ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وقار مهدي پاڪستان مسلم ليگ(ن) کي سنڌ جو نئون گورنر آڻڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.پيپلز پاٽي جي اڳواڻ وقار مهدي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ناڪام گورنر آهي. اتفاق راءِ پيد اڪرڻ جي لاءِ گورنر وفاق جو نمائندو هوندو آهي پر ڪامران ٽيسوري پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيو.وقار مهدي چيو ته گورنر ڪامران ٽيسوري ورهاست جي سياست ختم ڪرڻ جي بجاءِ ان ۾ اضافي جو سبب بڻجو آهي. هن سنڌ جي گورنر کي موڪلن تي وڃڻ ۽ مسلم ليگ(ن) کي سنڌ جو نئون آڻڻ جو به مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.ان حوالي سان سنڌ جي گورنر پنهنجي هڪ بيان ۾ رد عمل ڏيندي چيو ته گورنر جي ڪارڪردگي تي پيپلز پارٽي کي تنقيد ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. ڪامران ٽيسوري وقار مهدي جي بيان کي انتهائي غير سنجيده قرار ڏيندي پيپلز پارٽي کان پوزيشن چٽي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ڪامران ٽيسوري وڌيڪ چيو ته متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي قيادت به اهو چئي چڪي آهي ته اهوئي ايم ڪيو ايم جو ايندڙ گورنر به رهندو.










