تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
مون کي ننڍپڻ جون ڪجهه ڳالهيون ويٺي ويٺي ياد آيون آهن، جڏهن آئون تقريبن ستن سالن جو هئس، تڏهن ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن هن ملڪ کي آئين ڏنو، تنهن جي وڇڙي وڃڻ جون خبرون جهر جهنگ ۾ گونجي رهيون هيون، پوري ملڪ ۾ ٻڙڌڪ متل هو ۽ چئني صوبن مان خاص ڪري سنڌ اندر هڪ طرف عوامي ڪاوڙ، سخت ردعمل ۽ گڏوگڏ آئنده جون سوچون عوام وٽ گهَر ڪري ويون هيون، ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هميشه موڪلائي وڃڻ بعد ملڪ جي هر باشعور ماڻهو ۾ هڪ بي چيني ۽ ڏک جو لهر ڇانيل هئي، پر گڏوگڏ سنڌ جو ماڻهو خاص ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن سان وابسته ماڻهن پاڻ کي نه رڳو لاوارث پر يتيم محسوس ڪيو، وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، دنيا جي دستور ۾ پنج آڱريون برابر ڪونه آهن، اهڙي ليڊر جي شهيد ٿيڻ تي اڪثر ڌريون ته ڏکويل هيون پر ڪجهه ماڻهن اهڙي واقعي کي سنجيدگي سان ڪونه ورتو، شايد اهي ايندڙ وقت جي حالتن کان ايترا واقف نه هئا، جيڪي حالتون اڄ اسان ڏسون پيا.منهنجو هڪ استاد جيڪو اڄ 83 سالن جي ڄمار ۾ هلي پيو، کيس خراج تحسين پيش ٿو ڪريان ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ منهنجي استاد پروفيسر احمد علي شيخ ايڊووڪيٽ کي وڏي حياتي بخشي. هو جڏهن سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ ڏکوئيندڙ واقعا پڙهندو ۽ ٻُڌندو آهي ته مون هن جي زبان تان اهو ٻڌو آهي ته هاءِ! ويو موڪلائي اسان کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن نه رڳو آئين ڏنو پر هر اهو شعور جيڪو سنڌي قوم کي مليل آهي، ان ۾ اصل ڪردار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو آهي، ڪاش اڄ هو اسان جي وچ ۾ موجود هجي ها ته مجال آهي جو انهن هٿرادو ڏاڍن مڙسن جي جيڪي ڏنڊي جي زور تي هن مظلوم عوام سان هيڏا هاڃا ڪن ها.ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ مون کي ته رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد، جون ڳالهيون به ياد اچي وينديون آهن، توڙي جو آئون ڪجهه وڌيڪ گهرائي ۾ ويندس ته يقينن هي لطيف سرڪار جي نگري، سچل ۽ سامي جهڙن درويشن، صوفي بزرگن، عالمن، قطبن، شاعرن، اديبن ۽ استادن جي ڌرتي جو ته ڪو مثال ئي ملڻ مشڪل آهي، پر خبر ناهي ته اڄ هن عظيم ڌرتي کي ڪهڙي ڏائنڻ جي نظر لڳي وئي آهي جو هر آئي ڏينهن هنيانءُ ڏاريندڙ واقعا پڙهي ٻڌي مٿو چڪرائجي ٿو وڃي، آخر هن ڌرتي جي عظيم قوم جنهن جو مثال ئي ملڻ مشڪل آهي، خبر ناهي ته ڪهڙين سازشن جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ بدران پنهنجي ئي ماڻهن جو خون وهائي رهي آهي. آئون جيڪڏهن هن سنڌي قوم سان ٿيندڙ سازشن جو ذڪر ڪريان ته وري مون کي انهي ٻالڪپڻي وارو دور ياد ٿو اچي. جڏهن اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. ان دور ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ طرف کان ذوالفقار علي ڀٽو جي واقعي جو ڏک ورتل هو ته سازشي عنصرن اهو سمجهيو ته هاڻ سنڌي قوم جو ڪير به والي وارث ناهي، تنهن وقت سنڌ جي نئين نسل کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ بااثرن جو پاسو وٺي ڪجهه شوشا ڇڏيا ويا، جيئن غريب جو ٻار اڳتي نه وڌي سگهي. شروعاتي طور انهن سازشي ماڻهن علائقن جي بااثرن کانسواءِ اهو شوشو اٿاريو ته خبردار پنهنجي ٻارن کي گهرن کان ٻاهر نه ڪڍو، ڇوته افغانستان جا پٺاڻ هتي اچي چڪا آهن، روزانو اهي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرن مان سنڌي ماڻهن جا ٻار ٽولن جي صورت ۾ اغوا ڪري کڻي گم ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن، ڪن کي ته ماري سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿن، اهڙين افواهن سان هڪ خوف وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻهراڙي جي علائقن ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهو خوف پيدا ڪيو ويو ۽ ڪجهه وقت لاءِ انهن سٻاجهڙن خوف وچان پنهنجا ٻچا ٻار گهرن کان ٻاهر نٿي ڪڍيا، وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو، ظاهر طور تي هڪ سازش ٿي هئي، آخر انهن ماڻهن جي سازش ناڪام ٿي وئي، اڳتي هلي انهن سازشي عنصرن کي جڏهن نتيجو نه مليو ته وري ڪجهه وقت کانپوءِ اهو اشو اٿاريو ويو ته ڪراچي ۾ حرام گوشت ۽ کاڌو کارايو وڃي ٿو، وري ٻيو ڀيرو انهن سنڌي مسڪين سٻاجهڙن سان نئين سر ڊرامو شروع ڪيو ويو، جيئن هو پنهنجي اولاد کي ڪنهن يونيورسٽي تائين پڙهائي نه سگهن. اڄ تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن بااثرن جي ڏنل اهڙي خوف واري صورتحال کانپوءِ يقينن اڄ اسان کي اڪثر طور ڪنهن غريب جو ٻار جيڪو سي ايس ايس آفيسر يا ڪو وڏو بئرسٽر يا ڪنهن ڪرسي تي نه پهچي سگهيو آهي، ان جو ڪارڻ صرف اهو ئي هيو، جو ان وقت جي بااثر ۽ سازشي ماڻهن غريب مسڪين جي اولاد کي خوف ڏياريا ۽ ڪوڙا ڊراما ڪيا. حالانڪه تنهن دور ۾ جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ هڪ خون ته ڇا پر ڪا چوري به ٿي ويندي هئي ته حد جو آفيسر انهي چوري پٺيان باهه مچائي ڇڏيندو هو. منهنجي ڄاڻ انهن حد جي آفيسرن ۽ اسان جي علائقي ۾ هڪ نالو وڏو مشهور هو، جنهن جو اصل نالو تاج محمد نوناري هو، جنهن کي ٻوڙو صوبيدار چوندا هئا، خبر ناهي ته اڄ هو حال حيات آهي الائي نه پر ايترو ضرور ياد اٿم ته انهي ٻوڙي صوبيدار کان ڏوهاري تمام گهڻو ڊڄندا هئا، اهو ٻوڙو صوبيدار شل نه ڪنهن واردات پٺيان ڪنهن بااثر جي اوطاق تي پهچندو هو، ته ڀوتار ته نالو ٻڌي ئي بخار ۾ وٺجي ويندو هو. اڄ ڪٿي آهن، اهڙا صوبيدار، آئون سنڌ پوليس جي ڪردار تي ڇا لکان، يقينن لکندي ئي شرم ٿو اچي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جتي اڄ قتل، اغوا ۽ ٻين ڏوهن جي وارداتن اتان جي رهواسين جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، حالانڪه جيڪڏهن انهن علائقن جي ماڻهن جي ڪنهن ٻئي رخ يعني مهمان نوازي، وفاداري، سچائي جي موضوع تي لکجي ته اهي مختلف برادرين جا ماڻهو ڪنهن تعارف جا محتاج ناهن، انهن جي ڪيل خدمتن کي تاريخ جا ماڻهو به نه وساري سگهندا، پر اڄ خبر ناهي ته انهن علائقن جي مڙني برادرين ۾ ڪهڙا سازشي ٽولا ۽ ماڻهو موجود آهن، جيڪي برادرين ۾ خوني جهيڙن ڪرائين ٿا. منهنجي ڄاڻ موجب جيڪي روزمره جون رپورٽون شايع ٿين ٿيون، انهن مطابق آئون شڪارپور ضلعي جي جهيڙيندڙ ڌرين جو ذڪر ڪريان ته اتي هن وقت لڳ ڀڳ 23 مختلف برادرين جا هڪ ٻئي سان جهيڙا هلندڙ آهن، انهن برادرين ۾ معرفاڻي، جتوئي، ڪاڪيپوٽا، بروهي، جعفري، سڌايا، آرائين، جتوئي مطلب ته هن وقت شڪارپور، خانپور، مدئجي لکي غلام شاهه سميت ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ تقريبن 23 برادرين جا تڪرار هلي رهيا آهن ۽ گذريل ٻن کان ٽن سالن جي اندر هن وقت تائين 950 کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. شڪارپور ضلعو اغوا جي حوالي سان اتر سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ بدنام ترين بڻجي چڪو آهي، جتي مسلسل اغوا جي وارداتن ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ اُتان جي ضلعي پوليس آفيسر ايس ايس پي کي بدلي ڪري نئون آفيسر مقرر ته ڪيو ويو آهي پر خبر ناهي ته هن ضلعي جو عوام ڪڏهن سُک جو ساهه کڻندو. آئون جيڪڏهن خيرپور ضلعي جو ذڪر ڪريان ته جتي جهيڙا هن ضلعي جي رهواسين لاءِ مقدر بڻيل آهن، جتان هر روز معصومن سان ٿيندڙ زيادتين جا واقعا سامهون اچن ٿا، تن بابت ته يقينن هر باضمير جو ڪنڌ شرم سان جهڪي پوي ٿو، ايتري تائين جو پنجن سالن جي مونيڪا لاڙڪ کي به بدڪردارن بخش نه ڪيو، خيرپور سنڌ جو واحد ضلعو آهي، جيڪو ڪيئي ضلعن سان ڳنڍيل آهي بلڪه هتي سڀ کان وڌيڪ تعلقا به آهن، جن ۾ مختلف برادريون اڄڻ، ڪليري، انصاري، مري، ڦلپوٽا، ناريجا، چانڊيا، گوپانگ، وساڻ، رند، ڪناسرا، ڀٽن سميت ٻيون ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾ پڻ خوني تڪرارن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جيڪي مختلف وقتن تي هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن جو آزادانه استعمال ڪري لڳ ڀڳ 300 ڄڻن جي قتل عام جو ڪارڻ بنجي چڪا آهن، ساڳي ريت پاڻ جيڪڏهن گهوٽڪي ضلعي تي نظر ڦيرايون ته اتي به انهن قبائلي جهيڙن هاڃا برپا ڪيا آهن، قاتلن ۽ ڏوهارين جون گرفتاريون اتان جي پوليس انتظاميا جي وس جي ڳالهه ئي ناهي، گهوٽڪي پوليس خون يا اغوا ۾ ملوث ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري سندن گرفتاريون ڪرڻ لاءِ مختلف بهانا ٻڌائيندي رهي آهي پر هر سال گهوٽڪي پوليس جو ان وقت وڏو آپريشن ٻڌو ويندو آهي، جڏهن گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي ۾ هزارن ايڪڙن تي بيٺل فصل لاباري لاءِ تيار هوندا آهن، تڏهن اهي واقعا به وڌي ويندا آهن، باقي جيڪڏهن ڪو مسڪين، ڪاروباري توڙي راهگير حاجي ممتاز علي ڇڄڻ جهڙو سوشل ورڪر بيگناهه گولين جو کاڄ بڻجي ٿو يا وري اتي رهندڙ مختلف برادريون گڏاڻي، پتافي، لنڊ، ملڪ، بوزدار، ڪوري، مهر، لغاري، ڪولاچي، ڇڄڻ، شر، سيلرا، ڌنڌڻ، سولنگي ۽ ٻين مختلف تڪرارن ۾ هيستائين ڪيتريون ئي جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون آهن، پر پوليس تڪرارن ۾ ملوث يا اڳرائي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪابه اثرائتي حڪمت عملي نه جوڙي سگهي آهي، نتيجي ۾ سالن کان وٺي اڄ سوڌو انهن مختلف برادرين وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهن. گهوٽڪي ضلعي اندر قتل غارت هجي يا اغوا جون وارداتون هجن، سي اڄڪلهه عروج تي پهتل آهن، پر افسوس آهي ته اتان جي پوليس اهڙن واقعن کانپوءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو به ناهي ڪيو، باقي جيڪڏهن موسمي آپريشن ڪجي ٿو ته ان لاءِ ضلعي پوليس آفيسر ڳريون رقمون ڏئي فصلن جي لاباري واري مد ۾ بدليون ڪرائي ٿو ۽ ڏوهارين بجاءِ غريبن جي گهرن مٿان چڙهايون ڪري اوڳاڙيون ڪيون وڃن ٿيون ۽ آپريشن جي نالي تي اهڙين ڪارروائين کان هر ماڻهو واقف آهي. ساڳي ريت آئون جيڪڏهن جيڪب آباد ضلعي جو ذڪر ڪريان ته اتي به انهن برادرين جي جهيڙن اتان جي امن پسند شهرين جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جيڪب آباد ضلعي جي ڳڙهي خيرو ۽ ٺل تعلقن ۾ به جکراڻي، ڏاهاڻي، ڪٽوهر، سمورا، ملغاڻي، جهيجو، اوڍا، جلباڻي، سرڪي ٻرڙا، سيد، ٿهيم، سميت مختلف برادرين جا ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ پڻ خوني تڪرار هلندڙ آهن، جان جيڪب جي نالي سان منسوب هن شهر توڙي ٻهراڙين ۾ به بدامني جي باهه ٻري پئي آهي، هر هنڌ معمولي ڳالهين تي هڪٻئي تي هٿيار اڀا ڪيا ٿا وڃن ۽ هٿيارن جي نمائش لڳي پئي هوندي آهي، پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي. جڏهن ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني جا واقعا به حڪومتي رٽ لاءِ چئلينج بڻيل آهن، چوندا آهن ته سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويندا آهن، سو هتي به اها ئي حالت آهي، تازو عيد جي ڏهاڙن ۾ جڏهن نو جنازا کڄي رهيا هئا ته هن علائقي ۾ قيامت صغريٰ جهڙو منظر هو، هر باضمير شخص صدمي ۾ ورتل هو، هن دردناڪ واقعي کانپوءِ ماڻهو سوال ٿا ڪن ته ڇا انهن علائقن ۾ حڪومت جي ڪا رٽ ناهي، نه ئي پوليس جي ڪنٽرول ۾ حالتون آهن؟ پوءِ ڇو هتي خوني تڪرارن جي نتيجي ۾ انسانن جو جانورن جيان شڪار ڪيو ٿو وڃي؟ هتي ماڻهن کي ائين ڇو ماريو ٿو وڃي، جيئن پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪيو ويندو آهي، هن ضلعي اندر تازو پيش آيل واقعي بعد حڪمرانن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اکيون کولڻ گهرجن، حيرت ان ڳالهه تي به آهي ته جڏهن هيڏو وڏو واقعو ٿيو ته نه ملڪي سطح تي ڪنهن اداري نوٽيس ورتو ۽ نه ئي وزيراعظم ان حوالي سان ڪو بيان ڏنو، اهڙي طرح پوليس به جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي، نه وري گهرو کاتي جي وزير کان ويندي آءِ جي سنڌ تائين ڪنهن جي ڪن تي جونءِ چُري، هن سانحي کانپوءِ اڄ سوڌو سنڌ حڪومت جي نه ڪنهن وزير، مشير يا بالا افيسر مقتولن جي تڏي تي هلي اچڻ جي زحمت ڪئي، خبر ناهي ته اقتدار ڌڻي ڇا ٿا چاهين. ڪشمور ڪنڌڪوٽ جهڙي سرسبز ضلعي کي خوني تڪرارن ويران ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي جي مختلف علائقن ۾ چاچڙ، سبزوئي، جاگيراڻي، ساوند، ملڪ، جعفري، ٽانوري، جکراڻي، ڪوش، ڀيا، مزاري، کوسا ۽ ڊومڪي، بنگوار ۽ ٻين ذاتين جي ماڻهن بدامني جي ور چاڙهيو آهي، خاص ڪري هتي چاچڙ سبزوئي تڪرار سان گڏوگڏ هڪ ٻيو خطرناڪ جهيڙو، جيڪو بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادرين جي وچ ۾ هلندڙ آهي، ان ۾ پڻ لاتعداد جانيون ضايع ٿيون آهن. رڳو ڪجهه سالن اندر سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ناسور بڻيل قبيلائي جهيڙن ۾ هن وقت تائين ٻه هزار کان به مٿي انساني جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون آهن.آئون انهن قبيلائي جهيڙن جي ڪارڻن کي بيان ڪندي انتهائي تڪليف محسوس ڪريان ٿو ته معمولي ڳالهين تان هي سڀ واقعا ۽ هاڃا ٿين ٿا، افسوس ته سنڌ جا ماڻهو ته سڄي دنيا ۾ مهمان نوازي، سخاوت، وفاداري ۽ امن پسند قديم تهذيب جا مالڪ هجڻ جي ڪري مشهور آهن پر اهڙن خوني تڪرارن جي ڪري معاشرو تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي، سنڌين جي اها تهذيب ۽ طبيعت ئي نه هئي ۽ نه آهي ته اهي خوني تڪرار ڪري ماڻهو مارين ۽ قتل عام ڪن! پر افسوس ته هاڻ ڪڏهن فصل جي ڀيل، ڪڏهن ٻڪري چوري، پسند جي پرڻي، ڪڏهن اوڌر تي پئسا ڏيڻ وٺڻ، سموسن ۽ ٽڪي جي معمولي ڳالهين تان هڪٻئي مٿان هٿيار اُڀا ٿا ڪيا وڃن، ساڳي ريت ڪارو ڪاري جي فرسوده روايتن به سنڌ جي اصل تهذيب کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، صورتحال اهڙي ٿي چڪي آهي جو پنهنجي انا خاطر تڪرارن کي غيرت جو نالو ڏئي ماڻهن جا گهر اجاڙيا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڪو مسڪين لک ٻه لک رپيا ڀتو نٿو ڏي ته قائم سرڪي ۽ ممتاز ڇڄڻ جهڙن ڪاروباري ماڻهن کي ابدي ننڊ سمهاريو ٿو وڃي. پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ ڇا مال جي ڀيل تان توهان هڪٻئي تي چٽيون هڻي کير کنڊ ٿي وڃو ٿا، ڪڏهن ته هڪڙي دستر خوان تي مانيون کائو ٿا ۽ ٻئي ڏينهن انهن هٿين خالي ماڻهن کي گهرن مان سڏرائي گوليون وسائي معمولي تڪرارن کي غيرت جو نالو پنهنجن کي ئي رت ۾ ريٽي ڇا ڇڏيو…! اها ته سنڌ جي تهذيب ۽ ان ڌرتي جي ماڻهن جو شان ناهي.بهرحال، ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪچو ڪارڙا ۾ چاچڙن کي پيش آيل واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو آئون گذريل ڪالم ۾ به ذڪر ڪري چڪو آهيان، انهي واقعي کي 10 ڏينهن ٿي چڪا آهن، آيل رپورٽن موجب ضلعي جي پوليس پاران هاڻ وڃي آپريشن جون تياريون ڪيون پيون وڃن، پر هن وقت تائين ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي آهي، تنهن هوندي به مقتولن جا وارث انتظاميا ۽ حڪومت کان انصاف جي اميد رکيو ويٺا آهن، حالت اها آهي جو چاچڙ برادري جا ماڻهو به پنهنجي معصومن جي ڪُلهن تي راڪيٽ لانچر ۽ هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ڏئي ڪهڙو اشارو ڏئي رهيا آهن، ان بابت آئون ايندڙ ڪالم ۾ انشاءَ الله ضرور لکندس ته انهي خوني جهيڙي پٺيان ڪهڙا عنصر ملوث آهن ۽ ان جا وڌيڪ ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا.










