سائيٽ ايريا مان 2 يرغمالي بازياب، 5 جوابدار گرفتار

سائيٽ ايريا مان 2 يرغمالي بازياب، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وي سي سي) ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ ڪارروائي ڪري 2 مغوين کي بازياب ڪرايو.پوليس موجب مقابلي بعد 4 زخمي جوابدارن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.جوابدارن پنجاب جي بهادر آباد مان 2 شهرين کي اغوا ڪيو هو.پوليس اختيارين موجب جوابدارن يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.جوابدار ٻن يرغمالين کي اٽلي موڪلڻ جي خاطري تي اغوا ڪيو.پوليس جي ڪارروائي ۾ ٻنهي يرغمالين کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو