سنڌي نوجوان پرڏيهي اسڪالر شپ حاصل ڪن، ڏاهري

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو پاران حيدرآباد ۾ آمريڪا کان آيل شاھ لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ ٽيڪساس جي صدر محمود ڏاھري ۽ سندس ساٿين کي آجياڻو ڏنو. آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي شاھ لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ ٽيڪساس جي صدر محمود ڏاھري چيو ته آمريڪا سميت دنيا ۾ سنڌي ماڻھو پنھنجي صلاحيتن سان اڳتي وڌي رھيا آھن ۽ سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري رھيا آھن دنيا ميريٽ وارن ۽ محنتي ماڻھن جي آھي۔ سنڌ جا ماڻھو تعليم جي ذريعي اڳتي وڌن، دنيا انھن کي ڀليڪار ڪرڻ لاء بيتاب آھي محمود ڏاھري چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾  رهندڙ سنڌي جيڪي پنهنجي سنڌ جي ماڻهن سان جڙيل آهن۔ ٻاهر ويهي ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريندا رهن ٿا، ٻيا اهي جيڪي ٻاهر ويهي ڪري ڪرپٽ ۽ دهشتگردن جو دفاع ڪندا رهن ٿا، انهن ماڻهن جو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ڪوبه تعلق ڪونهي نيوزيلينڊ کان آيل سينيئر ڊي ايف او فاريسٽس رياض شاھد صديقي چيو ته سنڌي نوجوان اسڪالرشپ ذريعي ٻاھرين ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ وڃن۔ سنڌ جا ماڻھو باصلاحيت، ذھين ۽ زندگي جي ھر ميدان ۾ پاڻ مڃائي رھيا آھن۔ رياض شاھد صديقي چيو تہ حڪمرانن ميريٽ کي تباھ ڪيو آھي۔ ڪرپشن تعليمي نظام جو به ٻيڙو غرق ڪيو آھي۔پروفيسر الھبچايو انڙ چيو ته جمھوريت جي نالي ۾ دوکو ٿيو آھي۔ حڪمران چاھين ھا ته سنڌ جا شھر آئي ٽي سٽي بنجي وڃن ھا۔ اسان جون يونيورسٽيز دنيا جون اعلي درسگاھون ھجن ھا۔ تعليمي سسٽم انسان ذات کي وڏا ڇال ڏياريندڙ بنجي وڃي ھا پر افسوس اسان وٽ ڪرپٽ مافيا جي حڪومت آھي۔ جنھن وٽ ماڻھن جي ڪا به اھميت ناھي حڪومت سنڌ جي ماڻھن کي تعليم ۽ روزگار لاء ٻاھر وڃڻ جا موقعا ڏي اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جا نوجوان محنت ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ۽ اسڪالرشپ وٺن ۽ پوء سنڌ جي عوام کان لاتعلق ٿيڻ بجاء انهن جي مالڪي ڪن۔آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ويٺل سنڌي ماڻهو آزاد  سماجن ۾ رهن ٿا پر سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو الزام هڻي معصوم نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون. ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. 70/80 سيڪڙو تعليم تباھ ڪئي وئي آهي. حڪومت ۽ استاد خودمختيار آهن ته اهي ڊيوٽي ڪن يا نه ڪن، سفارشي ڀرتيون آهن، نصاب ۾ سائنس ۽ تاريخ ناهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو ايڇ آء وي، هيپاٽائٽس ۾ مبتلا آهي. رڳو لاڙڪاڻو نه پر سڄي سنڌ به ايڇ آء وي، هيپاٽائٽس، ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي ور چڙهي ويو آهي. ڊرينيج جو گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي جي لائينن ۾ شامل آهي. آمريڪا، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ائين هجي ته اتي جي ماڻهن جو هانو ڦاٽي پئي. اياز لطيف پليجي چيو ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به ڪرپشن آهي پر سنڌ ۾ سئو سيڪڙو ڪرپشن آهي. ڪراچي ۾ ويٺل ڀائر ڪڏهن ڌار صوبو ته ڪڏهن ٻيون نفرت جون ڳالهيون ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ويٺل نوجوان سي ايس ايس ذريعي تعليم جي ميدان ۾ مقابلي لاء اچي رهيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته سانا، شاھ لطيف انسٽيٽيوٽ، سنڌي ورلڊ آرگنائيزيشن سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۾ اسپيس وٺن، اهي ڪيريئر ڪائونسلنگ، اسڪالرشپ ۽ ٻين ڳالهين ۾ سنڌي نوجوانن کي ٽريننگ ڏين. ٻاهر ويٺل سنڌي سنڌ ۾ ايڇ آء وي ۽ هيپاٽائٽس جي اسڪريننگ ڪرائين. اياز لطيف پليجي چيو ته ٻاھر ويٺل سنڌي پنهنجن ٻار کي رومن سنڌي پڙهائين. ٻولي جي بچاء ۽ سائنس جي جنگ وڙهن. ٻارن کي جنسي تشدد کان بچاء کان آگاھ ڪن. ننڍي عمر جي شادي، زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ڳالهايو. اياز لطيف پليجي چيو ته اوورسيز تنظيمون ڪرپشن تي ڳالهائين. ذاتي تعلقاتن جي ڪري خاموش نه ويهو. ڪرپٽ ماڻهو سنڌين جا دشمن آهن. سنڌين کي هيومن رائيٽس لاء وڙهڻ سيکاريو، ان لاء ننڍڙا بڪ ليٽ ڇپرايا وڃن. سنڌي نوجوان وفاقي نوڪرين لاء اسلام آباد ۽ لاهور وڃن.آجياڻي ۾  پروفيسر مصطفيٰ نظاماڻي، ايس ڊي ايس سي جو سربراھ پروفيسر ڊاڪٽر شھاب الدين مغل، نامور براڊ ڪاسٽر نصير مرزا، ڊاڪٽر سھيل احمد  کيڙو، الائيڊ بينڪ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ عبدالمالڪ يوسفاڻي سينيئر مينيجر سئي سدرن اعجاز احمد شيخ،  ڊاڪٽر حنان شيخ، نامور براڊ ڪاسٽر محمد اشرف بلوچ، عزيز نظاماڻي،  نورمحمد قاضي, فيض محمد ڏاھري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو