ليکڪ صالح ميمڻ
رٽائرڊ ملازمن پاران جوڙيل مختلف تنظيمن يا گروھن، زندا رٽائيرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏيارڻ جي واٽس ايپ گروپن يا فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين ذريعن سان جيڪا مھم ھلائي آھي ان مھم ۾ اهو ٻُڌي بيحد افسوس ٿيو آھي ته ان چڱي ڪم جي آڙ ۾ ٺڳن جا ڪي ٽولا اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ پينشنرز کي سھڻا باغ ڏيکاري، وڪلين ۽ آفيسن جي خرچ جي نالي يا ڪليمن جا جعلي فارم ڀرائي ھر ھڪ رٽائرڊ ملازم کي گريڊ وائيز لکين رپيه ملڻ جا دلاسا ڏيئي انهن کان 12 کان 20 ھزار تائين ڦُري وٺي رھيا آھن، ايئن اھڙا چالاڪ ٺڳ خود لک پتي بڻجي ويا آھن، ان لاءِ پينشنرز کي اطلاع ٿو ڏجي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آرڊر مطابق پهريائين سنڌ حڪومت، گروپ انشورنس جي موجوده قانون ۾ سنڌ اسيمبلي مان ترميم ڪرائيندي يا سنڌ اسيمبلي نئين قانون سازي ڪندي، ڇو جو گروپ انشورنس واري پاليسي سيڪورٽي پلان ٽائيپ جي پاليسي آھي، جنھن ۾ نقصان، موت، ڊس ايبل ٿيئڻ يا ڪرٽيڪل بيماري لڳڻ يا طئي ٿيل ٻيئن شرطن مطابق جمع ٿيل پيسن جي واپسي ٿي سگھي ٿي، سيڪورٽي پلان ۾ جڏھن سيڪورٽي جو مدو پورو ٿي ويندو آھي ۽ مُدي دئوران ڪنھن به سرڪاري ملازم کي ڪو به نقصان نه ٿيندو آھي جيڪو نقصان پاليسي جي شرطن ۾ شامل ھجي ته پوءِ ڪا به رقم واپس نه ٿيندي آھي، انشورنس پاليسين جون جمع ٿيل رقمون مُدي پوري ٿيئڻ کان پوءِ تڏھن واپس ٿينديون آھن جڏھن اھي انويسمينٽ پلان جي شڪل ۾ ھجن، انشورنس ڪمپني جي پاليسين کي ڪا به عدالت تبديل نه ٿي ڪري سگھي، ڇو ته اھي اسٽيٽ بينڪ جي پاليسين مطابق قانوني دائيرن ۾ ھونديون آھن، تبديلي جو حق صرف وقت جي سرڪار کي آھي جيڪا اسيمبلي ذريعي ترميم آڻي، سرڪاري ملازم جي گروپ انشورنس جي رقم ان جي رٽائيرمينٽ کان پوءِ ان کي ان جي زندگي ۾ به ڏياري سگھي ٿي، يا وقت جي سرڪار پاليسي کي تبديل ڪري به سرڪاري ملازمن جي گروپ انشورنس جمع ٿيل رقم يا ان جو ڪو حصو انھن کي انھن جي زندگين ۾ ڏئي يا ڏياري سگھي ٿي، گروپ انشورنس جي جمع ٿيل رقم رٽائيرڊ ملازمن جي وارثن کي تڏھن ملندي جڏھن، ملازم سروس دئوران فوت ٿي وڃي يا گروپ انشورنس ۾ اھو به شرط شامل ھجي ته رٽائيرمينٽ جي 5 سالن بعد فوت ٿيئڻ جي صورت ۾ به گروپ انشورنس ملڻي آھي ته اھا به وارثن کي ملي سگھندي، گروپ انشورنس ملڻ جون ٻيون صورتون ڪنھن استاد طرفان ميڊيڪلي اَن فٽ ٿيئڻ يا ڪنھن اھڙي بيماري ۾ ڊگھي عرصي تائين مبتلا رھڻ جنھن بيماري تي وڏو خرچ اچي سگھي ٿو ۾ ملڻ جا شرط به ٿي سگھن ٿا، نياڻي يا پُٽ جي شادي جي موقعن تي به گروپ انشورنس جي جمع ٿيل رقمن مان ڪجھ حصا ملي سگھن ٿا، اگر اھڙا شرط پليسي جو حصو ھجن ته، ٻيئن صورتن جھڙوڪ، رضاڪاراڻا طور تي 60 سالن جي عمر کان اڳ رٽائيرڊ ٿيئڻ، يا 60 سالن جي سروس مڪمل ڪندڙ ملازمن کي انشورنس ڪمپني جي طئي شدا پاليسي مطابق ڪنھن به پينشن کڻندڙ زندا ملازم يا پاليسي جو مدو پورو ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جي جمع ٿيل رقم جيڪا ھر مھيني ان جي سيڪورٽي جي مد ۾ ڪٽجي چڪي آھي سان قانون يا پاليسي ۾ تبديلي کانسواءِ نه ٿي ملي سگھي، اهي پيسه اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپريشن آف پاڪستان جي حق ۾ پاليسي جي ٽائيپ ۽ ڪنڊيشن مطابق ضبط ٿي ويندا رھيا آھن ۽ ضبط ٿيندا رھندا، تڏهن ته ان ناقص قانون کي بدلائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته قانون يا قانون مطابق پاليسين ۾ ترميم ڪئي وڃي، سيڪورٽي پلان جو ھڪڙو مثال اھو به آھي ته اگر ڪو رڪشي ڊرائيور پنھنجي سيڪورٽي جي لاءِ 10 رپيه روز جي حساب سان، سال ۾ 3650 پيه پريميم ادا ڪري ٿو ان طرح ھو سيڪورٽي پلان خريد ڪري ٿو ان جو مدو ھو 60 سالن جي عمر جي وچ ۾ 15 سالن کان ڪيترو به طئي ڪيترو سگھي ٿو ۽ شرط به لاڳو ڪرائي سگھي ٿو ته ھو ڪنھن بيماري يا حادثي جي صورت ۾ رڪشو ھلائڻ کان لاچار ٿي ڪمائڻ جھڙو نه رھيو ته انشورنس ڪمپني ان کي ھر مھيني طئي ٿيل رقم ڀري ڏيندي ۽ ان لاءِ ان کي روزانو يا ساليانو ڪو به پريميم ادا نه ڪرڻو پوندو، موت جي صورت ۾ نشورنس ڪمپني ان جي وارثن، زال ۽ ٻارن کي ھر مھين جو طئي ٿيل خرچ پڻ ڀري ڏيندي رھندي، مگر ساڳئي رڪشي ڊرائيور کي مقرر مدي تائين ڪو به نقصان نه ٿو ۽ اھو مدو گذري ويو ته جيڪو طئي ڪيو ويو ھو ته ان صورت ۾ سيڪورٽي پلان مطابق ان رڪشي مالڪ کي جمع ٿيل رقم مان ڪجھ واپس نه ٿيندو، اگر اھو ساڳيون پلان سيڪورٽي بجائي انويسٽمينٽ پلان ھجي ھا جنھن ۾ ھر سال ٿوري وڏي رقم پريميم جي طور ۾ ادا ڪرڻي پوي ھا ته ان صورت ۾ انھن کي سيڪيورٽيون به ملي سگھن ٿيون ۽ آخر ۾ جمع ٿيل رقم منعافي سان واپس به ٿي سگھي ٿي، سيڪورٽي پلان جو ٻيو مثال ڪنھن گاڏي، ڪار يا موٽر سائيڪل يا ڪنھن به قيمتي شئي جي انشورنس جو آھي، جنھن ۾ ھر مھيني ھڪ مقرر رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي جنھن سان ان گاڏي يا قيمتي شئي جي سيڪورٽي ٿئي ٿي، گاڏي يا قيمتي شئي تباھ ٿيئڻ سڙڻ يا چوري ٿيئڻ جي صورت ۾ انشورنس ڪمپني ڪليم داخل ٿيئڻ تي جانچ کان پوءِ ان عيوض نئين گاڏي يا يا قيمتي شئي جي عيوض مقرر رقم ڀري ڏيئڻ لاءِ پابند رھي ٿي، ان ۾ به ھڪ مدو طئي ٿئي ٿو جيڪو گذري وڃڻ کان پوءِ جمع ٿيل رقم مان ڪجھ به واپس نه ٿو ٿئي، مختلف انشورنس مپنين پينشن پلان به متعارف ڪرايا آھن، ڪو به شخص ڀلي سرڪاري ملازم نه به ھجي پينشن پلان وٺي سگھي ٿو، جنھن لاءِ ھو ھر سال پنھنجي مرضي سان طئي ڪيل امائونٽ پريميم جي صورت ۾ ادا ڪندو ويندو، 60 سالن جي عمر ٿيئڻ تي ان کي ھر مھيني ايئن پينشن وانگر ھر مھيني رقم ملندي رھندي جيڪا ڪنھن سرڪاري ملازم کي پينشن جي صورت ۾ ملندي رھي ٿي، ان پلان ۾ سيڪورٽي پلان شامل رھي ٿو، مدي اندر فوت ٿيئڻ جي صورت ۾ مقرر ناميني يا وارث کي ھر مھيني پينشن جي صورت ۾ رقم جاري ٿيندي رھي ٿي.
اگر ملڪ جي ٻيئن صوبن ۾ انھن صوبن جي حڪومتن رٽائيرڊ سرڪاري ملازمن کي پينشن کان علاوا گروپ انشورنس جا پيسه سندن زندگين ۾ گريڊ وائيز ڏيئڻ شروع ڪيا آھن، ته انھن حڪومتن قانونن ۽ پاليسين ۾ تبديليون آنديون ھونديو. سنڌ ۾ ھيٺيان مرحلا طئي ٿيئڻ بغير ڪنهن به پينشنر کي هڪ ٽڪو به گروپ انشورنس جي جمع ٿيل پيسن مان سندن ڪمپلسري رٽائيرمينٽ کان پوءِ سندن زندگي ۾ نه ملي سگھي جيستائين وقت جي حڪومت قانونن ۽ پاليسين ۾ تبديلي نه ٿي آڻي، اهي مرحلا ھي ٿي سگھن ٿا جن جي مڪمل ٿيئڻ کان پوءِ گروپ انشورنس جون رقمون رٽائرڊ ملازمن کي ملي سگھن ٿيون.
1. پهرين مرحلي ۾ سنڌ اسيمبلي، گروپ انشورنس جي پاليسي يا قانون ۾ اھڙي ترميم ڪري جنھن سان گروپ انشورنس جا جمع ٿيل پيسه ھر رٽائيرڊ ملازم کي بغير ڪنھن نقصان رسڻ جي رٽائيرڊ ٿيئڻ کان پوءِ کيس سندس ئي زندگي ۾ ملي سگھن، جن به پينشنرزن، گروپ انشورنس، جي وصولي لاء چيف سيڪريٽري، لاسيڪريٽري يا پنهنجن ڊپارٽمينٽن کي درخواستون ڏنيون آهن، انهن کي جواب به ڏنو ويو آهي ته قانون سازي ڪرڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، قانون سازي کان پوءِ ئي، گروپ انشورنس جي جمع ٿيل رقم جي وصولي لاءِ ڪليم داخل ڪرائي سگهبا، ڪورٽ جو ڪم قانون سازي ڪرڻ نه پر قانون جي تشريح ڪرڻ ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ آھي.
2. ٻين مرحلي ۾ جڏھن فنانيس ڊپارٽمينٽ يا انشورنس ڪمپني فنڊز يا رقمون جاري ڪرڻ ڪرڻ لاءِ قانون موجب لکيو ويندو ته ان ۾ طور طريقا، رولز ريگيوليشن ۽ ڪليم فارم جا نمونا، شرط شروط به شامل ھوندا.
3. ٽئين مرحلي ۾ اهي ڪليم فارم، رٽائيرڊ ملازم پنهنجين، پنهنجين مجاز اٿارٽين ۽ آفيسن، ڊپارٽمينٽن ۾ جمع ڪرائيندا، جيڪي اسٽيٽ لائف انشورنس ڪاروريشن آف پاڪستان ڏانهن فارورڊ ڪيا ويندا يعني ٿرو پراپر چينل ڪم ٿيندو ۽ ايئن رقمون جاري ٿي سگھنديون.
4. چوٿين مرحلي ۾ جيڪا اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان پيمينٽ ڪندي، اها ڪراس چيڪن ذريعي هوندي، اها به ٿرو پراپر چينل ٿيندي. اڃان ته گورنمينٽ پهريون مرحلو ئي طئي نه ڪيو آهي، ته پوء اسان جا اٻوجھ پينشنرز ٺڳن جي چالبازين ۾ ڪيئن ٿا ڦاسن ۽ ڇو ٿا ڦاسن؟ انهن کي خبردار ڪجي ته اهي ٺڳن جي ورن وڪڙن ۾ نه اچن ۽ پاڻ کي ڦرجڻ کان بچائين، ڇو ته ٺڳين وارا اھڙا ڌنڌا رٽائيرڊ استاد نه پر رٽائيرڊ ڪامورن شروع ڪيا آھن، جن کي سمورن معاملن ۽ قاعدن قانونن جي خبر به آھي.










