رڳو پنجاب ۾ بجلي جا اگهه گهٽائڻ جو فيصلو قبول ناهي:ڪمال

رڳو پنجاب ۾ بجلي جا اگهه گهٽائڻ جو فيصلو قبول ناهي:ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اهو ممڪن ناهي ته ڪو پنجاب ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ڪري، ايم ڪيو ايم خاموش رهي، رڳو پنجاب ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو قبول ناهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم سڄي ملڪ لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندو، جيڪڏهن بجلي جي معاملي تي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو ته پاڪستان ڏيوالو بڻجي ويندو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بجلي وڌيڪ آهي، روڊ بلاڪ ڪري عوام کي تڪليف ڏيڻ بدران حڪومت کي چيو ته مسئلو حل ڪيو وڃي هن چيو ته هن سال 1700 ارب رپيا رڳو خسارا پورا ڪرڻ لاءِ رکيا ويا، پاڪستان ۾ هن وقت 45 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته اسان جي ٽرانسميشن لائينن جي گنجائش رڳو 22 کان 25 هزار ميگا واٽ آهي، صنعتڪار چون ٿا ته هو 6 کان 9 سينٽن ۾ بجلي ڏين ٿا، في الحال اها 16 سينٽ آهي، 20 سيڪڙو پرڏيهي آءِ پي پيز کي ڇڏي ڏيو ته عالمي معاهدا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو