سنڌي غزل جي سينڌ سنواريندڙ ،  ناليوارو ڪوي امر اقبال

سنڌي غزل جي سينڌ سنواريندڙ ، ناليوارو ڪوي امر اقبال

ابراهيم لاشاري
ڪهڙا ڪيا ٿئي حال ، اڃان ڇو جاڳين ٿو ؟
مون کي ڏس اقبال ، اڃان ڇو جاڳين ٿو ؟
سنڌ ڌرتي دنيا جو اهو حصو آهي جتي قديم زماني کان وٺي هن وقت تائين علم ،ادب ، جا ڏيئا هميشه جرڪندا رهن ٿا، هي ڌرتي سڀني ثقافتي ۽ علمي ادبي دنيا سان مالامال لڳي پئي آهي. اهڙي طرح سونهاري سنڌ جي کجين واري شهر خيرپور تي نظر ڪبي ته الاهي ساريون شخصتيون خيال خيال ۾ پيون نظر اينديو انهن منجهان ڪي بزرگ ، ڪي ولي ، ڪي نثر نويس ته ڪي شاعر ڪهاڻي ڪار ته ڪي سرسنگيت ۽ ڪي وري صوفي شاعر ۽ ڪي جديد شاعر موتين جي مالها ۾ پيا جرڪندي نظر ايندا . هوئين به هن ادبي دنيا منجهه پير پائڻ بعد هڪ نثر نويس پنهنجي دماغ جو خيال پيش ڪري پنهنجو نالو نروار ڪرائيندا آهن ته ٻيو وري پنهنجي دل جي امنگ جو اندر جو آواز شاعري وسيلي ظاهر ڪري وڏي پرواز ڇڙهندا آهن . اهڙن نالن منجهان محمد اقبال چنا پڻ هڪ آهي جيڪو نئين ٽيهي جو هڪ منفرد ۽ سيبتي شاعر طور سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالي امر اقبال سان مشهوري ماڻي آهي هي نوجوان شاعر ڳوٺ سوهو ڪناسرا جي معزز شخصيت محترم الهورايو خان چنا جي گهر گرمي جي جهولن واري موسم منجهه اڄ کان 49 سال اڳ پهرين اپريل سال 1974ع سومر جي ڀلاري ڏينهن اکيون کوليون ، سندس والدين ننڍ پڻ بهترين تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي خيرپور جي اسڪول (سينٽ ٿريساز ) ۾ داخل ڪرايو جتان هن مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري والدين جو نالو روشن ڪيو تنهن بعد هي نوجوان تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سال 1991ع ڌاري گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور منجهان انٽر جي دگري حاصل ڪري تعليم جي سلسلي کي جاري رکندي ڪراچي شهر جي اين _ اي _ ڊي _ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ آئيڊ ٽيڪنالاجي منجهان سال 1997ع ڌاري وڏي محنت کانوءِ (بي_ اي سول ) جي ڊگري ورتائين . هن نوجوان شاعر جو لاڙو شاعري طرف سال 1992ع کان وٺي رهيو آهي ٿورڙي ئي وقت ۾ همعصر شاعرن کان شاعري ۾ گوءِ کڻي ويو آهي سندس ادبي لڏي جا سڀئي دوست (امر اقبال ) جي نالي سان سڏين ٿا امر اقبال نظم ماڻي صنف منجهان غزل ، نظم ، ۽ وائي وائي صنف جو باڪمل ڻئين ٽهي جو شاعر ٿي اڀريو آهي هي پنهنجي من اندر جو اظهار شاعري غزل جي صورت ۾ هن طرح سان ڪري ٿو
آوازن جو سايو آهي
ڪير اکين ۾ آيو آهي ! ؟
تنهنجو ، تو ۾ ، سوڙهو بڻجڻ
شرم ٻوٽيءَ شرمايو آهي
تنهنجا پير پڌر ۾ پياري !
ڪيڏو چنڊ چتايو آهي
دل جي چئني خانن کي مون
تنهنجي لاءِ سجايو آهي
امر اقبال نئين ٽهي جي گهڻن سنڌ جي شاعر وانگر غزل جي صنف سان خوبصورتي سان نڀايو آهي اهو ئي سبب آهي جو امر اقبال شاعري واري زبان ۾ پنهنجي من اندر جي ڳالهه ڪهڙي نه چئي ٻڌائي ٿو ته
مند جي مٽجڻ تي ته ملين ها!
لڙ ۾ لٽجڻ تي ته ملين ها !
ڳالهين ڳهجڻ تي ته پڇين ها!
ساهن سٽجڻتي ته ملين ها!
ٽارين ٽڙڪڻ تي ته ڏسين ها!
پاڙئون پٽجڻ تي ته ملين ها!
وڌ کان وڌ ئي تانگهيس توڏي
ٿورو گهٽجڻ تي ته ملين ها ! .

شاعري کان علاوه امر اقبال هڪ بهترين نثر نويس پڻ آهي سندس لکڻيو ڪيترن ئي اخبارن ، رسالن ، ۽ مئگزين منجهه وقت به وقت ڇپجنديون رهنديو آهن . امر اقبال چنا کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هو سچل يادگار ڪمِٽي ۽ حامي يادگار ڪميٽي جو نهايت سرگرم مبمبر پڻ آهي امر سچل ادبي ڪانفرن کان علاوه سنڌ ۾ ٿيندڙ ابي ميڙاڪن ، ادبي ڪانفرنسس ۾ هميح بهرو وٺندو رهندو آهي ۽ ڪيترن ئي ادبي مشاعرن منجهه پنهنجي شاعري پڻ پنهنجي زباني پيش ڪري ادبي لڏي وارن دوستن کان پڻ داد حاصل ڪندو رهندو آهي امر اقبال نثر سان گڏو گڏ سندس شاعري به گهڻي ڀاڱي سمورن ادبي رسالن ، مئگزينن جي زينت بڻجندي پئي اچي. هن بهترين شاعري سنڌي ادب کي پنهنجي ڏات منجهان (ست عدد ) ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي جهول ڀرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي سندس ادبي پورهي جو وچور هن طرح آهي سمنڊ اڪيو آهي ( شاعري ) اکين مان ٽميل نظم شاعري ( سال 2004) ان کان علاوه ڇا رکيو آهي امر اقبال ۾ ، کنڀ مورڻين جا ، سرگوشيون ، آءُ اسان وٽ ويهه ، ئش ٽري ريڊيو جا اسڪرپٽ ، حامي جي شاعري هڪ اڀياس ڇپجي ادب جي دنيا واري مارڪيٽ جي زينت بڻيا آهن .سندس تازو ڪتاب پوپٽ پبليڪيشن هائوس خيرپور (چهرا ڪتاب ڳالهيون ) جي ڇپائي هيٺ آهي جلدئي ڪتاب مارڪيٽ منجهه پهچي ويندو سندس هي لاجواب ڪتاب ٽن حصن تي مشتمل آهي چهرا منجهه اديبن جا خاڪا ،ڪتاب ۾ وري ڪتابن جا لکيل مهاڳ ،اڀياس، ڳالهيون منجه ڊائري جا پنا ،تاثر،تعريت ناما مختلف ڪتابن شامل مختصر رايا ٽماهي (پوپٽ ) جي خاص نمبرن جا اداريا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي لاجواب لکڻيون شامل هونديو ،سونهن ۽ درد امر جو پاڇو ناهي ڇڏيو هي هميشه درد ۽ سونهن کي پنهنجي زبان ۽ شاعري وسيلي ٻڌائي ٿو ته
ويٺا هئاسون هڪ ٽيبل تي ڌار يا ڌاريا ڄڻ هجون
نيڻ ٻنهي جا آلا آلا ، درد جا ماريا ڄڻ هجون
امر شاعري جي سڀني صنفن کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي انهن ۾ درد ، پيار ، امن ، محبت ، چنڊ ، ڪائنات اکيون ، چپ ڳل ، هڪ نظم هو هو چوي ٿو ته
پراڻي پيار سان گڏجي
پراڻي محل ڏي هلجي
پراڻي چنڊ جي سامهون
پراڻي تخت تي ويهي
پراڻي مڌ کي کولي
پراڻي سار کي سلجي
پراڻي محل ڏي هلجي
امر اقبال وٽ ڏات تمام گهڻي آهي شاعري واري ٻولي به سهڻي۽ سولي بيان ڪئي اٿس جئين ڏيهه جا سڃاڻان ماڻهون سندس پيغام کي آساني سان پروڙي سگهن امر شاعراڻي انداز ۾ چوي ٿو ته
اک جي ڪا آکاڻي پئي آ
خالي سرميداڻي پئي آ
منهنجي دل آ ، ٺيڪ سڃاتئه !
هي جا جهڙي ڇاڻيپئي آ
تون ايندينءَ ، مان هنڌ وڇايان ؟
کٽ ڪڏهن کان واڻي پئي آ
دردن ماري هيءَ دل پنهنجي
ورهين کان ويڳاڻي پئي آ
پيار اسان جو ڄڻ ڪو ناول
هڪڙي ٻي به پڄاڻي پئي آ
امر اقبال صاحب سچل يادگار ڪميٽي ۽ حامي يادگار ڪميٽي جو سرگرم ميمبر پڻ آهي پاڻ سچل ادبي ڪانفرنس ۾ خيرپور جي ٻين اديبن کان وڌيڪ سرگرم نظر ايندو رهيو آهي ۽ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو آهي امر اقبال سنڌ جو نوجوان شاعر عمر جون هن وقت 49 بهارون ڏسي رهيو آهي اڄ پهرين اپريل تي گهر ڀاتين کان علاوه سنڌ ڌرتي جي سمورا دوست ۽ شاعر سندس کي 49 جنم ڏينهن مبارڪ چوندا منهنجي به هن سيبتي ۽ سهڻي شاعر لاءِ دعا آهي ته هو پنهنجي ڏات منجهان اڃا سنڌي ادب جي جهول ڀري
چنڊ ڀرسان
جيئن نڍڙو
تارڙو ٽمڪيو پئي
تنهنجي ڀرسان
ايئن ئي بس
آءُ آهيان

پهنجو تبصرو موڪليو