سلجهيل سياستدان ۽ نفيس شاعرمخدوم محمد امين فهيم

سلجهيل سياستدان ۽ نفيس شاعرمخدوم محمد امين فهيم

طارق ڏاهري

                           حضرت قبله مخدوم محمد امين ”فهيم“ صاحب رحه جن 4- آگسٽ 1939ع بمطابق 17- جمادي الثاني 1358هه بروز جمعة المبارڪ تي قبله مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحب رحه جن جي حويلي هالا نوان ۾ تولد ٿيا. کين مولوي مخدوم غلام حيدر صاحب جن ڪن ۾ آذان چئي ۽ سندن اسم گرامي محمد امين رکيو. قبله مخدوم امين محمد عرف پکن ڌڻي قبله طالب الموليٰ سائين جن جا پڙڏاڏا هئا، انڪري پاڻ امين سائينءَ کي ڏاڏا سائين چوندا هئا. عام طور تي ٻيا ماڻهو بہ کين ڏاڏا سائين چوندا هئا. پاڻ سنڌي پرائمري جا چار درجا، قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ انگريزي پڙهڻ شروع ڪيائون، سندن انگريزيءَ جو پهريون ڪلاس ٽيچر عبدالرحيم ابڙو صاحب هو، جنهن صاحب کين پنهنجي ڀر ۾ ڪرسي تي ويهاريو. اها خبر جڏهن قبله طالب الموليٰ جن کي پئي، تڏهن پاڻ ان استاد کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيائون تہ توهان منهنجي پٽ کي ڪرسي تي ڇو ويهاريو؟ استاد صاحب جواب ۾ عرض ڪيو تہ: قبله سائين جن جو وڏو فرزند هو، انڪري مون ادب جي لحاظ کان کين برابر ڪرسيءَ تي ويهاريو. ان تي سائين جن فرمايو تہ: آئنده لاءِ منهنجي پٽ کي بہ ٻين شاگردن وانگر ڊيسڪ تي ويهاريو تہ جيئن استاد ۽ شاگرد ۾ فرق ڏسڻ ۾ اچي. ان بعد استاد صاحب، سائينءَ جن کي ٻين شاگردن وانگر ڊيسڪ تي ويهاريو. اها هڪ وڏي شناس چئبي جو استاد کي ايڏو وڏو درجو حاصل آهي. پاڻ مئٽرڪ کان بعد، سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان بي.اي پاس ڪيائون. سندن شادي 21- جون 1957ع تي سندن مامي پير امام علي اَڇ شريف واري جي گهران ٿي. ان خوشيءَ ۾ هڪ رسالي ۾ سندن خاص نمبر نڪتو، جنهن جو عنوان هو، ”رفيقِ حيات“. کين الله سائين جي مهرباني سان ان مان پنج پٽ هرهڪ: جميل الزمان، شڪيل الزمان، عقيل الزمان، خليل الزمان، جليل الزمان پيدا ٿيا ۽ ٻہ پٽ نجيب الزمان ۽ ابو محمد سنڌيار، وري ٻين شادين مان پيدا ٿيا. سندن ڪل 7 پٽ حالِ حيات آهن. وڏو قبله جميل الزمان”جميل“ صاحب هن وقت سروري جماعت جا 19هان  روحِ روان آهن.قبله امين ’فهيم‘ صاحب جن نهايت بُردبار، باصلاحيت بااخلاق، نرم دل، سدائين مُرڪندڙ محبتي انسان هئا ۽ پنهنجي والد صاحب جا نهايت فرمانبردار فرزند هئا. سياسي، سماجي طور تي نهايت اڳڀرا ۽ حسن اخلاق سان هر ماڻهوءَ سان پيش ايندا هئا. مخدوم امين فهيم جن کي شاعريء سان بيحد لڳاءُ هو پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جهڙي شفيق پيءُ ۽ يڪتاء زمانه شاعر جي گود ۾ پليو، سندس ڪَنن ۾ اذان کان پوءِ شاعري گونجڻ لڳي ۽ سندس ڪنن تي شاعريءَ جا پڙلاءَ پوندا رهيا. پوءِ جڏهن اڳتي هلي هيءُ ڪجهه وڏيرڙو ۽ سمجهه ڀريو ٿيو، تہ هيءُ بہ مشاعرن جي سايه ۾ اُسرڻ لڳو. هيءُ اُهو زمانو هو، جنهن ۾ هالا کان علاوه سنڌ جي ڪيترن ماڳن، مڪانن، ڳوٺن، واهڻن، وستين ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي زيرِ صدارت ڪيترين علمي ۽ ادبي بزمن طرفان مشاعرا ٿيڻ لڳا. انهن ئي مشاعرن ۾ مخدوم محمد امين ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد سان گڏ شريڪ ٿيندو هو، جتي هر شاعر جو شعر غور سان ٻڌندو ۽ هينئين سان هنڊائيندو رهيو.مخدوم طالب الموليٰ وٽ سندن حيدرآباد ۽ هالن وارن بنگلن ۾ هر وقت شاعرانه محفلون متل هونديون هيون، جن ۾ اعليٰ پايه جا ڪُهنه مشق شاعر شريڪ ٿيندا هئا. هر شاعر جو اندازِ بيان ۽ فڪر بي پرواز پنهنجي هوندو آهي. مخدوم محمد امين جيڪو هميشه انهن مشاعرن ۾ موجود هوندو هو ۽ اتي موجود شاعرن جا شعر ٻڌندو ذهن نشين ڪندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن شاعرن جي شعر هن کي متاثر ڪندي هن کي شاعريءَ ڏي راغب ڪيو ۽ هن مخدوم طالب الموليٰ جو هيءُ شعر پڙهي ميدان شاعري ۾ قدم رکيو:

شاعر ذهن جي احساس جو نالو آهي،

مون وڃي آهي ڏٺو حُسن بشر جي ويجهو.

                      مخدوم محمد امين سال 1953ع ۾ 14-15 سالن جي عمر قريب جي هو، جو هن باقاعدگيءَ سان شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ ’امين‘ تخلص سان شعر چوڻ جي ابتدا ڪئي، پر جيئن تہ هن خاندان ۾ اڳ ٻہ امين نالي ۽ تخلص سان شاعر ٿي گذريا هئا، جنهنڪري مخدوم طالب الموليٰ سندس تخلص ’فهيم‘ تجويز فرمايو. ان بعد هيءُ ايوانِ شاعري ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ سڏجڻ لڳو. محمد امين نالي جي نسبت سان ’فهيم‘ تخلص موزون ۽ مناسب ٿو لڳي. ڇاڪاڻ تہ امين هميشه ’فهيم‘ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي صحيح حقيقي فهم  مطابق امانتدار هوندو آهي ۽ کيس سونپيل امانتون انهن جي حقدارن تائين پهچائڻ جو فهم هوندو آهي. بلڪل انهيءَ طرح مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي اَبي، ڏاڏي کان وٺي، حضرت مخدوم نوحرحه تائين جي بهتر روايات جو پاسدار ۽ انهن جي علم و ادب، شعر و شاعري ۽ رشد و هدايت جو حقيقي وارث ۽ امانتدار بڻجي انهن جي بي بها علمي، ادبي اثاثي کي پنهنجي فهم و فراست سان امين بڻجي سنڀاليندو ۽ ايوانِ ادب ۾ مشتهر ڪندو رهيو.مخدوم امين ’فهيم‘ جو فنٖ شاعريءَ ۾ استاد ڪامل سندس والد محترم هو، جنهن کيس مڪمل طور فنٖ شاعري ۽ شعر چوڻ جي سِکيا ڏني ۽ پاڻ پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان فنٖ شاعري ۽ شعر چوڻ تي مڪمل دسترس حاصل ڪري ورتي.

1953ع ۾ پهريون ڪلام لکيائون، جنهن جا ٻول آهن:

”خطادار آهيان خطادار آهيان،

مگر توسان هر دم وفادار آهيان.“

                    ان وقت هالا ۾ هڪ مشاعرو قبله طالب الموليٰ جن جي صدارت ۾ ٿيڻو هو ۽ پاڻ حجاب جي ڪري پنهنجو ڪلام فقير حسين بخش ’خادم‘ جي حوالي ڪيائون، جنهن اهو ڪلام پيش ڪيو. تڏهن قبله طالب الموليٰ جن کي خبر پئي تہ امين سائين بہ شاعري ڪن ٿا. ان کان بعد جيڪو بہ شعر لکندا هئا تہ قبله جن کان اصلاح ڪرائيندا هئا. پاڻ پنهنجي ڪتاب ”پيغام“ ۾ لکيو اٿن تہ: هڪ دفعي ڄام ڏاتار رحه جن تي قبله طالب الموليٰ صاحب جن سان سندن مريدن سالگره ملهائڻ جو انتظام ڪيو هو، ان وقت مون وٽ هڪ ڪافي لکيل هئي جيڪا مون قبله سائين کان اصلاح بغير مصري فقير جي حوالي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جا ٻول آهن:

”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،

انهي رمز سان روح ريجهائينديس.“

اها ڪافي مصري فقير چوڻ شروع ڪئي تہ سائين وڏا، گرامي صاحب، سرشار عقيلي صاحب، اسد الله شاهه حسيني صاحب، ميون محبوب علي جن جو ڌيان ڪافي ڏي ڇڪجي ويو تہ ڪافي ڪنهن جي آهي. مصري فقير تمام سريلي انداز ۾ ڪافي پوري ڪئي تہ قبله سائين مون کان پڇيو تہ: بابا اها ڪافي ڪنهن جي هئي؟ مون عرض ڪيو تہ قبله اها ڪافي منهنجي آهي. تنهن تي پاڻ مٿي اسٽيج تي اچي مون کي پيشاني تي چمي ڏنائون ۽ داد ڏئي فرمايائون تہ: بابا منهنجي ڪلامن جو سڄو ”مجموعو“ توهان وٺو ۽ مون کي اها ڪافي ڏيو. اهڙي داد ملڻ تي مون کي نهايت خوشي ٿي.قبله امين ’فهيم‘ صاحب جن جو ڪلام مصري فقير، دين محمد شيخ ۽ رونا ليليٰ تمام سٺي انداز ۾ ڳايو ۽ انهن جي آواز ۾ ڪلام هلندو رهي ٿو. پاڻ سياست ۾ بہ بهترين ڪردار ادا ڪيائون. ڀٽي صاحب قبله طالب الموليٰ جن کي چيو تہ: سائين مون کي امين صاحب ڏيو. 1970ع واري چونڊ ۾ ڀٽو صاحب پنجن سيٽن تي ڪامياب ٿيو هو، جنهن مان ٺٽي واري سيٽ قبله امين سائين جن جي حوالي ڪيائون، جنهن تي امين سائين جن ڪامياب ٿيا. اهڙي نموني سان ڀٽي صاحب سان سياسي وابستگيءَ ۾ رهيا. ڀٽي صاحب جي شهادت بعد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سان هر وقت شامل رهيا. محترمہ جي شهادت وقت بہ قبله امين سائين ساڻن گاڏيءَ ۾ گڏ هو. بهرحال آخري وقت تائين هو پيپلزپارٽيءَ سان شامل رهيا. مخالفن اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪئين آڇون ڪيون پر پاڻ اهي سڀ رد ڪري ڇڏيون ۽ هميشه ڪامياب رهيا.

 21- نومبر 2015ع بمطابق 8- صفر 1437هه ڇنڇر ڏينهن تي هن مهان شخصيت جسماني طور پاڻ کان موڪلاڻي ڪئي ۽ هميشه لاءِ آرامي ٿيا.شال الله سائين کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين!

”نہ سي جوڳي جُوءِ ۾، نہ سي سامي واٽ،

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.“نوح فقيررحه

پهنجو تبصرو موڪليو