زمبابوي وومين ٽيم هن مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي

زمبابوي وومين ٽيم هن مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) زمبابوي وومين ڪرڪيٽ ٽيم 29 اپريل تي پاڪستان جي دوري تي پهريون ڀيرو ڪراچي پهچندي.سيريز ۾ ڪراچي ۾ 6 وائيٽ بال ميچز ٿينديون.3 ون ڊي ميچز آءِ سي سي وومين چيمپيئن شپ 2025-29 جو حصو هوندا.سڀئي ميچز نيشنل بينڪ اسٽيڊيم، ڪراچي ۾ کيڏيا ويندا.ون ڊي ميچز 3، 6 ۽ 9 مئي تي شام 3:30 وڳي شروع ٿيندا.ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز 12، 14 ۽ 15 مئي تي کيڏي ويندي.ٽي 20 انٽرنيشنل ميچز شام 7:30 وڳي شروع ٿيندا.ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ڪندي.وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ 12 جون کان 5 جولاءِ تائين انگلينڊ ۽ ويلز ۾ کيڏيو ويندو.پاڪستان وومين ٽيم ورلڊ ڪپ کان اڳ آئرلينڊ ۾ 3 ملڪي سيريز پڻ کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو