ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان لداخ ۾ پنهنجي نئين ايڪشن ڊراما فلم بيٽل آف گلوان جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.ڀارتي ميڊيا موجب، فلم جي شوٽنگ جو پهريون شيڊول لداخ ۾ مڪمل ڪيو ويو، جيڪو 45 ڏينهن تي مشتمل هو. ان دوران، سلمان خان تقريباً 15 ڏينهن سيٽ تي هو، جتي ايڪشن سين منفي گرمي پد، گهٽ آڪسيجن ۽ مشڪل حالتن ۾ فلمايا ويا.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شوٽنگ دوران هن کي معمولي زخم آيا، هو هڪ مختصر وقفو وٺندو ۽ ممبئي ۾ شوٽنگ جو ايندڙ مرحلو شروع ڪندو.پروڊڪشن ٽيم جي هڪ ميمبر موجب، سلمان خان ۽ ٽيم لداخ ۾ مائنس 10 ڊگري سينٽي گريڊ ۾ شوٽنگ ڪئي. اداڪار پنهنجي زخمن ۽ آڪسيجن جي کوٽ جي باوجود انتهائي مشڪل حالتن ۾ رڪارڊنگ مڪمل ڪئي.










