ڪراچي(ويب ڊيسڪ) روزاني سنڌيار پاران پنهنجي اسٽاف، پڙهندڙن ۽ خير خواهن کي نئين سال جون واڌايون پيش ڪريون ٿا. اسين دعاڳو آهيون ته هي نئون سال اوهان سڀني لاءِ بهتر صحت، تندرستي، خوشحالي ۽ ڪاميابي آڻي. 2022 مجموعي طور ملڪ، قوم ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ برساتي ٻوڏ سبب تمام گهڻو اهنجن جو سبب بڻيو. اسين سڀني کي وينتي ٿا ڪريون ته مصيبت جي ماريل ماڻهن جو جيترو ٿي سگهي ساٿ ڏيو. اوهان سڀني جي مهرباني.










