اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي سعودي عرب جو دورو ڪندو،ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري دوران مختلف ترقياتي منصوبن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جڏهن ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي به پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ويندي.ذريعن موجب ريڪوڊڪ تي سعودي عرب کان هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي، ان کان علاوه زراعت سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ به سعودي عرب سان سهڪار جاري آهي.










