ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان جون ٻه وڏيون سياسي حريف پارٽيون پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ميدان تي لٿل آهن. اپوزيشن جي دٻاءَ سبب وزيراعظم عمران خان عوام کي رليف ڏيندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه م 10 روپيا گهٽتائي ڪرڻ ۽ بجلي جي قيمت 5 روپيا في يونٽ گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن اهو به اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ تائين اگهه نه وڌندا، بيروزگار گريجوئيٽس کي 30 هزار ماهوار ملندا. ان رليف جو سبب ڪهڙو به هجي پر عام ماڻهو سمجهي ٿو ته ته اهو اپوزيشن جي دٻاءَ ۽ پي پي جي لانگ مارچ جو نتيجو آهي. ٻنهي جماعتن عوام جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٻنهي هٿن سان لٽيندا رهيا آهن ۽ ٻئي جماعتون لانگ مارچ دوران سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيون آهن. اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، هن وقت ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي تاريخ جي بد ترين مهنگائي کي عوام منهن ڏيئي رهيو آهي ، خاص مڊل ڪالس ۽ غريب جيڪي روز ڪمائين روز خرچ ڪن اهي پنهنجي ٻچڙنن جو پيٽ گذر ڪيئن ڪن ، جڏهن ته ملڪي صورت حال به اسان جي ڳيان آهي ته هن ملڪ ۾ ڇا ڇا ٿي رهيو آهي عوام ڪيتري وڏي اذيتن مان پيو گذري اهڙي صورت حال ۾ عوام ڪهڙو فيصلوڪري ، مان عرض ڪندس ته هن وقت جيڪڏهن اسان پاڪستان جي سياستدانن تي نظر وجهنداسين ته اٽي ۾ لوڻ جي برابر سياستدان هوندا جيڪي صاف شفاف هوندا يا عوام جا خدمت گذار هوندا باقي ته جهڙو سلوڪ اڪثر سياستدانن جو ٿيو آهي اهو ڪنهن کان به لڪيل ناهي ، برحال ملڪ جي تاريخ جا خطرناڪ لانگ مارچ ، پاڪستان پيپلزپارٽي مهنگائي خلاف ڪراچي کان لانگ مارچ شروع ڪيو آهي جنهن ۾ هن وقت تائين هزارين جيالا عام ماڻهون به شامل ٿي ڪپتان خلاف نعره هڻي رهيا آهن ان جو خاص مقصد صرف منهنجي نظر ۾ هڪ آهي ته مهنگائي عوام جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ، جڏهن ته پاڪاتسان تحريڪ انصاف جا م،رڪزي اڳاون جنهن م اسد عمر ، مخدوم ساه محمود قريشي علي زيدي ، سيد غوث علي شاه ، غلام ارباب رحيم سميت مبين جتوئي عليم عادل جهڙا جڏهن ته پير سيد احمد علي شاه جيلاني جيڪو راڻيپور ۾ سنڌ حقوق مارچ کي خوش آمديد چوندو ، اهڙي صورت هال تي اسان ڪهڙو بحث ڪيون ملڪ جو عوام ته وڏي تڪليف مان پيو گذري جڏهن ته سنڌ جو جيالو گهر ويهڻ لاء تيار انهي راڻيپور ۾ پير سيد فضل علي شاه جيلاني ، پير سيد احمد رضا شاه يجلاني پڻ پنهنجي محبوب قائد جو استقبال به ڪندا انهن کي سنڌ جا اجرڪ ٽوپي تحڦه به پيش ڪندا ، مان عرض ڪيان ته سنڌ جي پوليس رينجرس به ٿي سگهي ٿي پر خاص پوليس جو سيڪيورٽي پلان به تشڪيل ڏنو ويو آهي ، انهي سلسلي ۾ ڊي آئي جي سکر طارق عباس قريشي راڻيپور ٿاڻي تي پهچي ويو جتي ، ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ به ساڻس گڏ هيا جڏهن ته ڊي ايس پيز سميت تمام ايس ايڇ اوز جنهن ۾ امير حسين چانگ پڻ موجود هيا جن کي بهترين انداز سان سيڪيورٽِ بابت سخت هدايتون ڏنيون ويون جيئن بهترين انداز سان ٻئي لانگ مارچ پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي تحٽ گذري وڃڻ ، اهڙي صورت حال لاء ڊي آئي يج سکر طاقر عباس قريشي سٽي پريس ڪلب جي صدر سيد زوار حسين شاه ، ڪوشش رپورٽر انور علي ناريجوسان ڳالاهئيندي چيو ته انشاء الله بهترين پلان تشڪيل ڏنو آهي توهان پاڻ ڏسندا ، جڏهن ته لانگ مارچ 27 فيبروري ڪراچي کان ھزارين جيالن سان گڏ مختلف ضلعن تعلقن کان ٿيندو اڄ راڻيپور پھچندو جتي چونڊيل ايم اين اي پير سيد فضل علي شاھ جيلاني ايم اين اي پيرسيد جاويدعلي شاھ جيلاني ايم پي اي پير سيد احمد رضاشاھ جيلاني المعروف پيار شاه ، ھزارين جيالا پنھنجي محبوب قائد پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيري اعلىٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ مختلف ايم اين ايز ايم پي ايز کي سنڌي اجرڪن ٽوپين جا تحفه پيش ڪرڻ سان گڏ ۽ قافلي ۾ شامل جيالان مٿان گلن جي ورکا ڪندا جنھن کان پوءۡ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعلىٰ قيادت راڻيپور ۾ استقبال ڪندڙ جيالن کي مختصرن خطاب ڪندي جنھن بعد لانگ مارچ اڳعين منزل گمبٽ خيرپور طرف روانو ٿيندو جتي پاڪستان پيپلز پارٽي سينئر سياستدان پ پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪٽري ڊاڪٽر نفيسا شاھ جيلاني سابق صوبائي وزير ۽ هاڻ زراعت جو خاص مشير منظور حسين وساڻ وزير اعلىٰ سنڌ جي خاص صلاحڪار حاجي نواب خان وساڻ سابق وزيراعلىٰ سيد قائم علي شاھ جيلاني ايم پي اي منور حسين وساڻ پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻئي اعلىٰ قيادت لانگ مارچ ۾ شريڪ ھزارين ڪارڪنن جي خيرپور اچڻ تي آجيان ڪندا جنھن کان پوء ضلعي خيرپور جي تاريخي جلسي کي پ پ پ چيئرمين ۽ ٻيا پرتباڪ خطاب ڪندا ھوڏانھن پاڪستان تحريڪ انصاف وفاق ۽ صوبه سنڌ جا مرڪزي اڳواڻ مخدوم .شاھ محمود قريشي سينئر اڳواڻن .عليم عادل شيخ سيد طاهر حسين شاه ، مبين جماني ، سيد غوث علي شاه ، غلام ارباب رحيم ۽ ٻين جي قيادت ۾سنڌ حقوق مارچ جيڪو سکر کان ٿيندو پهرئين مارچ اڄ راڻيپور پھچندي جتي پي ٽي آئي اڳواڻ سيد احمد علي شاه جيلاني ۽ هزارين تائيگرس پنهنجي اعلي قيادت جو پرتباڪ استقبال ڪندا جتي پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا ، پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين گهٽ ٿيو هوندو ته پاڪستان جون ٻح حريف سياسي پارٽيون هڪ ئي ڏينهن هڪ ئي روٽ سان لانگ مارچ ڪن انهي سلسلي ۾ بهترين فرض شناس آفيسر ڊِ آئي جي سکر طارق عباس قريشي ، ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ مختلف روٽس جو معائنو ڪيو ۽ سٽي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سيڪورٽي پلان بهترين تشڪيل ڏنو آهي ،جيئن لانگ مارچ پنهنجي پنهنجي ٽائيم ۽ روٽ موجب گذري وڃي جنهن لاء تمام ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي سخت هدايتون پڻ ڏنيو آهن ، جڏهن ته سپاهه هر جاء تي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ پيٽرولنگ پڻ وڌائي وئي آهي راڻيپور پاڪستان پيپلز پارٽي چئيرمين جي اڳواڻي ۾ ھزارين جيالن جو قافلو اڄ راڻيپور پھچندو جڏھن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سنڌ حقوق مارچ جا مرڪزي اڳواڻ ساڳئي ڏينھن باب احمد شاھ گيٽ پهچي ٽائيگرس کي خطاب ڪندا . ڊي آءۡ جي سکر ، .ايس ايس پي خيرپور پاران مختلف روٽس جو معائنو بهترين پلان تشڪيل ڏنو آهي ڊي آئي جي سکر طارق عباس قريشي پلان کي آخري شڪل ڏيندي چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشس آهي يقين آهي ته انساء الله سياسي پارٽيون ضابطا اخلاق کي مدي نظر رکندي پنهنجي پنهنجي ٽائيم ۽ روٽ تان گذر ڪنديون ، اهڙي صورت هال ۾ ڏسڻو اهو آهي ته هي لانگ مارچ ڪيئن ٿا سفر طئه ڪن ، مان عرض ڪيان ته هن وقت به جيڪڏهن پ پ پ پاران اعلانيل لانگ مارچ جنهن جو صرف هڪ مقصد آهي ته مهنگائي تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي ، ڪپتان کي استعفا ڏيڻ گهرجي 27 تاريخ کان مارچ شرپع ٿيندو جيڪو ڏهن ڏينهن جي لڳ ڀڳ اسلام آباد پهچندو جڏهن ته سنڌ حقوق مارچ جيڪو پڻ 26 فيبروري کان ڪشمور ڪمون شهيد کان مختلف شهرن کان ٿيندو ڪراچي پهچندو جتي بهترين مرڪزي اڳاوڻ پڻ خطاب ڪندا جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تعجب ٿو ٿئي ته جيڪڏهن ڪپتان مهنگائي ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ته حڪومت پ پ پ جي آهي جتي نه کنڊ ٿي ملي نه ڪڻڪ ٿي ملي نه ڀاڻ ٿو ملي ، هو پاڻ تي به نظر وجهن ، برحال الله سائين ڪندو ته خير سان سفر گذري ويندو ، برحال ڊي آئي يج سکر طارق عباسي قريشي ۽ ٻين پوليس يج اعلي آفيسر جيان خيرپور ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ به بهترين سيڪيورٽي انتظام ڪيا آهن.










