سماج ،نياڻي ۽ حق

سماج ،نياڻي ۽ حق

مهر فقير
دنيا وسيع آهي ۽ دنيا جي انهيء وسعت ۾ انيڪ مسئلا , لاتعداد ڳنڀيرتائون , اڻکٽ ڪٿائون , نه کٽندڙ سوال ۽ نه ملندڙ جواب موجود آهن پر پوء به انسان جي جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪڏهن به ساهي نه کنئي آهي , ڪڏهن به ڪنهن جستجو ڪندڙ ٿڪجي ڪري پٺ ورائي پوئتي موٽ ناهي کاڌي اهوئي سبب آهي جو انسان زمين کان اٿي ڪري چنڊ تي پهچي اهو ثابت ڪيو آهي ته جن کي منزل سان عشق هوندو آهي تن کي رستي جا ڪنڊا , ڪوڪا ۽ ڪاوا ڪڏهن به ڪجھ به ناهن ڪري سگهندا ڇو ته مهر فقير سدائين سچ چوندي اهو به چوندو آهي ته جيڪڏهن پنهل کي حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوء اوهان کي سسئي بڻڻو پوندو , ها بيشڪ سسئيء وانگر ڪشالا ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي پر هتي اسان جي سماج ۾ نياڻي کي پنهنجي مرضي سان جيئڻ جو حق ڇو نٿو ڏنو وڃي ؟
مٿين عنوان جي جواب ۾ جيڪڏهن لکبو ته گهڻو ڪجھ ئي لکبو پر جي نه لکبو ته پوء ڪجھ به نه لکبو تنهن ڪري ڪوشش ڪبي ته جواب لکجي ڇو ته نه لکڻ اصل ۾ سوال ۽ ان ۾ لڪل حقيقتن کي پٺي ڏئي انڪار ڪري حق ۽ سچ جو قتل ڪرڻ جهڙو گناھ ڪبو سو حق ۽ سچ کي مارڻ به ايئن آهي جيئن ڪنهن معصوم جي جيون کي صليب تي ٽنگي ڇڏڻ .
مرضي ۽ حق ڏاڍا گهرا موضوع آهن سو انهن تي لکڻ ڪجھ ڏکيو عمل آهي . والدين اهي امير هجن خواه غريب هجن سي سدائين پنهنجي اولاد کي سکيو ڏسڻ چاهيندا آهن هو چاهيندا آهن ته هنن جو اولاد ڪڏهن به مايوس ۽ محروم نه رهي ۽ هو ڪوشش ڪندا آهن ته اولاد کي تعليم جي زيور سان منور ۽ مالامال ڪري مڇي ماني لائق بڻائجي پر اولاد ۾ نياڻي پٽ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس ۽ ڪومل ٿيندي آهي ۽ کيس والدين جي گهر ۾ مهمان چيو ويندو آهي ڇو ته هوء پرڻجي ڪري مڙس جي گهر هلي ويندي آهي سو جيڪي والدين پنهنجي نياڻي کي سندس جو جائز حق نٿا ڏين سي اسلامي قانوني ۽ اخلاقي طور تي غلط آهن پر اهو به هڪ ڪڙو سچ آهي ته جتي جنهن معاشري منجھ آزادي کي آزاد ڇڏيو ويندو آهي ته اتي ڇڙواڳي جنم وٺندي آهي اهو ئي سبب آهي ته انسان کي پابندي سان ۽ پنهنجن جائز حقن جي روشني ۾ زندگي گهارڻ کپي اسان جي هن سماج ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ميڊيا تي ڇانيل رهيا آهن جن خاص ڪري والدين جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي ڇو ته انهن جي نياڻين پابندي بجاء آزادي کي ترجيح ڏئي مقدس رشتن جي روح جو قتل ڪيو جيڪو پڻ هڪ مذمت جوڳو عمل آهي ڇو ته ڪي به والدين ناهن چاهيندا ته هنن جي نياڻي پنهنجي مرضي سان نڪري پيار جو پرڻو ڪري يا ڪورٽن ۾ هنن کي ذليل و خوار ڪندي رهي انهيء ڪري ئي نياڻين کي به گهرجي ته هو اهڙي آزادي بجاء پابند رهڻ جو مظاهرو ڪندي والدين جي ڳاٽ کي اوچو رکن هونئن به جيتري عزت پابندي ۾ آهي ايتري عزت آزادي ۾ ناهي .
مان ڪنهن به ريت نياڻي جي آزادي يا کيس حق ڏيڻ جو مخالف ڪونهيان ها پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪي نياڻيون چون ٿيون ته انهن کي هنن جا والدين يا معاشرو آزادي جو حق نٿو ڏي سي نياڻين کي انهن جا حق ڏين انهن کي آزادي به ڏين پر اها آزادي اهڙي نه هجي جو اهي رستن تي بينر کڻي چون ته ميرا جسم ميري مرضي ها مگر جيڪي نياڻيون آزادي جون طلبگار آهن ته انهن کي گهرجي ته اهي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ پابند رهي ڪري جيون گذارن باقي جيڪو سماج يا جيڪي والدين نياڻين کي جائز حقن کان محروم رکن ٿا ته انهن کي گهرجي ته هو نياڻين کي اهي گهربل حق ڏئي احساس محرومي جو خاتمو يقيني بڻائن ته جيئن معاشري ۾ ڪا به نياڻي دانهن نه ڪري ته هن سان ڪا ناانصافي ٿي رهي آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو