سعودي عرب محدود ۽ مشروط حج جو اعلان ڪري ڇڏيو

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب ڪورونا وبا  کي نظر ۾ رکندي هن سال به خاص شرطن سان حج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت پاران محدود ۽ مشروط حج لاءِ ايس او پيز جي منظوري ڏني آهي. حج ۽ عمري بابت سعودي جي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زائرين جي صحت ۽ سلامتي جا مڪمل انتظام هوندا، حج جي آپريشنل معاملن ۽ تفصيلن جو اعلان بعد ڪيو ويندو.ياد رهي ته گذريل سال به صرف سعودي عرب جي .رهواسين کي ئي مخصوص شرطن سان حج جي اجازت ڏني وئي هئي ياد رهي ته هي ٻيو سال آهي ته حج ۽ عمري کي محدود ۽ مشروط ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو