ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي سبي کان هرنائي تائين ريلوي لائين 17 سالن کانپوءِ فعال ٿي وئي.پاڪ فوج جي سرپرستي ۾ سبي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ريلوي ٽريڪ جي مرمت جو ڪم ڪيو ويو.ياد رهي ته 17 سال اڳ دهشتگردن سبي کان هرنائي پل ۽ ريلوي ٽريڪ کي تباهه ڪيو هو.دهشتگردن جي تباهي سبب ريلوي لائين 17 سالن کان غير فعال هئي.










