دڙو (امداد ميمڻ) عوامي تحريڪ طرفان ٻنون ۾ سجاول ضلعي جا بند پيل اسڪول کولرائڻ، استادن جي کوٽ لاءِ دڙو، ميرپوربٺورو، ٻنون، جاتي، چوھڙجمالي جي ھائير سيڪنڊري ۾ يارھين ۽ ٻارھين جا ڪلاس نه ھلڻ ۽ تعليم جي تباھي خلاف احتجاجي مظاھرو، ڌرڻو. عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي جنرل سيڪريٽري ساگر پرھياڙ، ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ درياھ خان زئور، عزيز ميمڻ ٻنون جي صدر ڪرشن مھيشوري، ابراھيم عباسي، شمشير پليجو، علي احمد بڪڪ جي اڳواڻي ۾ ھائير سڪينڊري اسڪول کان ٻنون بند تائين مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي عدم دلچسپي ڪري ضلعي جا 90 سيڪڙو اسڪول بند آھن اسڪولن ۾ استادن جي شديد کوٽ آھي. سنڌي قوم سان دوکو ڪيو پيو وڃي ھارين مزدورن جي اولاد لاءِ تعليم جا در بند ڪيا ويا آھن. منظم رٿابندي سان سنڌين کي جاھل ۽ اڻپڙھيل ڪيو پيو وڃي. دنيا چنڊ ۽ مريخ تي پھتي آھي پر اسان کي تعليم کان محروم ڪيو پيو وڃي. اميرن جا ٻار حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ ٽيوشن وٺي پڙھن ٿا پر معاشي طور ڪمزور عوام جي اولاد لاءِ ڪا به سھولت ميسر ناھي. کربن روپين جي بجيٽ ھوندي به ڪو به ڪاليج نٿو ھلي سڄي ضلعي جي ننڊن وڏن ڳوٺن شھرن ۾ احتجاج ڪري عوام کي سجاڳ ڪيو ويندو.










