زال وٺي ڏيو يا پئسا واپس ڪيو، نوجوان جو احتجاج

ڪنڊيارو(اسد جعفري) مڃٺ شهر جي رهواسي نوجوان شاهد سولنگي نيشنل پريس ڪلب ڪنڊيارو پهچي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته هو غريب مسڪين آهي، مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو آهي. 12 سال اڳ هن ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ جواڻ سولنگي برادري جي ماڻهن کي پئسا ڏئي زال ورتي هئي،  جنهن جو نڪاح پڻ ڪيو هو پر رخصتي نه ٿي هئي 12 سال گذري ويا آهن، مون کي زال ڏيڻ لاءِ ڪوڙا آسرا ڏنا ويا،  هاڻ زال ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو ويو آهي. زال جا مائٽ مون تي ڪوڙا ڪيس ڪري رهيا آهن جنهن سبب هو سخت پريشان آهي انصاف لاءِ دانهون ڪري ٿڪجي پيو آهي، پر غريب مسڪين هجڻ ڪري ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس زال ڏياري وڃي يا ته سندس ڏنل پئسا واپس ڪرايا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو