(11). سنڌ تي غيرملڪي تسلط جا ڪهڙا اثر پيا؟ان موضوع تي 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ڪتاب“تاريخ مظھر شاهجهاني“ڇاپيو.جنهن جو ڪيس حسام.الدين راشدي لکيو آھي.ان ڪيس ۾ ھن خصوصيت سان انهن واقعن جي چونڊ ڪئي آھي.جن ۾ سيوستان جي مغل گورنر جي سنڌ جي ماڻھن سان ظلمن جي تفصيل آھي.ان کي جيڪڏھن زماني حال جي نظر ۾ ڏٺو وڃي ته اندازو ٿيئي ٿو ته سنڌ اڄ به غيرملڪي تسلط ساڳئي ريت ظلمن جو شڪار آھي.مثلا هو لکي ٿوسنڌ جي گورنر جون ميرزا يوسف“هر ڏينهن بيگناه ماڻھن کي شهر کان گهرائي پنهنجي سامهون ذليل ڪندا هئا. ۽ ان ريت ٻي ٽي سو بفگناه ماڻھن کي ڪٽڻ ھن وٽ روزاني جو معمول هو.مار ڏيڻ وقت جيترا مظلوم مري ويندا هئا.انهن جي سارسنڀال ڪرڻ وارو ڪوبه نه هو.ظلم جي اونداهي ايتري ڇانيل هئي ته داد فرياد جي لاء ڪنهن کي سڏين ها ۽ ڪنهن جو درکڙڪائين ها؟(12)مغل حڪومت ۽ ان جي عهديدارن جي ظلمن ۾ ماڻھن جي دولت وجائيداد ضبط ڪرڻ.وڏاٽيڪس مڙھڻ.اذيت جا نوان نوان طريقا اختيار ڪرڻ .ماڻھن کسن رشوت وٺڻ .ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ شھر جي معزز ماڻھن جي بيعزتي ڪرڻ شامل هو.جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سيوستان جو سمورو علائقو تباه وبرباد ٿي ويو.علائقن جا علائقا ويران.آباديون اجڙي ويون ۽ زمينون سڪي ٺوٺ بڻجي ويون.ماڻھو پريشان ٿي ڪري سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري پناه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا.اهو سڀ ڪجه ٿيندو رهيو.ليڪن ڪنهن جي وات کان هڪ لفظ به نه نڪتو(13). انهيء وقت محمد عثمان ڏيپلائيء هڪ تاريخي ناول“سانگهڙ“جي نالي سان 1962ع ۾ لکيو.جنهن ۾ حر تحريڪ ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ مزاحمت کي بران ڪيو آھي.ته جيئن نئين نسل کي اهو تاريخي شعور ٿيئي ته سنڌ جو عوام غير ملڪين جي خلاف جدوجهد ڪندو رهيو آھي. سنڌ جي ماڻھن ۾ تاريخي شعور پيدا ڪرڻ جي لاء اهو به ضروري جو ته تاريخ کي ان ريت سان بيان ڪيو وڃي ته جنهن سان سنڌ جي عظمت ۽ وڏائي.۽ تهذيبي ورثي جي زرخيزي ثابت ٿيئي.ان تهذيبي عمل جي تاريخ موهن جو دڙو کان شروع ٿيئي ٿي. ۽ وري ان ثقافتي ورثي جون جهلڪيون نظام الدين جي مقبري جي چٽسالي.رني ڪوٽ ۽ عمر ڪوٽ جا قلعاحيدرآباد جو نيرون ڪوٽ.سنڌ جو اجرڪ .رلي.ڪاشي جي ٽائلن ۽ فرنيچر ۾ ڏيک ڏيئي ٿو(14). سنڌي ادب جا چمڪندڙ تارا شاه لطيف.سچل ۽ سامي آھن ته جن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي جذبن جي ترجماني ڪئي آھي.۽ سنڌ جي ٻوليء کي سرسبز بڻائي ڪري هن کي هڪ الڳ حيثيت ڏني آھي.سنڌي قومپرستي جو بنياد مذھب تي ناهي بلڪ ٻولي ۽ علائقائي آھي.سنڌي ڳالهائڻ وارو چاهي مسلمان هجي يا غير مسلم اهو قوم جو ميمبر آھي.ان نظريي به قومي نظريي جي نفي سنڌي قوميت کي سيڪيولر بنيادن تي بيهاريو آهي. هتي هن ڳاله ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آھي ته جڏھن به تاريخ کي نيشنل ازم جي تحت لکيو وڃي ٿو ته جيئن واقعن کي نه صرف چٽو ڪيو وڃي ٿو بلڪ ان جي بيان ۾ اصليت کان به ڪم ورتو وڃي ٿو.نيشنل ازم جا مخالف جيڪڏھن واقعا هجن ته انهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ به انهن لاڙن کي ڏسون ٿا.ٻيو اهو ته سنڌ جي تاريخ نويسي جا اهي نظريا علمي طور تي پيش نه ڪيا ويا بلڪ انهن کي جذباتي طور تي لکيو ۽ پکيڙيو ويو آھي.سنڌ جي مظلومي ۽ محرومي کان فائدو وٺڻ وارا سنڌ جا نام نهاد وڏيرا ۽ زميندار رهيا.جڏھن ته سنڌ جو عوام ساڳئي ريت استحصال جو شڪار ٿيندو رهيو ۽ رهي ٿو. سنڌ جي تاريخ نويسي سنڌي نيشنل ازم جي لاھي چاڙھي ۾ اچي ڪري ماٺي ٿي وئي يا ٽڪر ٽڪر ٿي ڪري وڪاجي وئي.۽ ان ۾ صرف ان حدتائين نوان خيال ۽ نظريا آيا ته جيستائين هنن نيشنل ازم کي سهارو ڏنو. ۽ قومي تحريڪ جي مفادن کي پورو ڪيو.ليڪن سنڌ جي تاريخ نويسي ۾ علمي طور تي ڪا ترقي نه ٿي.هن ڳاله جي ڪا ڪوشش نٿي ته سياست اڳتي وڌي ڪري ان کي ٻين سماجي علمن جي روشني ۾ جوڙيو وڃي. ۽ سنڌ ۽ ان جي معاشري وسماج تي تحقيق ڪئي وڃي.مثلا اهو ته ٽيڪناڪوجي سنڌ جي معاشري تي ڪهڙا اثر وڌا؟ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن تي سماجي تبديليون ٿيون ۽ هنن سنڌ جي سماجي طبقن جي ڪنهن انداز سان جوڙجڪ ڪئي.ڇا سنڌ ۾ ھارين جون بغاوتون ٿيون؟ ان جو زرعي ۽ پوکي راهي وارو نظام ڇا هو؟ان جو قبائلي نظام ڪهڙن بنيادن تي قائم هو.؟غيرمڪڪي واپار سنڌ تي ڪهڙا اثر وڌا؟ويجهڙائي ۾ شڪارپور ۽ حيدرآباد جي هندو واپارين ۽ انهن جي واپاري سرگرمين تي ڪلاڊ مارڪووش ڪم ڪيو آھي. ان کان سنڌ جي هندو واپارين ۽ انهن جي سڄي دنيا ۾ پکڙيل واپار جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ٿيئي ٿي.ان ريت سنڌ جي عالمن.تي سنڌ ۾ سکن جي موجودگي ۽ انهن جا مذھبي رويا.اهو ۽ ان قسم جا ڪافي موضوع آھن.جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي تاريخ اڃا مڪمل ناهي.هن کي سياست ۽ تنگ نظرين کان ڪڍي ڪري ڪشادن بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آھي.مگر موجوده حالتن ۾ اهو هڪ خواب لڳي ٿو.ڇوته سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ تحقيقي ادارا تخليقي صلاحيتن کان محروم آھن.جيڪي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ۽ علمي ڪم ڪري سگهن.تاريخ جو ڪم صرف سياسي مفادن کي پورو ڪرڻ باهي بلڪ ان جو ڪم ماڻھن ۾ ھڪ اهڙو تاريخي شعور پيدا ڪرڻ آھي ته جيڪو ماضي وحال کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيئي.؛؛؛










