سدا رھندي ياد…!

سدا رھندي ياد…!

امداد سنديلو/لاڙڪاڻو
سنڌ جي سرسبز قديم واديءَ مھراڻ ۽ قديم تھذيب سان تعلق رکندڙ عالمي سياسي شھرت يافتھ شخصيت بينظير ڀٽو پاڪستان جي سابق وزيراعظم، دنيا جي مڃيل لکيل پڙھيل ليڊر، اسلامي سربراھي ڪائونسل جي سابق چيئرمين جناب ذوالفقار علي ڀٽو شھيد جي نياڻي جو جنم مبارڪ 21 جون 1953ع ۾ سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچي ۾ ٿيو. سنڌوءَ جي سرسبز ڌرتي سان وجود ماڻيندڙ بينظير ڀٽو ھن وقت دنيا ۾ ڪو نھ آھي پر اڄ بھ عوام جي دلين جي دڙڪن ۾ رھندي ۽ ھميشھ عوام جي دلين تي راڄ راڻي راج ڪندي رھندي.
اھو سچ آھي تھ پاڪستان جو غريب ۽ پيڙھيل طبقو بينظير ڀٽو کي چاھيندو ھو، ھو بھ سندن عوام سان پيار ۽ محبت ڪندي ھئي ۽ عوام بھ دل جي نگاھھ سان ڏسندو ھو سواءِ انھيءَ طبقي جي جن جي اکين ۾ ھوءَ انھيءَ ڪري بھ ڪنڊن جيان چڀندي رھندي ھئي جو پاڪستان ۾ طاقتور”سگھاريل” قوتون نھ ٿيون چاھين تھ ملڪ جي حاڪميت ۾ پڙھيل، لکيل زھن رکندڙ سنڌ ڄائو يا ڄائي ايتري عالمي شھرت ۽ مڃتا ماڻي جو ملڪ جي مڙني سياسي خاندانن کي پوئتي ڇڏي وڃي.
ھن بدنظم نظام جي نام نھاد ٽولي “ٺيڪيدار” شھيد بينظير جي بابا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 1975ع احمد رضا قصوري جي والد قتل ڪيس جي سازش ۾ وزيراعظم جي عھدي تان ھٽايو، آخر سپريم ڪورٽ جي احاطي اندر ھٿڪڙيون ھڻايون ويون تڏھن سنڌين جي اک کلي، انھن سمجھيو ڀٽو صاحب سان منصوبابندي تحت سازش ڪري رھيا آھن تڏھن عوام روڊن تي آواز اٿارڻ لاءِ نڪري آيو، باشعور عوام ۽ سياسي قيادت اپيلون ۽ مطالبا ڪيا. اپيلن ۽ عوام جي مطالبن کي ٿڏيندي 4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھي ڏني وئي، لاڙڪاڻي لاش ڏياري موڪليو ويو، بينظير ڀٽو ۽ سندس ماءَ نصرت ڀٽو کي شھادت کانپوءِ پوليس ڪسٽڊي يعني پوليس ڪئمپ ۾ نظربند رکيو ويو.
1984ع ڌاري يوڪي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي پر تيسين ھن جي اندر جي باھ، ڪروڙين عوام جي اميدن، امنگن جي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي خاتمي، عوام جي محرومين ۽ احساسن جو خيال، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڇڏيل مشن جي ساڀيان لاءِ سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون، 1985ع ۾ بينظير ڀٽو جلاوطنيءَ کانپوءِ وطن واپس آئي موھن جو دڙو ايئرپورٽ تي آجيان لاءِ استقبالي ماڻھن جو تعداد ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻڌايو ويو ھو، بينظير ڀٽو ھڪ ٽرڪ مٿان پيپلز پارٽي قيادت سان گڏ بيٺل نظر آئي، موھن جو دڙو ايئرپورٽ کان وٺي لاڙڪاڻي شھر تائين ۽ لاڙڪاڻي شھر کان وٺي نئون ديرو ۽ ڳڙھي خدابخش ڀٽو تائين روڊ جا ٻئي پاسا پير پائڻ جي جڳھھ ڪو نھ پئي ملي ايترو تھ ماڻھن جو زور شور ھو جو عوام سمنڊ جي ڇولين جيان نظر آيو، عوام جي بھادر اڳواڻ جي آجيان لاءِ ايتري وڏي تعداد ۾ شموليت ۽ گرم جوشي سبب سگھاريل قوتن جا حوصلا خطا ٿي ويا.
پاڪستان پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ وڏن عوامي جلسن (ميڙاڪن) کي خطاب ڪيو. ان دئور ۾ بي بي سي ريڊيو جي رپورٽ موجب چيو ويو تھ پاڪستان ۾ واحد اڪثريتي پارٽي آھي تھ اھا پاڪستان پيپلز پارٽي آھي جنھن جي جلسن، جلوسن ۾ روز بروز شموليت ۽ مقبوليت ۾ واڌارو نظر اچي رھيو آھي ۽ ٿيو بھ ائين پاڪستان پيپلز پارٽي 1988ع واري اليڪشن ۾ وڏي اڪثريتي پارٽي اڀري سامھون آئي ۽ چونڊن ذريعي پيپلز پارٽي عوامي انقلاب آندو. 2 ڊسمبر 1988ع تي 35 سالن جي ڄمار ۾ محترمھ بينظير ڀٽو پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو.1990ع ۾ بدعنوانين جي الزام تحت سندس حڪومت برطرف ڪئي وئي. ٻيھر وري 1993ع ۾ اليڪشن ٿي بينظير ڀٽو جي جمھوري ڪوشش سان عوامي مينڊيٽ ذريعي ٻيھر ووٽن ذريعي عوامي انقلاب آندائين. 1996ع ۾ اٺين ترميم جو سھارو ڏئي ھٽرايو ويو، سگھاريل قوتن جي مشغولين ۽ اندروني ۽ بيروني سازشن تحت حڪومت جو مدو پورو نھ پيو ڪرڻ ڏنو وڃي. ھنن سگھاريل قوتن نھ پئي چاھيو تھ سنڌ سان تعلق رکندڙ ذھين شخصيت (قيادت) اقتداري ايوانن جون ذميواريون سنڀالي انھيءَ ڪري بينظير ڀٽو ۽ سندس ور آصف علي زرداري تي گذريل ڏھن سالن دوران ڪرپشن ۽ بدعنوانين جا ڪيئي من گھڙت ڪيس پئي ٺاھيا. آصف علي زرداري خلاف ڏھن سالن دوران ارڙھن ڪرپشن ۽ ڪرمنل ڪيسن جو ڄار وڇايو ويو. 1997ع کان 2004ع تائين جيلن ۾ جبري قيد رکيو ويو پر عدالت ۾ ھڪ بھ الزام ثابت نھ ٿي سگھيو، بينظير ڀٽو خلاف پنج ڪرپشن جا ڪيس ٺاھيا ويا پر ھڪ بھ الزام ثابت ٿي نھ سگھيو.
1999ع ڌارين بينظير ڀٽو آلين اکين ۽ ٻارن سميت دبئي ھلي وئي پر ھو اتي بھ سياسي تحرڪ ۾ ھئي، عالمي برادري ۽ جمھوريت پسند بين الاقوامي ڌرين پاڪستان جي سياسي حڪومتي سرشتو صرف ھڪڙي سياسي شخصيت بينظير ڀٽو ھلائي سگھي پئي، 18 آڪٽوبر 2007ع تي اٺن سالن جي جلاوطني بعد ٻيھر وطن واپس آئي ۽ سياست ۾ دليرانھ قدم رکيائين، ڪراچي ۾ بينظير ڀٽو جي قافلي مٿان ڪيل ٻن خطرناڪ آپگھاتي بم ڌماڪن اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تھ ملڪ جون سگھاريل ڌريون ڏکڻ ايشيا جي ذھين، ھوشيار سنڌ ڄائي جي ساڀيا ۾ رڌل ھئا. بينظير ڀٽو وطن ورڻ وقت ميڊيا آڏو واضح چيو ھو تھ سندس مخالف رستي تان يعني صفھ ھستيءَ تان ھٽائڻ جي حڪمت عملي جوڙي رھيا آھن، سندس مڪمل سيڪيورٽي فراھم نھ پئي ڪئي وڃي، جڏھن تھ بينظير ڀٽو مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ جو چيو ھو پر باضابطا طور کيس مڪمل سيڪيورٽي ڪو نھ ڏني وئي. اھا ھڪ بي خيالي ۽ لاپرواھي ھئي، ڪارساز سانحي بعد بينظير ڀٽو صدر پرويز مشرف ڏانھن خط لکيو جنھن ۾ ھن سندس خلاف ٿيندڙ سازش ۾ پنج حڪومتي شخصيتن جا نالا ڏنا ھئا جنھن ۾ چئن ڄڻن جا نالا نروار ھئا ھڪ شخص کي خفيا رکيو ويو ھو.
ڪارساز سانحي کانپوءِ بينظير ڀٽو جي وڪيل سينيٽر فاروق نائيچ کي ھڪ ڌمڪي آميز خط مليو ھو جنھن ۾ بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ جي واضح ڌمڪي لکيل ھئي، مطلب ان ڳالھھ جو آھي تھ ان وقت جي حڪمران ڌرين مان مراد خط مان لڳي رھيو آھي تھ بينظير ڀٽو جي قتل ۾ حڪمران ٽولي جا واضح اشارا مليا رھيا آھن. القاعدھ ۽ طالبان جون ڪوڙيون آميز ڌمڪيون آھن، بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ القاعدھ ۽ طالبان جي ترجمانن بيان ڏنا ھئا تھ اسان عورت جي مٿان ھٿ ناھيون کڻندا ان ڳالھھ مان ثابت ٿيو تھ ان وقت جون حڪمران لابيون قتل ڪرائڻ ۾ واضح نظر اچي رھيون ھيون.
بينظير ڀٽو جھڙي حسين، ذھين، لکيل پڙھيل، دانشور، اديب شخصيت کي لکين ماڻھن جي ھجوم ۾ سري عام گولين جو کاڄ بڻايو ويو. سنڌ واسين جون خوشيون ماتم ۾ بدلجي ويون، سنڌ تھ ڇا پر پورو پاڪستان منٽن جي اندر بند ٿي ويو، تاريخ ڀلي ڪھڙا بھ جواز پيش ڪري پر اھا سنڌ سان ناانصافي سمجھي ويندي، لاڙڪاڻي شھر ۾ بينظير ڀٽو جي شھادت بعد پورو مھينو شھر نھ کليو ھو، پاڙي جو ڪو دوڪان ايڪو ڌڪو رات دير سان ڪجھھ ماڻھن کي سودو ملي ويندو ھو، خير مشڪلاتون تمام گھڻيون درپيش آيون ھيون جي اھڙا الميا ٿيندا رھيا تھ اسان سنڌين جا سينا ھوندا ۽ دشمنن جون بندوقون ھونديون، ايتري تھ اسان سنڌين کي خبر ضرور پوندي تھ انھيءَ قتل ڪرائڻ يا ڪرڻ ۾ ڪنھن ڪنھن جو ھٿ آھي ۽ ڪير ڪير مھرا ھيا.
شھيد بينظير ڀٽو اسان سنڌين لاءِ نھ رڳو پر پوري پاڪستان لاءِ اثاثو ۽ اعزاز ھئي سندس اوچتي وڇوڙي ھر گھر ۾ روڄ ۽ راڙو ۽ ڪھرام مچائي ڇڏيو. ھن جو درد اسان تھ ڇا پر ايندڙ صدين تائين نئون نسل بھ وساري نھ سگھندو. جيئن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام لاءِ جان جو نظرانو ڏنو تيئن سندس نياڻي شھيد بينظير ڀٽو عوام خاطر پنھنجي جان قربان ڪئي، ھاڻي اسان تي فرض آھي تھ پنھنجي محبوب ليڊرن جي ڏسيل رستي تي عمل ڪريو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ھر وقت، ھر گھڙي ۽ ھر محاذ تي ھڪ صف ۾ گڏ ٿي بيھون تھ جيئن ملڪ ۾ خوشحالي اچي سگھي ۽ عوام جا حقيقي مسئلا حل ٿي سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو