طفيل مگسي
“هتي اهو ممڪن ئي نٿو ٿي سگهي“اهو اهڙي قسم جو جملو آھي ته جنهن کي اڪثر اسان جي انقلاب جي اڳڪٿي ڪرڻ وارن پوسٽن تي پڙھڻ جي لاء ملي ٿو ۽ اهڙو جملو انهن ماڻھن کان ڪڍيو وڃي ٿو\ يا لکيو وڃي ٿو.جيڪي ڪجه ڪرڻ ته بعد جي ڳاله آھي پر ان تي حقيقي ويچار ڪرڻ کان به لاچار آھن يا ان قسم جي سوچڻ جي به همت نٿا رکن.بلڪ شايد ان کي ڪنهن قسم جو گناه ڪبير سمجهن ٿا.حالانڪ تاريخ جي ٿوري به ڄاڻ يا سمجه يا سڌ رکڻ وارو ڪو به شخص اهو اندازو ڪري سگهي ٿو ته حالتون جهڙي پاسي وڃي رهيون آھن.انهن جو مستقبل ڇا ٿيندو\ هوندو.انقلاب فرانس يا انقلاب روس مڃون ٿا ته پوئين صدين جا قصا آھن.ليڪن ايران جو انقلاب چاليهن پنجاهن سالن جي ڳالھ آھي..ڇا ڪنهن ايراني ڪڏھن اهو تصور به ڪيو هوندو ته اڍائي هزار سالن جي مطلق العنان بادشاھت جو ائين خاتمو ٿي وييندو.ليڪن سڀني ڏٺو ته بادشاھت جو بت ٽڪر ٽڪر ٿي ويو.۽ مذۡببي آمريت هڪ رتوڇاڻ واري ويڙھ کانپوء اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.
ان انقلاب جا پاڪستان ۽ افغانستان تي ته سدا سنوان شديد اثر مرتب ٿيا ئي آھن.پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سموري مسلم دنيا ان انقلاب کان متاثر ٿي.جنهن جي سبب کان اڄ ترڪي جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به ساڄي ڌر جي حڪومت آھي.اسان وٽ گذريل 70 سالن کان سوچڻ جو مرڪز هڪ ڊپارٽمينٽ رهيو آھي.جيڪا سوچ.اتان کان اچي ٿي.انهيء کي اخبارن.ميڊيا ۽ سياستدانن جي وسيلي پروموٽ ڪيو ويندو رهيو آھي.ساڌڙن لفظن ۾ ڳالهايان ته ڊپارٽمينٽ جي فرماني سوچ ئي سڏجي رهي آھي يعني ڊپارٽمينٽ جيڪي ڪجه چئي ڇڏيو اهو ڄڻ مقدس فرمان بڻجي ويو.ليڪن هينئر صورتحال اها ناهي رهي.ڪڏھن جهموريت ۽ صحافت پاڻ ۾ ٻانهن ٻيلي هيون ۽ ٻئي گڏجي ڪري عوام جو استحصال ڪنديون هيون.ليڪن هينئر سوشل ميڊيا آھي.۽ عام.ماڻھو آھي.عام ماڻھو پنهنجا مسئلا به پاڻ ڏسي ٿو ۽ انهن جو حل به پنهنجي نقط نظر کان طئي ڪري ٿو.ڊپارٽمينٽ جي ناڪامي بلڪ شديد ناڪامي عمران کي مسلط ڪرڻ جي شڪل ۾ رهي آھي.ڪڏھن ڪنهن سوچيو ته پاڪستاني سرعام ڊپارٽمينٽ کي گاريون ڏيندا.؟ڪڏھن ڪنهن سوچيو هيو ته حڪمران ۽ انهن جا ڇارتا پبلڪ ۾ ويندي ڊپندا ته ڪو انهن تي جوتو يا ڌوڙ نه وجهي.يا وري گاريون نه ڏيئي.ليڪن اهو سڀ ڪجه سرعام ٿي رهيو آھي.اهي فائنل انقلاب کان اڳ ننڍڙا ننڍڙا انقلاب برپا ٿي رهيا آھن.جيڪي ڪنهن وڏي انقلاب جو رستو صاف ڪري رهيا آھن ڇوت مادي تاريخي جدليات جي اهائي حقيقت هوندي آھي.اهي ماڻھو جيڪي اڄ به چون ٿا ته هتي اهو نٿو ٿي سگهي.اصل ۾ بيوقوفن جي جنت ۾ رهن پيا. انقلاب ايندو نه بلڪ اچي چڪو آھي.بس هڪ معمولي چڻنگ جي ضرورت آھي.جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي بيڪار سوچ انهيء چڻنگ کي ڀڙڪائيندي.جنهن کانپوء ماڻھو اٿي ڪري عوامي راڄ قائم ڪري وٺندا. نيپال ۾ عوام بادشاھت جو خاتمو ڪري ڪميونسٽ انقلاب برپا ڪيو.جنهن کان سمورا سائوٿ ايشيا جا ملڪ خاص طور تي ڀارت وڌيڪ متاثر ٿيو.جنهن جي ڪري سموري ڀارتي ڏاکڻي پٽي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي حڪومت قائم ٿي.جنهن کان ڇرڪي ڪري مودي کي سامهون آندو ويو.جيڪو ڪٽر مذھبي خيال جو مالڪ آھي.ليڪن هينئر اهو به پوئين پساهن ۾ آھي. پاڻ دهلي ۽ پنجاب ۾ ڪجيروال جي عام آدمي پارٽي جي حڪومت آھي.جيڪا سڄي دنيا جي سرمائيدارن جي لاء فڪر جي گهڙي آھي. نيپال کان انقلاب جي لهر سريلنڪا ۾ داخل ٿي ته اتي انقلابي سرخا صدارتي محل تائين وڃي پهتا.جتي عوامي راڄ قائم ٿيندي ئي شديد ترين جهٽڪو ڀارت کي لڳندو.جنهن جي ريز ايتري اسٽرانگ هوندي ته پاڪستان شيڪ ٿي ويندو. مطلب ته سريلنڪن انقلاب کي عوامي گوڙ سڏڻ وارا ڏسندا ئي رهجي ويندا ؛؛؛










