سائيٽ ايريا ۾ 17 نوان روڊ ٺاهيا پيا وڃن: مرتضيٰ وهاب

سائيٽ ايريا ۾ 17 نوان روڊ ٺاهيا پيا وڃن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ جي قانوني صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سائيٽ ايريا ۾ 17 نوان روڊ ٺاهيا پيا وڃن، مجموعي طور تي سائيٽ واري علائقي ۾ 3کان 4 لک اسڪوائر فٽ روڊ نئين سر ٺاهيون پيون وڃن، عوام ڪم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ، پيپلز پارٽي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ٿي رهيا آهن. هو عوامي خدمت جو عمل جاري رکندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اولھ جي سائيٽ ايريا ۾ تعمير ٿيندڙ 3 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي تعميراتي ڪم جو معائنو ڪندي ڪيو.ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جو خاص مددگار علي احمد جان ۽ ڪي ڊي اي جا عملدار پڻ موجود هئا، جڏهن ته تعميراتي ڪم جو معائنو ڪيو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سائيٽ ايريا جي صنعتڪارن ۽ هتي جي رهواسين جو ڪافي عرصي کان مطالبو هو ته هي روڊ تعمير ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اها انتهائي خراب حالت ۾ هئي ۽ ان جي حالت خراب هئي. گٽرن جو گندو پاڻي هر طرف پکڙجڻ ڪري هر طرف گندگي ۽ تمام گهڻي ڌپ پکڙيل هئي جنهن ڪري هتان ماڻهن جو سفر ڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، سنڌ حڪومت پهرين قدم طور هن روڊ کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پهرين قدم طور سيوريج لائين مان پاڻي جي لڪيج کي بند ڪيو وڃي، خوشقسمتيءَ سان هتي سيوريج جو مسئلو حل ٿي ويو آهي ۽ هاڻي روڊ پڪو ڪيو ويو آهي، ان روڊ کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، هن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت پاران سائيٽ ايريا جي مقامي آبادي ۽ صنعتڪارن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اهي سڀ پورا ٿي رهيا اهن، علائقي ۾ روڊن جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ جيڪو منصوبو جوڙيو ويو هو ان تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي ، چاڪيواڙ روڊ، شير شاهه روڊ کان علاوه ڪياماڙي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ به ترقياتي ڪم جاري آهن، هن چيو ته روڊن جي تعمير کان اڳ پاڻي، سيوريج ۽ ڊرينيج لائينن جي مرمت ڪئي وئي آهي ته جيئن نوان تعمير ٿيندڙ روڊن وڌيڪ پائيدار ثابت ٿيڻ ۽ عوام ان مان گهڻي وقت تائين فائدو حاصل ڪري سگهي، هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سمورا ڪم مڪمل رٿابندي سان ڪيا پيا وڃن جتي جنھن شي جي ضرورت آهي اتي ان کي اوليت ڏني پئي وڃي، خاص طور تي شهرين جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن، ترقياتي ڪمن کي مقرر ٿيل وقت ۾ پورو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ته ماڻهن کي جلد آهي سهولتون فراهم ڪري سگهجن، ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جو اهو سفر ان ئي انداز ۾ جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو